[JUSTIFY]اسلام عليڪم سنڌي دوستو مان آهيان طارق علي عباسي ۽ مان لاڙڪاڻي جو آهيان هاڻ ڀٽائي آباد ڪراچي ۾ رهائش آهي، مان صبح جو پرائيويٽ اسڪول ۾ ٽيچنگ ڪندو آهيان ۽ شام جو هڪ ڪلينڪ تي ڪمپائوڊر به پڻ آهيان۔ مون کي هن پياري فورم جي باري ۾ ادا طاهر سنڌي ٻڌايو جنهن جو شڪر گذار آهيان۔[/JUSTIFY]
جواب: طارق عباسي جو سلام لاڙڪاڻي جي مٽي، ڪراچيءَ جي آبهوا ۽ ڀٽائي آباد جي پاڻيءَ جو ميلاپ ۔۔۔ محترم سائين طارق عباسي صاحب جن کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ چوندا آهن ته جنهن قوم وٽ سٺا ۽ قابل ماستر هجن ته ان قوم کي ڪير به ختم ڪري نٿو سگهي، اميد ته اسانجو هي دوست به اسانجي قوم جي ٻارڙن کي دل ۽ جان سان پڙهائيندو هوندو ۔۔۔ ان پيشي کي پيغمبري پيشو انڪري به چيو ويندو آهي ته پيغمبر تڪليفون برداشت ڪري علم آڻيندڙ هوندا آهن ۽ استاد پڻ تڪليفون برداشت ڪري علم پهچائيندا آهن ۔۔۔ سنڌ سلامت جي اڱڻ جي خوشنصيبي جو اوهان جهڙا دوست اسانجي ساٿ ۾ شامل ٿين ٿا ۔۔۔ مانواري طاهر سنڌي جا ٿورائتا جو هو چونڊ دوست هن اوطاق تي متعرف ڪرائي ٿو ۔۔۔ اميد ته طارق صاحب جن پنهنجي علمي ڏات سان هن سنڌ دوست اوطاق جي باغ ۾ ڪجهه پوکيندا ته ڪجهه لڻندا ۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: طارق عباسي جو سلام ڀٽائي آباد جي پياري سنڌي دوست محترم طارق عباسي صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ اميد ته سنڌ سلامت اوهان جي اعتماد تي پورو لهندي ۽ سنڌي ادب جي نماء سان گڏ سنڌ جي مسئلن کي نمايان ڪندي رهندي۔ اميد آهي ته اوهان به پنهنجي لکڻين، پنهنجي خيالن ۽ بهترين راين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔ ادا طاهر اسان جي انهن دوستن مان آهي جيڪو سنڌ سلامت جي تبليغ ڪندو رهندو آهي ۽ ساڻ سڄي سنڌ جو سير به ڪندو رهي ٿو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت