محترم نصير ڪنڀر جي ڪهاڻي "ميندي رتو هٿ" هن جو منهن سنهڙوسانورو ، اکيون گول دائري وانگر، بلوري ۽ چپ گدري جي ڦاڪن جيئن هئا، هن جا وکريل وار، آواه گرديء جا اهٍڃاڻ هئا۔ لٽڙا ليڙون، ًغبار سان ڀريل منهن تي اڇي ڇاهي ڄميل، ڪنا ڪاڳر هنج ۾ لڪايو شهر جي شاهي بازار ۾ عيد جي هر هڪ شيء کي هي حسرت ڀري نگاهن سان نهاري رهي هئي۔ جتي ڪيترائي هن جهڙا ٻار عيد جي خريداري ڪري رهيا هئا۔ هن جون به هزارين حسرتون هيون ته "ڪاش آء به پنهنجي والدين سان گڏ ايئن شيون خريد ڪري سگهان ها!، پر منهنجو پيء ته آهي ئي ڪونه" هي پنهنجو پاڻ سان ڀڻڪي۔ شمل جي پيء کي فوت ٿئي ٽي سال ٿيا هئا۔ اهي ڏينهن هن کي ڌنڌلي عڪس جيان ياد هئا، جڏهن هن جو پيء هن کان هميشه جيان موڪلائي ويو هو۔پوء هن جي ماء شهر جي وڏن گهرن جا ٿانو ڌوئي پيٽ گذر ڪندي هئي۔شمل جو نالو شمع هو، پر ماء پيار منجهان شمل چوندي هئي۔شمل ڪڏهن به اسڪول نه ڏٺو هو۔ جڏهن اسڪول ويندي ٻار ڏسندي هئي ته اکيون ڦاڙي انهن ڏي نهاريندي هئي، پوء هن کان پنهنجي ڳالھ وسري ويندي هئي، انهي ٻار مان تيستائين نظر نه ڪڍندي هئي جيستائين اکين کانً غائب نه ٿيندو هو۔ هن جون عجيب ڪيفييون هونديون هيون، اکيون منهن ڦاڙي پئي ٻارن کي نهاريندي هئي، تان جو منهن ۾ ٿڪ گگ جي صورت ۾ وهي ويندن هئي۔ ڪڏهن ته ڪنهن سٺي شيء کي ڏسندي اهڙي حالت هوندي هئي جو الائي ڪهڙن خيالن ۾ گم رهندي هئي، اکين مان لڙڪ وهي پوندا هئا۔ ڪو ماڻهو نه سمجهي سگهندو هو ته هن ڇوڪريءکي ڇا ٿيو اهي ۽خيالن خيالن ۾هن جون اکيون ڇو ڀرجي آيون آهن؟شمل هزارين شيون پيل ۽ ماڻهن کي وٺندي ڏسندي هئي ۽ دل ۾خوش به ٿيندي هئي۔ هلندي هلندي شين ڏانهن اشارو ڪندي ويندي هئي۔ دڪاندار هن جي انهيء حرڪت کي عجيب نموني ڏسندا هئا ۽ هڪٻئي ڏانهن نظرن ۾ اشارو ڪندا هئا، پر شمل بي خبر بڻجي پنهنجي ڌن ۾ پئي ويندي هئي۔ ڪڏهن ڪنهن شيء ياڪنهن ڇوڪريء کي نهاريندي هلندي ڪنهن ماڻهوء سان ٽڪرائبي هئي، ۽ هن کي ماڻهن جي واتان گٿا لفّظ به ٻڌڻا پوندا هئا۔ "انڌي جي ڌيء ڏسين ڪونه ٿي ڇا؟""اکيون کولي نه ٿي هلندي ڇوري انڌي۔" اڄ به هيء عيد جون شيون ڏسي وائڙي ۽ بيگاني هئي۔ اوچتي هن جي نّظر دڪان جي ٻاهران ٽيبل تي رکيل ميندي جي دٻي تي پئي۔