شام ٿيان ۔

'سنڌي شاعري' فورم ۾ مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2009۔

  1. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    شام ٿيان


    شاعر- ميرمگسي


    شام کان اڳ جي شام ٿيان
    سُري سکي! جي نام ٿيان

    ڪاش نوري نماڻي ٿيئين تون
    مان بھ تماچي ڄام ٿيان

    ڪينجھر پينگھي ھنج ۾ توسان
    ابديء جو آرام ٿيان

    تنھنجي اکين جي اوٽ ۾ سانئڻ
    ساري حياتي سام ٿيان

    آءُ تھ اھڙي راند رچايون
    تون خاصو مان خام ٿيان

    پنھنجو پويتر پيار ڏي ”مير”
    سُوري جو الھام ٿيان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو