• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جهرمر اکڙيون

سنڌي نور

سينيئر رڪن
مان همشه جيان اڄ به دوست جي دڪان تي ويس شام ٿي چڪي هئي......

منهنجو دوست پنهنجي دڪان جي ڪم ۾ مصروف هيو مون پنهنجي کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکايو ۽ پهرين ئي ڪش سان منهنجي نظر سامهون واري دڪان تي پئي، جيڪو ڪپڙن جو دڪان هو ، جتي هڪ پر ڪشش ڇوڪري دڪان ۾ ويٺل ماڻهن کان خيرات پني رهي هئي ،،،،،

منهنجي نظر هن جي چهري تي پئي هن جا لب خشڪ هئا،

هن اکين ۾ نه سمجھ ۾ ايندڙ هڪ عجيب ڪشش هئي. دڪان تي ويٺل ماڻهن جي سامهون هٿ ڦلائي بيٺي هئي،،شايد گھرڻ هن جو ڪم هيو يا مجبوري پر مون کي هن جا ڦلايل هٿ ڏسي خراب پئي لڳو مان پنهنجي ئي سوچن ۾ سگريٽ جو هڪ ٻيو ڪش لڳايو ۽ هن جي اکين کي گھوريندو رهيس هو دڪان تي هٿ ڦلائي بيٺي رهي دڪان ۾ ويٺل هڪ ماڻهو ڇوڪري جي هٿ کي پڪڙي هن سان بد سلوڪي سان پش اچڻ لڳو ۽ هن ڇوڪري جون اکيون لڙڪن ۾ ڀريل جھرمر ٿيڻ لڳيون منهنجي اندر ۾ جھڙو ڪر باھ لڳي هجي مونکي تمام گھڻي ڪاوڙ ٿي آئي ۽ مون ڪاوڙ ئي ڪاوڙ ۾ سگريٽ جا ٻه ڪش لڳايا ،،،

هن جي اکين ۾ لڙڪن جي جھرمر مان لڙڪ ته نه ڪريو پر منهنجي ئي سگريٽ جو هڪ ڦلو ڪريو ۽ منهنجو هٿ سڙي ويو مونکان رڙ نڪري وئي، منهنجي ان دانهن تي ان شخص هن ڇوڪري جو هٿ ڇڏي ڏنو۽ هوء مون ڏي ڏسندي ڏسندي هلي وئي۔

مان پاڻ کي ئي نه سمجھي سگھيس ته اها دانهن منهنجي اندر ۾ ٻرندڙ باھ جي هئي يا سگريٽ جي۔


سنڌي نور
هڪ ننڍڙي ڪهاڻي



img

 
جواب: جهرمر اکڙيون ٌٌ

سماج ۽ سماج جي ڇاڙتن جي هٿان روزانو اهڙيون سوين ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون ۔۔۔۔۔۔ احساس اڀرن ٿا ۽ ڪيئي احساس چيڀاٽيا وڃن ٿا، ڪي آواز اڀرن ٿا ته ڪيئي آواز دفنايا وڃن ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔ سماج جي عڪاسي ۔۔۔۔ سٺن ۽ مختصر لفظن ۾ بيان ڪيل وارتا ۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: جهرمر اکڙيون ٌٌ

خوبصورت لفظن ۾ مختصر سٺي معني خيز ڪهاڻي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: جهرمر اکڙيون

ٿورا ادا سليمان وساڻ ۽ ادا عرس،
منهنجي ننڍڙي ۽ اڌوري احساسن تي لکيل ڪهاڻي پسند ڪرڻ لاء، شايد ڪو سٺو ليکڪ هجي ها ته ان موضوع تي گهڻو ڪٍجھ لکي سًگهي پيو،
پر منهنجا هي ننڍڙا ۽ مختصر خيال توهان سڀني جي اڳيان آهن۔
 
جواب: جهرمر اکڙيون

ادي سنڌي نور ڪهاڻي ته اوهان جي وقعي ننڊي هئي پر ان ۾ ڏنل پيغام تمام وڏو هئو۔هر ذي شعور ماڻهون کي سوچڻ گهرجي ته اهئي ڪهڙا حالت آهن جن نياڻين کي ٻين جي اڳيان هٿ ڦهلائڻ لاء مجبور ڪيو آهي ۽ انهن مجبورن جي ڪارڻ انهن نياڻين جي تذليل نه ڪئي وڃي۔سٺي فڪر تي اوهان جي لکيل مّختصر ڪهاڻي اسان جي دل تي گهرو اثر وڌو آهي۔ادي اهو ڪڏهن به نه سوچو ته وڏا وڏا ليک وڏو اثر ڪندا آهن۔هڪ ننڍو پٿر به درياه جي ساڪن لهرن ۾ ڀونچال آڻيندو آهي۔ڪڏهن ڪڏهن هڪ ننڍو جملو به وڏو اثر ڪندو اهي جڏهن ته وڏا وڏا جملا به بي معني ٿي ويندا آهن۔
 
جواب: جهرمر اکڙيون

مهرباني ادا مصطفي ميمڻ ادا ڪهاڻيون يا ليک مون گهٽ لکيا آهن، هي ننڍڙي سوچ هئي جيڪا توهان سڀني جي نظر مون هڪ ڪهاڻي جي روپ ۾ ڪئي آهي، اميد ته ڪا غلطي هوندي ته ضرور ان تي نظرثاني ڪندا،
مهرباني توهان ڀائرن جي۔
 
Back
Top