ان رات بجلي ڪانه هئي ۔۔۔۔ شايد ڪنهن فالٽ سبب اڪثر علائقن جي بجلي بند ٿي وئي۔ سخت اونداهي رات هئي ۽ مان گهر جي ڇت تي ٻاهر نڪري چهل قدمي ڪرڻ لڳس ۽ آسمان ۾ چنڊ ڏانهن تڪڻ لڳس ۔۔۔۔۔۔ ان رات اونداهي سبب چنڊ پنهنجي جوڀن تي هو ۽ سندس خوبصورتي ڏسڻ وٽان هئي پوء مونکي ڪي خيال ورائي ويا ۽ ياد آيو هن جو سوال ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
هن مونکان هڪ دفعي پڇيو هو ته ڪير وڌيڪ خوبصورت آهي ؟ چنڊ يا مان ؟؟؟
مان ڪجهه وقت لاء چپ رهيس ته هن جي به پريشاني وڌي وئي ۔۔۔۔۔۔۔
مون کيس جواب ۾ چيو ته اها مونکي به خبر ناهي ته ڪير وڌيڪ خوبصورت آهي پر جڏهن مان چنڊ ڏانهن تڪيندو آهيان ته تنهنجي ياد اچي ويندي آهي ۽ جڏهن مان توکي ڏسندو آهيان ته مونکان چنڊ وسري ويندو آهي ۔۔۔۔