جواب: اسلام عليڪم دوستو،
سهڻا سائين نثار ابڙا صاحب، سڀ کان پهريان ته توهان جي وڏي مهرباني جو توهان مونکي سنڌ سلامت اوطاق جي اڳڻ تي ڀليڪار چيو۔
سڄ پڇو ته مونکي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ هڪ اهڙي ئي سٿ جي تلاش هئي جنهن ۾ صرف منهنجي ڌرتيءَ جيجل ۽ منهنجي مٺي ٻوليءَ جي خوشبوءِ هجي ۽ مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو سنڌ سلامت جي ساٿ کان پوءِ منهنجي اها تلاش اڄ پوري ٿي وئي آهي، مان پوري ڪوشش ڪندس ته سنڌ سلامت سان ساٿ هميشه نڀائي سگهان
سائين منهنجو مڪمل تعرف اهو آهي ته مان سعيد احمد ابڙو سنڌ جي ان شهر ۽ ضلعي جي رهڻ وارو آهيان جن جو ذڪر سنڌ جي لوڪ گيت ۽ لوڪ چوڻي ۾ آهي يعني
" ڏسي رتي جون ماڙيون واه واه رتوديرو "
" هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو "