يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
گولاڙچي (رپورٽ: رضا آڪاش خاناڻي) بدين ۾ برساتي ٻوڏ سبب ضلعي جا 325 شاگرد ۽ شاگردياڻيون نائين ۽ يارهين جا انرولمينٽ فارم نه ڀري سگهيا، تعليمي بورڊ نئين تاريخ جو اعلان نه ڪيو، اميدوارن جو سال ضايع ٿي ويو، تفصيل موجب بدين ضلعي ۾ برساتي ٻوڏ جي نتيجي ۾ اسڪول ۽ ڪاليج بند هجڻ توڙي ڳوٺ ۽ شهر ٻڏي وڃڻ کانپوءِ ٽن مهينن تائين رليف ڪيمپن ۽ دربدري ۾ شهر ٻڏي وڃڻ سان گڏ زندگي بسر ڪندڙ ضلعي جا نائين ۽ يارهين ڪلاسن جا 325 شاگردياڻيون ۽ شاگرد انرولمينٽ فارم نه ڀري سگهيا، بورڊ انتظاميا توڙي تعليم کاتي ان سلسلي ۾ ڪي به قدم ناهن کنيا، نتيجي ۾ انرولمينٽ کان رهجي ويل ضلعي جا سمورا برسات متاثر شاگرد ۽ شاگردياڻيون هن دفعي سال 2012ع جي سالياني امتحان ۾ ويهي نه سگهندا، سندن سال ضايع ٿيڻ سان گڏوگڏ سندن مستقبل پڻ داءُ تي لڳي ويو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ حيدرآباد بورڊ ۽ وزارت تعليم پاران ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ويو، جنهن ڪري متاثر شاگرد ۽ شاگردياڻيون توڙي سندن والدين ۽ استاد سخت پريشان آهن، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب گولاڙچي ۽ کورواهه جي 50، بدين جي 20، ترائي جي 7 شاگردن سميت ڪڍڻ، سيراڻي، تلهار، ماتلي، پنگريو،ٽنڊوباگو ۽ ٻين متاثر علائقن جا 325 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون انرولمينٽ فارم نه ڀرجي سگهڻ ڪري پريشان آهن، ٻئي طرف انرولمينٽ کان رهجي ويل ضلعي جا برسات متاثر شاگرد، شاگردياڻيون ۽ سندن والدين توڙي استاد هڪ مهيني کان بورڊ آفيس جا چڪر هڻي ٿڪجي مايوس ٿي ويهي رهيا آهن، پر حيدرآباد بورڊ انتظاميا کي مٿن ڪو به ترس ناهي آيو، واضح رهي ته بورڊ پاران هن دفعي 31 آڪٽوبر 2011ع تي ڏنل انرولمينٽ فارمن جي آخري تاريخ ختم ٿيڻ کانپوءِ ليٽ فيس سان فارم وصول ڪرڻ لاءِ نئين تاريخ جو هڪ مهينو گذرڻ باوجود اعلان ناهي ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول گولاڙچي جي پرنسپال صاحب خان لغاري چيو ته برسات متاثر علائقن جا شاگرد چئن مهينن کان دربدر آهن، سندن ڳوٺ ۽ شهر ٻڏي ويا، اهي ڀلا بورڊ پاران مقرر ڪيل گذري ويل تاريخ تي وقت تي ڪيئن ٿا انرولمينٽ فارم جمع ڪرائي سگهن، هن چيو ته آئون ان سلسلي ۾ بورڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان پڻ مليس، پر ڪو به خاطر خواهه جواب نه مليو، رڳو آسرا ڏنا ويا، هن چيو ته حيدرآباد بورڊ جي هوڏ سبب سوين متاثر نياڻين ۽ شاگردن جو سال ضايع ٿي رهيو آهي، پر ڪنهن کي به ڪا پرواهه ڪونهي، نياز ميمڻ، الطاف ميمڻ، واحد رند ۽ ٻين استادن چيو ته اسان بورڊ جا چڪر هڻي ٿڪي پيا آهيون، پر ڪو به کڙ تيل ناهي نڪتو، ڪير به دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته سرڪار ۽ بورڊ بدين ضلعي جي برسات متاثر شاگردن سان ظلم ڪري رهيا آهي، هنن چيو ته اسان حڪومت سنڌ، بدين مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ گورنر سنڌ کي اپيل ٿا ڪيون ته هن اهم معاملي جو فوري طور تي نوٽيس وٺي متاثر شاگردياڻين ۽ شاگردن جو سال ضايع ٿيڻ ۽ مستقبل داءُ تي لڳڻ کان بچايو وڃي، هنن چيو ته فارم وصول ڪرڻ جي نئين تاريخ جو اعلان ڪري متاثر علائقن جي شاگردن جي في معاف ڪئي وڃي.
متاثر شاگردن ۽ شاگردياڻين عروج فاطمه، شريف نهڙيو، يعقوب جت، ڀيلچند، مختيار ڀرڳڙي، زاهد جمالي، گل محمد ۽ ٻين چيو ته اسان چئن مهينن کان ڪئمپن ۽ روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل هئاسين، بورڊ پاران مقرر ڪيل تاريخ جي اسان کي ڄاڻ ئي ڪا نه پئي ۽ في جا پئسا به نه هئا، جنهن ڪري اسين وقت تي انرولمينٽ نه ڪرائي سگهياسين، هنن چيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن توڙي بورڊ آفيس جا چڪر هڻي ٿڪجي مايوس ٿي ويهي رهيا آهيون، هنن چيو ته حڪومت اسان جي مدد ڪري ۽ اسان جو سال ضايع ٿيڻ کان بچائي، اسان ڏاڍا پريشان حال آهيون، ڪير دانهن ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهي.
!
انرولمينٽ فارم ڀرائڻ کان رهجي ويل اڪثر اميدوارن ۾ اهي غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون شامل آهن، جيڪي ٻوڏ دوران دربدري سبب پئسا نه هجڻ ڪري پنهنجا فارم نه ڀري سگهيا، جڏهن ته سرندي وارن شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجا فارم ڀرائي ڇڏيا.