سر ڪيڏارو روشن جي [JUSTIFY]لطيف سائين جا سڀ سر مانائتا آهن پر انهن سڀني سرن مان سر ڪيڏارو سرتاج سر آهي ڇاڪاڻ ته سر ڪيڏارو ۾ لطيف سائين واقعه ڪربلا تي جيڪي شعر چيا آهن انهن شعرن مان شاهه سائين جي اهلبيت سان محبت جو اظهار ملي ٿو. اها حقيقت آهي واقعه ڪربلا حق و باطل جو داستان آهي ۽ انهيءَ داستان تي دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ شعر، نظم ۽ نثر نگاري ٿيل آهي. پر جيڪا وضاحت ۽ منظر ڪشي لطيف سرڪار ڪئي آهي، اها دنيا جي ڪنهن به ٻولي ۾ نٿي ملي. سر ڪيڏارو کي جيڪڏهن اسان صحيح تشريح ۽ فلسفي ۾ سمجهون ته اسين حق و باطل، ظلم ۽ انصاف، محبت ۽ وحدانيت سان پيار جي مفهوم کي تمام سهڻي نموني سمجهي پنهنجي زندگي کي سهڻي نموني گذاري سگهون ٿا. شاهه سائين سُر ڪيڏاري ۾ پنهنجو پاڻ کي ڪربلا جي ميدان تي ڏيکارين ٿا.شاهه سائين جي انهيءَ فلسفي ۽ روحانيت مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته واقعه ڪربلا جي اهميت ڪيتري ته مانائتي آهي. سُر ڪيڏارو جو علمِ موسيقي ۾ روحاني طور تي غمگين اثر آهي ۽ لطيف سائين انهيءَ جي ڪري ئي سُر ڪيڏارو جي چونڊ ڪري واقعه ڪربلا ۽ امام حسين عه جي شان ۾ شعر چيا آهن. برصغير پاڪ و هنن ۾ سُر ڪيڏاري ۾ اڪثر ڪري ڏکايل ۽ افسوس وارا ائٽم ڪمپوز ٿيا آهن، شاهه عبدالطيف ڀٽائي تصوف ۽ صوفي ازم ۾ هڪ روحاني موسيقار جي حيثيت رکن ٿا انهيءَ ڪري پاڻ پنهنجي هر سُر کي ڪنهن نه ڪنهن راڳ سان منسوب ڪيو آهي. اهڙي طرح سر ڪيڏارو جي چونڊ ۽ ان ۾ چيل شعر لطيف سائين جي سرن جي باري ۾ ڪلاسيڪل ڄاڻ جي اهميت ٻڌائين ٿا. سُر ڪيڏارو جي هر شعر ۽ بيت کي جيڪڏهن روحاني طور تي پڙهيو وڃي ته انسان کي دنيا ۾ صبر، همت، حوصلي ۽ محبت جو پيغام ملندو. انهيءَ سان گڏو گڏ انسانيت سان پيار وحدانيت سان پيار جو به درس ملي ٿو. سُر ڪيڏارو کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ عبادت آهي. سُر ڪيڏارو جي صحيح نموني ۽ لطيف سرڪار جي اصل فلسفي جي روشني ۾ Study ڪيو وڃي ته منهنجو ايمان آهي ته ماڻهو هن دنيا ۾ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف سراپا احتجاج ٿي ويندو ۽ امن، محبت، ڀائيچاري ۽ انسانيت سان پيار سان گڏو گڏ وحدانيت جي پرچار جو علمبردار ٿي ويندو ۽ اهو ئي لطيف سرڪار جي شاعري جو پيغام ۽ فلسفو آهي. ڏِٺو مُحَرَّمُ ماهُ، سَنڪــو شَهـزادَنِ ٿِـيـو؛ ڄاڻي ھيـڪُ اَللهُ، پاڻَ وَڻَندِيُون جو ڪَري. مُحَرَّمَ موٽِي آئِيو، آئِيا تان نه اِمامَ؛ مَدِيني جا ڄاَم مؤلا، مُون کي ميڙِئين! مِيرَ مَدِينِئان نِڪِري آئِيا نه موٽِي؛ ڪارا رَڱِج ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي! آن تنِين لَءِ لوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئـِيا. سَخِتي شَھادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلا رُ؛ ذَرو ناهِ يَزِيدکي، اِي عِشَقَ جَوآثارُ؛ ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصُلُ اِمامَنِ سين. سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ؛ رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِيي ڪَربَلا جو. لطيف سائين سر ڪيڏارو کي درس طور پڻ پيش ڪيو آهي. ته جيئن پڙهندڙن کي حسينيت ۽ يزيديت جي فرق جي سڃاڻ ڪرائي وڃي ۽ انهيءَ ڳالهه کي هو پنهنجي ڪمال سان پيش ڪن ٿا. سر ڪيڏارو جيسيتائين هي دنيا آباد آهي تيسيتائين حق ۽ سچ جي لاءِ هڪ پيماني طور پڙهيو، سمجهيو ۽ لکيو ويندو.[/JUSTIFY] روزانه عبرت جي ٿورن سان
جواب: سُر ڪيڏارو گھوڙَنِ ۽ گھوٽَنِ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا؛ ڪَڏَھِن مَنجِھ ڪـوٽَنِ، ڪَڏَھِن واھي رِڻَ جا.