مگسي
سينيئر رڪن
شاعر- پريمي مڱريو
تون ياد آئين
آيو موٽي بھار تون ياد آئين
ڪوئل ڪئي ڪوڪار تون ياد آئين
برسات پئي گلزاري وڌي وئي
سرسبز ٿيو سنسار تون ياد آئين
انبن ڦل جام ڪيو انبڙين جو
ٺاھيوسين اچار تون ياد آئين
ھر سال جيان ھيل بھ وري ساڳي
ڪونجن گذري قطار تون ياد آئين
منھنجي سامھون کيڏندي”پريمي”
ڀاڪرين پيا ٻھ ٻار تون ياد آئين
ڪوئل ڪئي ڪوڪار تون ياد آئين
برسات پئي گلزاري وڌي وئي
سرسبز ٿيو سنسار تون ياد آئين
انبن ڦل جام ڪيو انبڙين جو
ٺاھيوسين اچار تون ياد آئين
ھر سال جيان ھيل بھ وري ساڳي
ڪونجن گذري قطار تون ياد آئين
منھنجي سامھون کيڏندي”پريمي”
ڀاڪرين پيا ٻھ ٻار تون ياد آئين