ڪهاڻِي نئين سوچ جو جنم......!! رسول بخش جوڻيجو ملوڪ اڄ خوش نظر اچي رهيو هو، ملوڪ کي اها خبر نه پئجي سگهي ته وڏيرو هن کان اڻ پڙهيل هئڻ جو فائدو پيو وٺي . وڏيري هن کي سرڪاري الاٽ ٿيل ٻني ڏيڻ لاءِ هن وٽ وڏيري جو ماڻهو ڪاغذ کڻي اچڻو هو ، سو ان جي انتظار ۾ ويٺل هو تيسين سڏ ٿيو ”ملوڪ او ملوڪ !“ ملوڪ سمجهيو ته پڪ وڏيري جو همراه اچي ويوآهي . تيسين ملوڪ ٽوال ڪلهي تي رکي ٻاهرآيو . ”اڙِي احمد تون آهين ڇا ، ڪهڙا هال اٿئي ، اڄ ڪيئن اچڻ ٿيواسانجي غريباڻي اڏي تي..! “ ملوڪ احمد کي اوطاق ڏانهن وٺي ويندي پڇيو. ”خير آهي بس ڀر واري ڳوٺ ۾ ڪو اٺ ويڪو هو ان ڪري هوڏانهن پئي ويس . سوچيم ته ملوڪ کان ٿيندو هلان . گهڻا ڏينهن ٿي ويا ڏٺي کي، حال احوال به وٺيو هلان“ احمد ملوڪ کي ورندي ڏيندي چيو. احمد ملوڪ جو ننڍپڻ جو جگري يار هو ، ملوڪ ٻني ٻآري جو ڪم ڪندو هو جڏهن ته احمد چوپائي مال جو واپار ڪندو هو. ملوڪ احمد کي کٽ تي ويهڻ جو اشاريو ڪيو . سندس پٽ حنيف ڀر ۾ بيٺل هو سو ان کي پاڻِي پياري ۽ گهران چانه ڪاڙاهي اچڻ لاءِ چيو. ”ماشاالله تو وارو ڇوڪرو پڙهڻ جيڏو ٿي ويو آهي اسڪول داخل ڪرايو اٿئي يا نه“ احمد ملوڪ کي مخاطب ٿيندي چيو . ”اڙي يار ڇا پڙهائي ڪنداسين ، نوڪري جو ڪو آسري ڪونهي سڀ ڏوڪڙن تي پيون وڪجن پاڻ غريبن وٽ ڪٿان آيا ڏوڪڙ جو نوڪري خريد ڪريون، اجايو اسڪول ۾ ٽائم زيان ڪندا ان کان سٺو آهي ٻڪريون چارين ڪجه مڙيئي گاڏو رڙهي ويندو“ ملوڪ ڪنو منهن ڪندين احمد کي ورندي ڏني . ”اڙي تون ملوڪ ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين پڙهائي هرڀرو نوڪري لاءِ ته ڪون آهي، دنيا ۾ ٻيا به ڪم کٽا ڪونه آهن. اگر ڇوڪرو ڪجه پڙهي ويو ته ڪاروبار هلائڻ جهڙو به ٿي پوندو۽ واپار به سٺي نموني ڪري ويندو ۽ جيڪڏهن وڌيڪ پڙهي ويو ته پاڻهي نوڪري ملي ويندي . اها هرو ڀرو پنهنجي اولاد کي سزا ڇو ٿو ڏين ، هونئن به تعليم انسان کي سرت ڀريو بڻائي ٿي“ احمد ملوڪ کي حيرت ڀرين نگاهن سان ڏسندي چيو. احمد هونئن به پڙهيل ٿورو گهٽ هو پر سلجهيل ضرور هو، ان جي ڀيٽ ۾ ملوڪ اڻ پڙهيل ۽ پراڻيون مدي خارج سوچون رکندڙ هو. چاچا