عاشق وڏو مشھور ۔

مگسي

سينيئر رڪن
عاشق وڏو مشھور

شاعر-عباس مگسي


ڪونھ آيو اڃان تائين آھي مونکان ڏور
ويا ورھ گذري ھيل بھ ٻٻرن جھليو ٻور

اٿم آسرو محبوب جو ايندو ملڻ ضرور
يادن ۾ ساري ساري وڃايم اکين جو نور

پل پل ٿا پون پيار پنھنجي جا پور
پڄي وڃي ھا پل ۾ پڪ آھي مجبور

وڌندا ٿا وڃن سڪ سڄڻ جا سور
ڏيئي دلاسا دل کي ٿيوھان صفا چور

ٻڌائيندو زماني کي آھي”عباس” بيقصور
تڏھن ٿيندس مان بھ عاشق وڏو مشھور
 
Back
Top