• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بوندون يا لڙڪ

سنڌي نور

سينيئر رڪن
200643_193589430683300_100000967330374_464748_4577094_n.jpg
سڀني ڀائرن کي منهنجو سلام مان پنهنجو هي نظم توهان سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن سميت ساري دنيا جي سڀني سنڌين سان ونڊ پئي ڪريان اميد ته توهان سڀني کي پسند ايندو توهان جِي حوصلا افزائي منهنجي لاءِ مشعل راهه هوندي۔​

شاعره: سنڌي نور

ڌرتي وارن جا درد ڏسي

هٿ دعا لاء مٿي کئيا ته

منهنجي هٿن ۾

ڪجھ بوندون ڪريون

مون سوچيون ،،،،،،

شايد ڌرتي وارن کان وڌيڪ

آڪاش،،،،،،،

ڏۡکويل آهي

جيڪو ڌرتي کي

پنهنجا درد،،،،

روئي پيو ٻڌائي
 
جواب: بوندون يا لڙڪ

آڪاش،،،،،،،

ڏۡکويل آهي

جيڪو ڌرتي کي

پنهنجا درد،،،،

روئي پيو ٻڌائي

لاجواب نظم

آڪاش به شايد اسان جا حال ڏسي ڏکارو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بهترين سوچ ۽ سهڻا لفظ
 
جواب: بوندون يا لڙڪ

ڀيڻ سنڌي نور جا حب الوطني سان ٽمٽار خيال، جنهن ۾ آسمان به سنڌ جي سورن تي روئي ٿو ۔۔۔

ڀيڻ! اصل ۾ اسين سڀ ۽ اسان کان اڳ به ڪيترائي سنڌي ڏاها، سنڌ جا سور ٻڌائيندا رهيا آهن ۽ سنڌ جي سورن جا مرثيا ڳائيندا رهيا آهن، پر الائجي ڇو سنڌي قوم پنهنجن ڪنن ۾ ڪپهه وجهي اگهور ننڊ ۾ ستل آهي ۽ سڏ ورنائي نه پئي ۔۔۔؟ سنڌ جي فڪري دنيا ته ڏاهپ ۽ سڏن سان ڀري پئي آهي پر عملي دنيا ۾ اسين هر روز پوئتي پوندا وڃون ۔۔۔

پر پو به ان جو مقصد اهو ناهي ته اسين سڏ ۽ سڏڪا ڀرڻ ڇڏي ڏيون، اميد ته اوهانجا خيال ۽ سڏ ساڀيان ٿيندا ۽ هڪ ڏينهن سنڌي قوم پاڻ ملهائيندي ۔۔۔ اوهين لکندا رهو ۽ اسانکي سهڻا گيت ڏيندا رهو ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
 
جواب: بوندون يا لڙڪ

خيالن تي غور ڪجي ته سوچ ڪافي ڏور وٺي ويندي۔۔ ۽ ذهن الجهي الجهي ۽ الجهي ٿو وڃي۔۔ ۽ صورتحال جهنجهلائي ٿي وجهي ان وقت از خود ڏند ڀروٽجي ٿا وڃن ۽ چهرو سخت ٿو ٿي وڃي ۔۔۔ تڏهن ئي سوچ ڌوڻو ڏئي صلاح ٿي ڏئي ته ڇو آخر ڇو اسان کي درد سهي ڳوڙها ڳاڙڻ گهرجن۔۔ اسان جو دشمن اسان جي ڳوڙهن کي ڏسي ئي ته اسان جي مٿان حاوي ٿيو آهي ۔۔
منهنجي نظر ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ بزدلي چئبي اسان کي ڏند ڀروٽي منهن تي ايندڙ سختي سان دشمن کي ڏسڻ گهرجي ۽ جي متحد ٿي هٿ ڀروٽي مڪو نه ٿا بڻجي سگهون ته پنهنجي چهري کي سخت بڻائي دشمن کي پنهنجي اکين سان نفرت ته ڏيکاري ٿا سگهون نه۔۔۔ يقينن اڄ جي نفرت اڳتي هلي طاقت گڏ ڪندي ۽ دشمن اسان جي طاقت ڏسي ڀڳو ته پٺيان لوڻو هڻي ڏسي به نه سگهندو۔۔۔
 
جواب: بوندون يا لڙڪ

مهرباني سائين نثار ابڙو ۽ سائين رشيد سمون توهان جا لک ٿورا جو منهنجي نظم تي تفصيل سان جواب ڏنو تمام ًگهڻي خوشي ٿي۔
 
Back
Top