چانه وٺو“ حنيف احمد کي چانهه جو ڪپ ڏيندي چيو ” ٻيو مون ٻڌو آهي ته تون پنهنجي نياڻين کي اسڪول پڙهائڻ لاءِ موڪلين پيو ، چريو ته ڪون ٿي ويو آهين ماڻهو ڇا چوندا ته احمد جو ڇوڪريون اسڪول پيون پڙهن ، تنهنجي ڳوٺ وارا اعتراض ڪونه ٿا ڪن ڇا“ ملوڪ چانه جو ڍڪ ڀريندي احمد کان عجيب لهجي ۾ پڇيو. ”ڳوٺ وارا اعتراَض ڇا ڪندا منهنجا ادا اهي سڀئي پنهنجون نياڻيون اسڪول پڙهائن پيا“ احمد چانه جي ڪوپ کي کٽ جي ايس تي رکندي جواب ڏنو. ” ڇا سڀ ڳوٺ وارا پنهنجون نياڻيون اسڪول ۾ پيا پڙهائين ! واه جي اوهان ۾ مردانگي آهي“ ملوڪ حيرت مان چيو. ”ها اها ئي اسان جي مردانگي آهي جو اسين پنهنجي نياڻين کي تعليم پرائڻ جو بنيادي حق ڏيون ٿا ۽ اها ئي اسان جي بهادري آهي ڇو ته نياڻون ويچاريون به انسان آهن انهن کي پڙهڻ جو پورو پورو حق آهي پر اوهان کي شرم اچڻ گهرجي جو پنهنجي نياڻين کي ٺهيو پر ڇوڪرن کي به نٿا پڙهايو“ احمد جذباتي لهجي ۾ ملوڪ کي سمجهائيندي چيو. احمد ٿورو وڌيڪ جذباتي ٿيندي ملوڪ کي چيو ” مردانگي ته اوهان ۾ ڪونهي جيڪي پنهنجي نياڻين کي گهر جي ڪنڊ ۾ ويهاريو ويٺا آهيو ۽ ڪوبه جيئڻ جو حق ڪون ٿا ڏيو“ احمد يڪو ڳالهائيندو رهيو ۽ ملوڪ کيس غورسان ٻڌندو رهيو، هن ٿورڙي ساهي کائي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو ”اوهان پنهنجي نياڻين کي گهر جي ڪنڊ ۾ ويهاري سندن ذهن مفلوج ڪري زندگي ئي تباه ڪري ڇڏي آهي ، شل اهان تي ڪا خدا جي مار پوي !!“ ”پر يار .........! “ ملوڪ کيس غُور سان ٻڌي ۽ حيرت مان چيو . ”پر هاڻ اهو فيصلو ٿيڻ گهرجي ته پاڻ سڀ پنهنجي نياڻِين کي اسڪول پڙهائڻ لاءِ ضرور موڪينداسين.“ احمد ملوڪ جي ڳاله کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيو. ” پر ڳوٺ وارا ڇا چوندا ته نياڻيون پيون اسڪول ۾ پڙهن...!“ ملوڪ وري ڳوٺ وارن جي طعنن جي ڊپ مان چيو . ”ماڻهن جي پرواه نه ڪريو يار ، پنهنجي نياڻين کي پڙهايو ، پنهنجي ڪجه غيرت کي جاڳايو..!“ احمد کيس سمجهائيندي چيو. پر ملوڪ ڪٿي ٿو سمجهي هن جي ذهن ۾ پاروٿيون سوچون جو هيون. ملوڪ وري منجهي ويو ته هاڻ ڇا ڪجي ” نياڻيون پڙهيون ته پوءِ ٿيندو ڇا ؟“ ملوڪ پريشاني مان احمد کان پڇيو. ” اڙي يار منهنجي ڳاله سمجهڻ جي ڪوشش ته ڪر ڪنهن ڏاهي به چيو آهي ته مرد پڙهيو ته فرد پڙهيو نياڻِي پڙهي ته پورو ڪٽنب پڙهيو“ احمد کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو . ملوڪ کي احمد جي ڳالهين جو ٿورو اثر ٿي ويو ۽ صفا پريشان ٿي ويو ته هاڻ ڪهڙو فيصلو ٿيڻ گهرجي اگر پڙهائي ٿو نياڻيون ته ڳوٺ وارا طعنا ڏيندا، اگر نٿو پڙهائي ته پنهنجو پاڻ کي پوري زندگي ۾ معاف ڪري نه سگهندو ۽ پنهنجي نياڻين کي تعليم جهڙي حق کان محروم رهندو ڏسي کيس زندگي ڀر ڏک رهندو. احمد ۽ ملوڪ جون ڳالهيون هلندڙ هيون ته وڏيري جو ڪمدار مٺو اوطاق ۾ گهڙيو. ”هي وڏيري ڏنا آهن هنن تي تنهنجي آنگوٺي جا نشان هڻِي ڏي“ هن جي هٿن ۾ ڪجه ڪاغذ هئا جيڪي ملوڪ کي ڏيندي چيائين .ملوڪ جي دل ۾ ته اها ئي هو ته وڏيرو سرڪاري ٻني الاٽ ٿيل ڏيندو. احمد سوچڻ لڳو وڏيرو اهڙو ڪهڙو ڳاٺاڻن جو همدرد آهي جو پاڻ سرڪاري الاٽ ٿيل ٻنيون رکڻ بجاءِ هن غريب ملوڪ کي ڏي ٿو. احمد ملوڪ کي ڪاغذ ڏسي ڏيڻ لاءِ چيو . ۽ جڏهن پڙهي لاٿائين ته حيران رهجي ويو ” هي وڏيرو توهان سان دوکو پيو ڪري هي توهان جي کاتي ٿيل ٻني پنهنجي نالي ڪرائڻ چاهي پيو، باقي سرڪاري ٻني تي توهان سان فراڊ پيو ڪري“ احمد ملوڪ کي سڄي ڳالھ مٺو جي اڳيان ٻڌائي . احمد پڙهي دنگ ٿيو ته ملوڪ جي رڙ نڪري ويئي ” هان ڇا وڏيري منهنجي کاتي ٿيل ٻني پنهنجي نالي ڪرڻ چاهي ٿو نه نه ائين ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي مطلب ته وڏيري سرڪاري ٻني وارو اصل ۾ ڍونگ پي رچايو“ . ملوڪ حيران ٿي چيو وڏيري جو ڪمدار مـٺو سڄي ڳاله سمجهي ويو ته هاڻ قصو خراب ٿي ويو آهي ائين سوچي هي پنهنجا پير کسڪائي روانو ٿيو. ڪمدار مٺو اها سڄي حقيقت وڏيري کي ٻڌائي ڇڏي . پوءِ وڏيري هڪڙي اٽڪل ٺاهي ته هي ملوڪ هاڻ ائيس مڙندو ڪونه هاڻ هن جي ٻني جا ڪاغذ ساڙائي هن جي ٻني جو ملوڪ وٽ ثبوت ئي ختم ڪري ڇڏيان، وڏيري ڪمدار کي ڳوٺ جي فتنو پکيڙيندڙ عورت مائي آسيت ڏانهن نياپو موڪليو ته ملوڪ جا گهر وارا سڀ اڻ پڙهيل آهن، ان ڪري مائي آسيت ملوڪ جي