• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حُسيني حدف

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
حسيني هدف ظلم سان بغاوت
حسيني هدف انساني سعادت


حسيني خود موت جو منتخب
حسيني هدف انساني غيرت

حسين محافظ دستورِ الاهي
حسيني هدف انساني عبادت

حسين حق جو‌آهي محسن
حسيني هدف مشاورت

حسين ظلم و جفا جو دشمن
حسيني هدف شوقِ شهادت

حسين وارثِ ڪل انبياء جو
حسيني هدف رسالت جي حفاظت

حُسين مرده ضميرن جي دوا
حسيني هدف بيداريءِ شرافت

حسيني کي ياد رهي حسيني
حسيني هدف ڪمالِ معرفت

جي انسان ۾ اچي ڪا ڪثافت
حسيني هدف ان جي طهارت

ڏاڏل حسين حق جو نور
حسيني هدف عدالت و شجاعت
 
Back
Top