دوستو! ڪڏنهن ڪڏنهن ڪمپيوٽر جا ڊرائيورس ڪٿان به ناهن ملندا۔ مطلب ته ڪنهن سي ڊي وغيره مان۔ مون ٻڌو آهي ته ڊرائيورس نيٽ تان به ملندا آهن۔ پر ڪڏنهن به اهو ڪيو ناهي نه وري ٿيندي ڏٺو آهي۔ مون به نئين ونڊوز لڳائي آهي پر آديو ۽ وڊيو صحيح نه ٿا هلن۔ ڊوائيس مئينيجر ۾ هي اسڪرين ٿي اچي۔ ڇا ڪريان؟
جواب: ڪمپيوٽر جا ڊرائيورس ڪٿان اچن؟ ادا مارڪيٽ مان ڊرائيورس جي سي ڊي وٺي اپڊيٽ ڪريو۔ يا وري گوگل ۾ پنهنجي ڊوائيز جو ماڊل نمبر لکي ڊرائيورس سرچ ڪريو۔ ڪجھ بهترين لنڪس 1 2
جواب: ڪمپيوٽر جا ڊرائيورس ڪٿان اچن؟ ادا ان لاءِ جي اوهان کي سي پي يو کولي هر ڊوائيز جي مٿان لکيل ان جو ماڊل الڳ ڪاغذ تي نوٽ ڪرڻو پوندو تنهن کان پوءِ اهي ماڊل نمبر مٿي ڏنل ويب سائيٽ ۾ لکو يا وري ڪنهن ويجهي دوست سان رابطو ڪريو۔۔۔
جواب: ڪمپيوٽر جا ڊرائيورس ڪٿان اچن؟ هر ڪمپني پنهنجي پروڊڪٽ جي سپورٽ لاءِ پنهنجي پروفيشنل ويب سائيٽ رکندي آهي۔۔۔ جتي هو پنهنجي ڪسٽمر کي سهولتون مهيا ڪندي آهي۔۔۔ وڏيون ڪمپينون جهڙوڪ ڊيل، آئي بي ايم، ايچ پي وغيرو پنهنجي پروڊڪٽس سان گڏو گڏ سپورٽ ۽ سروسز (ڊرائيورس ۽ سافٽويئر) پڻ ڏينديون آهن۔۔۔ پر انهن سروسز مان اهي ڪسٽمر ئي فائدو وٺي سگهندا آهن جيڪي خريد ڪيل پروڊڪٽس کي درست ڳولا ڪري سگهن۔۔۔ مطلب جيسين توهان پنهنجي ڪمپيوٽر جو ماڊل نه ٻڌائيندو تيسين نيٽ تان درست ڊرائيور ڊائونلوڊ نه ڪري سگهندو۔۔۔ انهي صورت ۾ ادا طاهر جو مشورو ئي بهتر آهي ۔۔۔
جواب: ڪمپيوٽر جا ڊرائيورس ڪٿان اچن؟ ادا عالم صاحب خبر وٺو ته خبر پئجي ويندي۔ ادا هاڻي مون کي به ڪُجهه خبر پئي آهي جيڪا اوهان سان شيئر ڪريان ٿو۔ هتي مهرباني سنڌسلامت جي ساٿي ۽ منهنجي پياري دوست نور حسين چانڊيو جي به مڃيندو هلان جنهن اڄ ٽائيم ڪڍي نه رُڳو مون کي ڊرائيورس انسٽال ڪري ڏنا پر طريقو به سمجهايو۔ اوهان وٽ ڪهڙو به ڪمپيوٽر آهي انهي جي اسٽارٽ ۾ وڃي RUN ۾ هي لفظ dxdiag لکو جنهن سان ڪجهه هن طرح معلومات کلندي جنهن ۾ اوهان جي ڪمپيوٽر بابت سڀ ڪجهه لکيل هوندو۔ ۽ پوءِ انهي ماڊل نمبر جا ڊرائيورس اوهان کي گوگل سرچ ڪرڻ سان آرام سان ملي ويندا۔ ادا طاهر سنڌي وارا لنڪ به ڪافي ڪم جا آهن پر ماڊل نمبر ملڻ ضروري آهي جيڪو هن طريقي سان آرام سان ملي ويندو۔ ۽ پوءِ ۽ پوءِ ڇا؟ پوءِ مون سان ڪلهه ٿيل هي حالت اڄ صحيح ٿي اهڙي ٿي وئي آهي۔ سڀ ڊرائيور ڪمپليٽ ٿي ويا آهن۔
جواب: ڪمپيوٽر جا ڊرائيورس ڪٿان اچن؟ ماشاءَ الله، ادا عبد الحفيظ صاحب جن جو هي مسئلو حل ٿي ويو آهي ايڊمن صاحب مناسب سمجهن ته هن موضوع کي هت بند ڪجي۔