مائي جي هٿان ئي ڪاغذ ساڙائي. وڏيري جي سوچ اها هئي ته تپيدار ۽ مختيارڪار پئسي جا پوڄاري آهن انهن جو وات ڀرينداسين ڪم ٿي ويندو. هڪ ڏينهن ملوڪ ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ويل هو ، مائي آسيت ان ڏينهن ملوڪ جي گهر ويئي. ملوڪ تمام غريب هو تنهنڪري ان جي ٻني جاڪاغذ ڪنهن الماڙي يا صندوق جي بجاءِ ڪکاوين چونري ۾ تنگيل هئا. هن مائي کي سڄي خبر هئي ته ڪاغذ ڪٿي پيل آهن. سو مائي آسيت ۽ ملوڪ جي گهر واري ان چونئري ڏانهن ويون. چونئري ۾ ويندي شرط مائي آسيت ڪاغذن لاءِ جهوتيون پائڻ لڳي ته هن کي ڪاغذ مٿي ٽنگيل نظر آيا. ”امان مٿي هي ڇا ٽنگيل آهن؟“ مائي آسيت ملوڪ جي گهر واري کان پڇيو، ”الائي ملوڪ جا ڪي ڪاڳر (ڪاغذ) پيل آهن. “ ملوڪ جي گهر ورندي ڏني. مائي آسيت اهي ڪاغذ هيٺ لاهڻ لاءِ چيو. ”امان مٺيس! توبه! توبه! هي ته اوهان جي گهر تي ڪنهن اکر ڪيا آهن“. مائي آسيت پنن کي اٿلائيندي رڙ ڪئي. ”ڇا اکر ڪيا آهن ڪنهن! “ ملوڪ جي مائي وڏي رڙ ڪندي چيو. ”ها اکر ! ملوڪ اڻ پڙهيل آهي ان ڪري هن کي خبر ڪانهي ته هي ڪهڙا ڪاڳر ان ڪري هن هي ٽنگي ڇڏيا آهن“. مائي آسيت ڪوڙ ملائيندي چيو . ” پر هاڻ ڪڄاڙو ڪريون“ ملوڪ جي گهر واري پريشاني ۽ حيرانگي ۾ آسيت کان پڇيو ، ” امان ڪڄاڙو وري ڪڄاڙو هينئر ئي هنن ڪاڳرن کي چلهه ۾ هڻي باه ڏيئي اچ نه ته گهر تي برو اثر پئجي ويندو “ مائي آسيت هشي ڏيندي چيو . ملوڪ جي مائي ان وقت ئي ملوڪ جي مائي اهي ڪاغذ کڻي چلهه ۾ وڌائين. ملوڪ کي اڳ ۾ ئي کٽڪو هو ته هي وڏيرو ڪا نه ڪا گڙٻڙ ڪندو سو ملوڪ جيئن گهر موٽيو ته ڏٺائين ٻني جا ڪاغز نظر نه پيا اچن سندس گهر واري کان ڪاعذن جو پڇيائين ته سندس زال آسيت واري ساري حقيقت ڪري ٻڌائي ته ملوڪ کان رڙ نڪري ويئي ! ”تو ان ڏائڻ جي چوڻ تي اهي ڪاڳر ساڙي ڇڏيا توکي خبر ڪانه هئي ته ڪماتا ڪاڳر آهن “ ملوڪ پنهنجي گهر واري کي ڇڙٻ ڏيندي چيو . بس پوءِ ته ملوڪ سوچن جي سمنڊ ۾ هليو ويو ۽ پڪو پهه ڪيائين وڏيري کان بدلو وٺڻ لاءِ هو نه صرف پنهنجي پٽن کي پر نياڻين کي به ضرور پڙهائندو، ان لاءِ هن کي ڪيتريون به تڪليفون برداشت ڪرڻيون ڇو نه پون.
