جانِ عالم سومرو

مصور عالم

سينيئر رڪن

محبوب ڏٺو هو مون خواب نگر ۾،
شڪل ۾ گل ٍڄڻ گلاب لڳو ٿي،
منهن هو هن جو ماهتاب مثل ۽،
سونهن ۾ آفتاب جو تاب لڳو ٿي۔
 
جواب: جانِ عالم سومرو

محترم جان عالم سومرو صاحب کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ۔۔۔ اوهانجو تعرف اوهانجي ونڊ ڪيل نظم مان لڳائي سگهجي ٿو،

خوابن جي دنيا ۾ محبوب جو ديدار ڪندڙ، ۽ اهڙو محبوب ڇونه خوابن ۾ اچي جنهن جو منهن مثل مهتاب هجي ۽ سندس سونهن آفتاب جي تاب جهڙي ۽ شڪل گلاب جي گل جهڙي ۔۔۔ واه واه ۔۔۔

ان محبوب جي محب جان عالم کي هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: جانِ عالم سومرو


محبوب ڏٺو هو مون خواب نگر ۾،
شڪل ۾ گل ٍڄڻ گلاب لڳو ٿي،
منهن هو هن جو ماهتاب مثل ۽،
سونهن ۾ آفتاب جو تاب لڳو ٿي۔

محبوب جي عڪاسي ايئن ئي سهڻن لفظن ۾ ڪبي آهي جيئن اوهان شاندار نموني بيان ڪئي آهي۔ بهترين شيئرنگ تي اوهان کي جس هجي۔
 
جواب: جانِ عالم سومرو

ادا جان عالم۔توهان پنهنجي شاعري ۾ محبوب جو هر رنگ چٽي ان کي لاجواب ڪر ي ڇڏيو۔توهان جي شاعري جي انداز ۾ محبوب جي ڪيل تعريف سٺي لڳي۔ان کي جاري رکندا۔
 
جواب: جانِ عالم سومرو

توهان سڀني دوستن طرفا ن همت افزائي ڪرڻ تي آئون اوهان سڀني دوستن جو مشڪور آهيان۔۔
 
Back
Top