• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عشق "جانِ عالم سومرو"

مصور عالم

سينيئر رڪن

جت جانب ات جيء، الفت جو اصول اهو،
ڪجي سهڻن تان سر صدقو اکر سارج ايء،
عشق آتش جو آڙاه اٿئي حال حقيقت هيء،
هڻي صدا سامي ٿيء، ته عاشق سڏجين سومرا۔
 
جواب: عشق "جانِ عالم سومرو"

سهڻا جان عالم سومرا صاحب،
حق موجود؛
اوهانجو بيت پنهنجي جاءِ ته تمام سهڻو ۽ لطيفي پيغام سان ٽمٽار آهي ۔۔۔ باقي رهيو اوهانجو سوال ته ڪو جونيئر (تازو يانئون) رڪن، سينئر (پراڻو يا وڏو) ڪيئن ٿيندو آهي ته انجو هڪ ئي جواب آهي ته جيئن دنيا جي ادارن ۾ ٿيندو آهي ته؛ وقت گذرڻ سان ۽ ان رڪن جي ڪارڪردگيءَ سان ترقي ملندي آهي، تئين سنڌ سلامت تي پڻ اهو اصول قابل عمل آهي ته جيئن جيئن ڪو دوست وقت سان گڏ پنهنجي ڪارڪردگي ۽ مسلسل حاضريءَ سان ايندو رهندو تئين تيئن هو سينئر ٿي ويندو ۔۔۔۔ ۽ ها هڪ ٻيو عمل ته اوهان جيڪڏهن سنڌ سلامت جي ڪاڄ ۾ پاڻ ملهائيندا ته اوهان انتظامي رڪن به ٿي سگهو ٿا ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته سنڌ سلامت جي هن اتنظامي ڍانچي ۾ سڀ اهي دوست شامل آهن جن وقت ڏنو آهي ۽ پنهنجين لکڻين ۽ رويي سان پاڻ کي اعتراضن کان بچائي رکيو آهي ۔۔۔

اميد ته اوهان به هن اوطاق جي سونهن ٿيندا ۽ پنهنجي صلاحيتن ۽ سگهه سان سنڌ ۽ سنڌيت لئه ڪم ڪري سنڌ سلامت جي مهندار دوستن ۾ شامل ٿي ويندا ۔۔۔

لک ٿورا ۽ قرب

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top