[JUSTIFY]محترم امر گُل صاحب جو سنڌي ٻوليء ۾ خوبصورت ڪيليگرافي سان گڏ شاعري پيش ڪرڻ جو پنهنجو انداز ۽ خوبصورتي آهي۔ سندس خوبصورت شعر ۽ شاندار ڪيلگيرافي حاضر آهي :[/JUSTIFY] ذهن هو توکي چيو، پيار آهي روڳ دل ۔۔!! تو ته سمجهيو ڀوڳ هو، هاڻي ويٺي ڀوڳ دل ۔۔ !!
جواب: تو ته سمجهيو ڀوڳ هو، هاڻي ويٺي ڀوڳ دل ۔۔ !!!!! هاڻي ويٺي ڀوڳ دل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دل جو ته ڪم ئي ڀوڳڻ آهي پئي ڀوڳي پوء لاتئين ڇو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: تو ته سمجهيو ڀوڳ هو، هاڻي ويٺي ڀوڳ دل ۔۔ !!!!! امر گل صاحب جي پيشڪش بيشڪ وڻندڙ ۽ نرالي آهي ۔۔۔ اوهانجي پسند به لاجواب آهي، پر اسانکي انهن ننڍڙن جملن ته اصل سوچ جي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي ۔۔۔ ڀوڳن ڀوڳن ۾ ڀوڳڻو پيو آهي ۔۔۔ پهريان سمجهيو سي ته کيل آهي پر هاڻ ته اهو کيل ئي زندگي آهي ۔۔۔ ڀوڳنائون ته گهڻيون ئي پر دل جون ڀوڳنائون اهڙيون جو هڪ ئي پل ۾ جيئرا ٿيو وڃون ته ٻي ئي پل مات ۔۔۔ بس ڙي ادا سليمان دل جا ڀوڳ به ڪير ڪير ٿو ڀوڳي ۔۔۔ جڙيا هجو شال
جواب: تو ته سمجهيو ڀوڳ هو، هاڻي ويٺي ڀوڳ دل ۔۔ !!!!! انهي ڀوڳ جو به هِڪ پنهنجو لُطف آهي سائين۔ جيئن بِنا بيماري جي صحتيابي، بنا ڏکن جي سُک ۽ بنا روڳ جي پيار جي صحيح خبر ناهي پوندي تيئن وري بنا ڀوڳنا جي زندگي جو قدر ناهي۔ اها حقيقٽ آهي ته دل لڳي جو لڳڻ هڪ مذاق هُجي ٿو پوءِ اهو ڪڏنهن ڀوڳ ڪڏنهن روڳ ته ڪڏنهن سوڳ آهي پر انهي وچ ۾ (اوهان جي سچائي سان مشروط) ڪي پل اهڙا به ايندا آهن جيڪي انهن روڳن، ڀوڳن ۽ سوڳن جي بِدولت ئي وڌيڪ حسين ۽ وڻندڙ لڳندا آهن۔ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ته زندگي ته انهن پل ۾ ئي جي ورتي سين۔ هاڻي ته بس وقت جي وهڪري سان پيا وهون۔۔ زندگي ته هونئن به مٿي ڏنل ڪيليگرافي جي پنن جيان آهي جنهن جي شروعات پهرين ۽ خاتمو آخري پن جيان آهي۔ وقت سڀني جو گُذري ويندو آهي پر درد جي دريا مان پار ڪندڙن کي زندگي جو قدر ۽ حسين پل جي يادگيري وڌيڪ رهندي آهي۔