جواب: نئين سوچ جو جنم......!! سڀ دوست را ڏين ته هي ڪهاڻي ڪئين لڳي ۔ توهان جي راين جو اانتظار رهندو مهرباني جيئي سنڌ
جواب: نئين سوچ جو جنم......!! رسول بخش جوڻيجا صاحب، اوهانکي جس هجي جو اوهان هن مختصر ڪهاڻيءِ ذريعي، اڄ جي هن زماني ۾ جڏهن ڳوٺن ۾ نياڻين جي پڙهائڻ جو ڪو رجحان به ناهي ۽ مٿان وري ڪي وسيلا به ناهن، ان زماني ۾ اوهان سنڌيت جو فرض نڀائيندي سنڌي قوم کي پنهنجي اولاد ۽ خاص ڪري نياڻين کي پڙهائڻ جي صلاح ڏني آهي۔ تمام سٺي صلاح آهي، ڪارائتي صلاح آهي ۽ اهو ڪم اسان جا بزرگ اديب پڻ ڪندا رهيا آهن پر افسوس جو اڄ به ڳوٺن ۾ ۽ خاص انهن هنڌن تي جتي قبائلي نظام رائج آهي ات پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ ۾ ڪو فائدو نه ٿو سمجهيو وڃي ۔۔۔ اوهانجي هيءَ مختصر آکاڻي پنهنجي پوري لوازمات سان ٺهڪندڙ ۽ پيرائتي آهي ۔۔۔ ڪنهن ڪنهن جاءِ ته جملن جي ڦير گهير يا لفظن جي ڦيرائڻ سان اڃان به هن کي جاندار ڪري سگهجي ٿو ۔۔ مثلن؛ اوهان هڪ جملو لکيو آهي؛ ” وڏيري هن کي سرڪاري الاٽ ٿيل ٻني ڏيڻ لاءِ هن وٽ وڏيري جو ماڻهو ڪاغذ کڻي اچڻو هو“ مٿئين جملي کي جيڪڏهن ڦيرائجي ته هيئن به ٿي سگهيو ٿي؛ ”سرڪاري الاٽ ٿيل ٻنيءَ جا ڪاغذ کڻي، وڏيري جو ماڻهون اچڻو هو“ مطلب اوهان واري جملي ۾ ڪٿي ڪا اٽڪ محسوس ٿئي ٿي ۔۔۔ وڌيڪ اوهانجي ڪهاڻيءَ جو پيغام، ان جا ڪردار ۽ بياني انداز تمام سٺو ۽ وڻندڙ آهي ۔۔۔ لک ٿورا اهڙي سٺي آکاڻي ونڊ ڪرڻ جا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: نئين سوچ جو جنم......!! ادا نثار ابڙو مهرباني ۔ وڌيڪ مهرباني ان جي ته توهان ڪهاڻي مان ڪجهه کوٽون ٻاهر ڪڊيون ۽ بهترين صلاح ڌيڻ جي به مهرباني۔ ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي
جواب: نئين سوچ جو جنم......!! ادا آئون تنهنجي ڪهاڻي جي تعريف ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان۔ پر وري به تعريف ڪرڻ کان رهي نه ٿو سگهان
جواب: نئين سوچ جو جنم......!! ڪهاڻي ڀلي ۽ سبق آموز لڳي۔۔۔ ٿوري محنت سان هن ڪهاڻي کي ڊرامائي شڪل به ڏئي سگهجي ٿو۔۔ ۽ جي هدايت ڪار قابل هجي ته بهترين ڊرامون بڻائي سگهجي ٿو۔۔۔ باقي لفظن جي جادوگري وقت سر ۽ مطالعي سان ٿيندي آهي ۔۔۔ يقينن اسان جو دوست رسول بخش پنهنجي لکڻين ۾ نکار آڻيندو ۔۔ سندن ٻي ڪهاڻي جو انتظار رهندو۔۔۔
جواب: نئين سوچ جو جنم......!! ادا تمام سٺي ڪهاڻي آهي سنڌ جي ٻرندڙ اشوز تعليم تي ڪهاڻي لکي تواهن سنڌ جو فرض نڀايو آهي
جواب: نئين سوچ جو جنم......!! سٺو لڳو اوهان لکندا رهو ۽ ان سان گڏ ڪوشش ڪري امر جليل، الطاف شيخ ۽ نورالهدا شاهه جون لکڻيون پڙهو ۽ سندن لکڻ جو ڏانء ۽ جملن جي بيهڪ ڏسو۔ اوهان جي ٿوري وڌيڪ محنت ڪئي ته خوبصورت ڪهاڻيون لکي وٺندا۔ اوهان جي بهتري لاء مان پر اميد آهيان۔
جواب: نئين سوچ جو جنم......!! حسين جوڻيجو ، ڀيڻ سنڌو ، رشيد سمون ۽ عاشق سولنگي ڪهاڻي پسند ڪرڻ ۽ را ڏيڻ جي مهرباني