
سڀني ڀائرن کي منهنجو سلام مان پنهنجو هي نظم توهان سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن سميت ساري دنيا جي سڀني سنڌين سان ونڊ پئي ڪريان اميد ته توهان سڀني کي پسند ايندو توهان جِي حوصلا افزائي منهنجي لاءِ مشعل راهه هوندي۔
شاعره: سنڌي نور
ڌرتي وارن جا درد ڏسي
هٿ دعا لاء مٿي کئيا ته
منهنجي هٿن ۾
ڪجھ بوندون ڪريون
مون سوچيون ،،،،،،
شايد ڌرتي وارن کان وڌيڪ
آڪاش،،،،،،،
ڏۡکويل آهي
جيڪو ڌرتي کي
پنهنجا درد،،،،
روئي پيو ٻڌائي