هن ميندي جي دٻي تي ٺهيل گل واري هٿ کي ڏٺو۔ "آئون به اهڙو ئي گل ٺاهينديس" هي پنهنجو پاڻ سان ڀڻڪي۔ چٽ ڏسڻ لاء اڃان ڪجھ ويجهي ٿي۔ "ڇا ٿي ڏسين ڇوري۔" دڪاندار جي دڙڪي هن جا خيال ٽوڙي وڌا ۽ هي اڳتي هلڻ لڳي۔ بس هن جي نظر مينديء ۾ هئي۔ پوئتي نهاريندي هي سامهون ايندڙ ماڻهوء سان ٽڪرائجي وئي۔ ماڻهو هن جي ڪنڌ کي اڳتي لوڏو ڏيندي تڪڙو گذري ويو۔ هو ڳليء جي ڇيڙي تي پهتي۔ پر ميندي هن جي ذهن مان نه نڪتي۔ شمل دڪان وٽ پهچڻ لاء ٻي ڳلي وٺي موٽي آئي ۽ مينديء کي تڪڻ لڳي۔ دڪاندار پنهنجي ڪم ۾ رڌل هو، عيد جو موقعو هجڻ ڪري گراهڪ جام هئا۔هي بلڪل مينديء جي پڙي جي ڀرسان بيهي چٽ ڏسڻ لڳي۔ ڄڻ ميندي چوندي هجي "مون کي کڻي هل" تنهنجي هٿن تي به اهڙو ئي رنگ ڪندس۔ هن خيالن ئي خيالن ۾ ميندي ورتي، ۽ گهر ۾ لڳائي پاڙي جي ٻارن کي ڏيکاري رهي هئي۔ هن جي بدن ۾ سيء جي لهاٽ اٿي ۽ هي پوئتي هٽي بيٺي۔ سڄو بدن هلڪي هلڪي پگهر سان آلو ٿي ويو۔ ايتري ۾ ٻه گراهڪ ٻيا به آيا، هاڻي دڪان ۾ چڱي رش هئي۔ ڪي ٽوپيون ڪي سينٽ ڪي پائوڊر وٺي رهيا هئا۔ هن جو هٿ بي اختيار مينديء ڏانهن وڌيو ۽ هي ميندي کڻي وٺي ڀڳي۔ هڪڙي گراهڪ رڙ ڪئي۔ "ڇوري ميندي کڻي وئي" ايتري ۾ دڪاندار به رڙ ڪئي "اڙي ڇوري"۔ ايئن دڪاندار پويان لڳو۔ ماڻهو وائڙا ٿي انهن ڏانهن ڏسڻ لڳا۔ شمل ڳلي پار ڪري مين روڊ تي پهتي، پاڻ کي ٽرئفڪ ۾ لڪائي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين۔ چوطرف گاڏين جا هارن پان پان۔۔۔۔۔۔۔ بريڪن جا چيهاٽ، اوئي اوئي جا آواز۔ اوچتو دڪاندار جو آواز هن جي ڪن تي پيو "هي ٿي وڃي" هن پوئتي نهاريندي اڳتي ڊوڙ ڪئي ته هن جو منهن وڃي جيپ جي هئڊ سان لڳو۔ هي پوئتي ڪري پئي۔ جيپ جو ٽائر هن جي مينديء واري هٿ مٿان گذري ويو۔ نرڙ مان رت جا ڦڙا هن جي ڳلن طرف سرڻ لڳا، رت سان هٿ ڳاڙهو ٿي ويو، جنهن ۾ هاڻي ميندي به رنگ وڌائي رهي هئي۔۔ (هي ڪهاڻي نصير ڪنڀر جي ڪتاب "وارياسا وجود" تان ورتل ايديٽنگ جانِ عالم [/URL] Uploaded with ImageShack.us[/IMG] (ختم شده)
جواب: ميندي رتو هٿ "نصير ڪنڀر" پهريون ڀيرو ايترو سنڌي لکيو آهي۔۔ اڌ منو ڪلاڪ لکندي لڳي ويو ڪوشش ڪئي آ ته غلطي نه هجي۔۔۔