ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
محترم محمد انور پنهنجي پاڻ کي شاد جاني طور متعارف ڪرائندي ڀلو محسوس ڪندو آهي۔۔ کين سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار۔۔۔
ادو منهنجي ڳوٺ کان 3 ڪلوميٽر پري پياروڳوٺ اسٽيشن جو رهواسي آهي۔۔ ساڻن پهريون دفعو ملاقات تڏهن ٿي جڏهن منهنجي طرفان ڳوٺ ۾ متعارف ڪرايل ”سنڌ سلامت وائي فائي نيٽ ورڪ“ جا ڪلائينٽ ٿيڻ لاءِ مونسان مليا۔۔ ان وقت اتفاق سان منهنجي ليپٽاپ تي سنڌ سلامت فورم ئي کليل هيو۔۔ متاثر ٿي رڪن ته ٿيا پر تعارف موڪلڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لاتن۔۔۔
خير پنجاب جي ڪنهن شهر مان موبائيل هارڊويئرنگ ۽ سافٽويئرنگ جو ڪامياب ڪورس ڪري موٽيا آهن۔۔ ۽ پنهنجي علائقي ۾ موبائيل هارڊويئر جو ننڍو دڪان کوليو اٿن۔۔۔ سندن قابليت جو مان پاڻ قائل آهيان۔۔ اميد ته سندن طرفان سنڌ سلامت تي اچڻ سان ڪافي دوستن کي موبائيل ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ ملندي۔۔۔
بس هاڻي انتظار آهي ته ڪڏهن ٿا ادا شاد پنهنجي ڄاڻ جي خزاني کي سمورن دوستن اڳيان آڻين۔۔