اڃان جاري آهن

'سنڌي شاعري' فورم ۾ قمرالدين طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2011۔

  1. قمرالدين

    قمرالدين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    شاعري
    جانِ عالم سومرو


    طوطن جون تنوارون اڃان جاري آهن
    لڙڪن جون لارون اڃان جاري آهن

    تنهنجون راهون نهاري ٿڪو آهيان،
    صبٍح شام اوڇنگارون اڃان جاري آهن،

    اڃان پن ڇڻ جي موسم آئي ته ناهي،
    بوندون ۽ بهارون اڃان جاري آهن،

    اداس نه ٿي جي ڪنول ڪوماڻا
    گلن تي پوپٽ اڏارون اڃان جاري آهن،

    سڄي سنڌ اٿي پئي آهي مگر،
    لٽون ڦرون مارون اڃان جاري آهن،

    مسڪين ڳڀي ٽڪر لئه اداس آهي،
    وحشي بازن جون اڏارون اڃان جاري آهن،

    ظالمن جا ستم سهي ٿڪا آهيون،
    وڏيرن جون ونگارون اڃان جاري آهن،

    مارئي اڄ به قيد آهي ڪوٽن ۾،
    تنبوري جون تارون اڃان جاري آهن،

    سسئيون سهسين ستم سهن پيون،
    هرپل پنهونء پڪارون اڃان جاري آهن،

    ناهي عالم جي اندر ۾ ڪو ٻيو سومرا،
    تنهنجون سانڍيل سارون اڃان جاري آهن۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اڃان جاري آهن

    بهترين شيئرنگ آهي ادا

    پر جيستائين هاڻي سنڌي هڪ ٿي گڏجي جدوجهد نه ٿا ڪن تيستائين اهي سور اسان جي نصيب ۾ لکيل آهن۔
     
  3. قمرالدين

    قمرالدين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اڃان جاري آهن

    مهرباني ادا
     
  4. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    جواب: اڃان جاري آهن

    ادا منهنجي شاعري موڪلڻ تي آئون اوهان جو شڪر گذار آهيان
     
  5. قمرالدين

    قمرالدين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اڃان جاري آهن

    هرباني سڀن جي
     
  6. قمرالدين

    قمرالدين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اڃان جاري آهن

    مهرباني سڀن جي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو