منهنجو نالو برڪت علي آهي، ذات جو سخيراڻي، اصل دادو جو رهاڪو آهيان۔ هيل حيدرآباد ۾ ملازمت سانگي ڪم ڪري رهيو آهيان۔ روزانه مهراڻ اخبار ۾ منهنجي ڊيوٽي آهي۔ جڏهن ته رهائش ڪوٽڙي ۾ اٿم۔ سنڌ سلامت جي مشهوري جو ٻُڌي ان کي جوائن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، ان اميد سان ته مون کي هتان گهڻو ڪجهه سکڻ لا ملندو۔
جواب: منهنجو تعارف برڪت علي سخيراڻي صاحب کي سنڌ سلامت جي سنڌ دوست اوطاق تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ ادا برڪت علي، اميد ته اوهانکي سنڌ سلامت جي اوطاق تي سنڌ دوستي جو سمورو مواد ملندو ۽ اها به آس آهي ته سنڌ سلامت جي دوستن کي پڻ اوهانجي رهنمائي حاصل ٿيندي ۔۔۔ دادو ضلع جي سخيراڻي قبيلي جو ذڪر جڏهن به ايندو ته سنڌ جو سهڻو راڳي منظور سخيراڻي ضرور ياد ايندو ۔۔۔ جنهن سنڌ ۽ سنڌيت تي ڪيترائي سهڻا گيت ڳائي سنڌين کي اتساهيندي رهيو آهي ۔۔۔ اميد ته اوهان به ساڳي ريت نڀائيندي سنڌ ۽ سنڌيت لئه پاڻ پتوڙيندا ۔۔۔ سنڌ سلامت اوطاق جي خوشنصيبي آهي جو اوهان جهڙن دوستن جو ساٿ نصيب ٿيو آهي ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: منهنجو تعارف محترم دوست برڪت علي سخيراڻي صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي پرچارڪ لاء ڪوشان آهي۔ اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔ سنڌ سلامت سڀني دوستن کي لکڻ جي پوري آزادي مهيا ڪري ٿي۔ اوهان اخبار سان واڳيل آهيو تنهنڪري اوهان کي لکڻ کپي۔ اوهان جي ساٿ ۽ شيئرنگ جو انتظار رهندو۔
جواب: منهنجو تعارف برڪت علي سخيراڻي صاحب کي سنڌ سلامت جي سنڌ دوست اوطاق تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ دادو ضلع جي سخيراڻي قبيلي جو ذڪر جڏهن به ايندو ته سنڌ جو سهڻو راڳي منظور سخيراڻي ضرور ياد ايندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪو منهنجو پسنديده ڳائڻو آهي [/center][/img]