ساھ منھنجو ۔

مگسي

سينيئر رڪن
ساھ منھنجو

شاعر- مير مگسي
ساھ منھنجو سڏڪن ۾ آھي
اک منھنجي لڙڪن ۾ آھي

ھڪ مون وٽ ئي غم آھن ڇو
دنيا ساري تھ مرڪن ۾ آھي

تنھنجون يادگيريون وسرن ڪيئن
تنھنجو پيار تھ ڌڙڪن ۾ آھي

ڪڏھن لھڻ سار ايندين وري
ديد تنھنجي رستن ۾ آھي

توبن تنھائيون ستائن پيون
”مير”تنھنجي اُلڪن ۾ آھي
 
Back
Top