محرم الحرام جي مناسبت سان محترم رضا بخاري پاران عقيدت جو اظهار
غمزده، زخمي، اُڃارن جو سفر
ڪربلا کان شام وارن جو سفر
قافلا سالار ٿو روئي لهو
درد سان پُر دلفگارن جو سفر
راهِ حق تي مختصر هڪ قافلو
ٻاٽ ۾ روشن ستارن جو سفر
آ وڇايل روح ۾ فرشِ عزا
۽ اکين ۾ آبشارن جو سفر
ذهن ۾ اڄ ڀي ٻَري ٿي ڪربلا
سوچ _ پيرن لئه شرارن جو سفر
غمزده، زخمي، اُڃارن جو سفر
ڪربلا کان شام وارن جو سفر
قافلا سالار ٿو روئي لهو
درد سان پُر دلفگارن جو سفر
راهِ حق تي مختصر هڪ قافلو
ٻاٽ ۾ روشن ستارن جو سفر
آ وڇايل روح ۾ فرشِ عزا
۽ اکين ۾ آبشارن جو سفر
ذهن ۾ اڄ ڀي ٻَري ٿي ڪربلا
سوچ _ پيرن لئه شرارن جو سفر
