اهو ڪهڙو سپنا جو اڳواڻ آهي جيڪو اتحادين جي صلاح مشوري کانسواءَ سنڌ دشمن اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سان دبئي ۾ وڃي ملاقات ڪري اليڪشني اتحاد لاءِ ڳالھيون ڪيون، قومي ڪانفرنس ۾ اتحادين کان پڇڻ بنا جمهوري حڪومت ختم ڪري نگران حڪومت قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو،ان ڪانفرنس ۾ اتحادين جي مطالبي باوجود ايم ڪيو ايم کي دهشتگرد نتظيم قرار نه ڏنو، پنهنجي پارٽي جي هڪ اڳواڻ کي شاه محمود قريشي سان ،اتحاد لاءِ ڳالھيون ڪرڻ لاءِ موڪليو. مقبول شيخ ۽ ٻين وڏيرن کي جيڪي مشرف سان گڏ هئا انهن سان ٺاھ لاءِ رابطا ڪيا ڪٿي سپنا کي ٽوڙڻڻ جي ڪوشش ته نٿي رهي آهي، اسان ڪنهن به اڳواڻ خلاف ڪو به حسد ، ڪينو ۽ ٻيائي نٿا رکون ، اسان جنهن جو جيڪو سنڌ سان محبت وارو ڪردار آهي اهو ظاهر ڪرڻ گھرون ٿا، اهو ڏسڻ گھرون ٿا ته سنڌ جي زندگي ۽ موت وارن معاملن تي ڪير آهي جنهن سڀ کان پهريان انهن جي نشاندهي ڪئي ۽ انهن مسئلن تي قوم کي سجاڳ ڪيو ، عملي ڪم ڪيو ، ۽ اهي ڪير آهن جن رڳو ٺلھا نعره ڏنا ، انهن نعرن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ گھربل قدم نه کنيان، هنن هيٺين ٽن اڳواڻن مان اهو ڪهڙو اڳواڻ آهي .جنهن اتحادين جي صلاح مشوري بنا مٿيان قدم کينان آهن. . 1: سيد جلال شاھ 2: ڊاڪٽر قادر مگسي 3: اياز لطيف پليجو
جواب: اڄ جو سوال ها ادا بلڪل صيحيح آهيو توهان جلال محمود شاه ئي هو، جنهن سنڌ دشمن رهزنن ارباب رحيم ۽ لياقت جتوئي سان ملاقات ڪئي ۽ اتحاد ڪيو