هل ڙي پڇ ڪاري

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏6 ڊسمبر 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [JUSTIFY]
    هل ڙي پڇ ڪاري
    نثار ابڙو​


    [​IMG]

    ڪاري مينهن رستي تان ويندي ڀوري ڳئونءَ جنهن جو صرف پڇ ڪارو هو، سان اٽڪي پئي، ٻنهي جي تون تون مين مين وڌي وئي، ته مينهن ڳئونءَ کي طعنو ڏيندي چيو ” هل ڙي پڇ ڪاري“

    سنڌ جي سياست جا به عجيب رنگ آهن، سنڌ جي مهندار پارٽي پ پ پ اڄڪلهه جن ماڻهن ۽ پارٽين سان ٺاه ڪري حڪومت ۾ ويٺي آهي، ان کان ته اسين بخوبي واقف آهيون، ڪهڙي اهڙي پارٽي سندن اتحاد ۾ ناهي جن سنڌ سان دشمني نه ڪئي هجي، خود پ پ پ دور اقتدار ۾ سنڌ سان ڪهڙا واهه وهايا آهن ... هميشه پيرن ۽ ميرن کي نوازيو ويو آهي ۽ اقربا پروري ۽ رشوت جي بازار ائين گرم ٿي ويندي آهي جيئن سانوڻ جي اس ۾ لوهه گرم ٿئي ... پ پ پ جي دور ۾ سنڌ سان اهڙا ڪلور ٿيندا آهن جو ظاهر ٿي ذري ته لڳي ماٺ مرن کي ڏونگر پون ڏري ....
    تازو جڏهن ڪجهه قومپرست اڳواڻن سنڌ جي ايواني سياست ۾ اڳتي اچڻ خاطر ڪجهه قدم کنيا ته کين اهڙا ئي طعنا ڏنا ويا جهڙا مينهن ڏنا ڳئونءَ کي ” هل ڙي پڇ ڪاري“ ... کين برو ڀلو چيو ويو ته هو پ پ پ کان علاوه ٻين پارٽين ۽ شخصن سان ميل ڪري سنڌ جي ايوانن ۾ اچڻ ٿا گهرن ... آءُ سوال ڪريانٿو سڀني محترم سنڌين کان ته ڇا اهو ساڳيو عمل پ پ ڪري ته حلال ۽ جي قومپرست ڪن ته حرام ... ائين ڇو؟؟؟؟
    قومپرست به آخر ڪنهن نه ڪنهن پارٽيءَ سان وڃي ٺاهه ڪندا جو اوهان ئي کين ووٽ ڏئي اڳتي آڻڻ لئه تيار ناهيو، پٺاڻ پنهنجي قومپرست پارٽيءَ کي ووٽ ڏين ٿا، بلوچ پنهنجن قومپرستن جو مان رکنٿا، پنجابي قومپرستن کي حڪومت ۾ آڻين ٿا ته پوءِ ڀلا سنڌين کي ڪهڙي نانگ کاڌو آهي جو هو قومپرستن کي سياست ۾ اصل پير ڌرڻ ئي نٿا ڏين ... اسين ڄاڻي واڻي ظالم وڏيرن، پيرن، ميرن کي ووٽ ڏئي پوءِ جڏهن نانگ لنگهي ويندو آهي ته انجي نشانن کي لٺيون هڻندا آهيون ...

    ڀلا سنڌ جي ايوانن ۾ سنڌ جي وچين، هيٺين يا مٿئين طبقي جا به سڄاڻ ماڻهون ايندا ته ڇا سنڌ کي نقصان ٿيندو ... جيڪڏهن جلال محمود شاه، ممتاز ڀٽو، اياز پليجو، بشير قريشي، علي قاضي، قادر مگسي صاحب ۽ ٻيا قومي ڄاڻ رکندڙ سياستدان سنڌ جي ايوانن ۾ ايندا ته سنڌ جي ڀلي ۾ ئي هوندا، سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين تي آواز اٿاريندا ۽ جيڪڏهن ڪو سنڌ دوست وزير ٿي به ويو ته سنڌ جي فائدي ۾ ڪم ڪندو ۽ جيڪڏهن نه ڪري سگهيو ته پاڻ ئي خوار ۽ خراب ٿيندو، ” انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين“ انڪري اسان سنڌين کي قومي سوچ رکندڙ اڳواڻن کي موقعو ڏيڻ گهرجي ته جيئن سندن پرک به ٿئي ۽ سنڌ جو ڪو فائدو به ٿئي مستقبل ۾ غريب، مولائي ۽ سٺي سوچ رکندڙ به اڳتي اچڻ جو سوچي سگهندا ... خدارا پنهنجي سوچ بدلايو ۽ سنڌ جي پڙهيل لکيل، هيٺئين وچولي طبقي جي سڄاڻ ذهنن کي موقعو فراهم ڪريو، حوصلا افزائي ڪريو ته جيئن سنڌ جي هن ڪاري دور ۾ به ڪو بدلاءُ آڻي سگهجي ... اچو ته اسين سڀ سنڌ ۽ سنڌيت جي باري ۾ سوچيون ۽ اڳتي وڌڻ جا جتن ڪريون ... ”آزمائي کي آزمائي ڌوڙ منهن ۾ پائي“ واري چوڻيءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ...

    محترم سائين جي ايم سيد چوندو هو ته، ” ٻاهر جي ڪٻر سنڌ ۾ مينا“ اسان سنڌي ماڻهون هميشه ٻاهرين کي ايتري ته عزت ڏيندا آهيون جو هو پاڻکي معتبر سمجهي اسانجي مٿان ئي حڪمراني ڪرڻ جا خواب ڏسندا آهن، ۽ اسين انهن ماڻهن جا غلام ٿي رهجي ويندا آهيون، تازو هڪ آبهوا هلي آهي عمران خان جي ۽ هاڻ ساڻس گڏ ٿيندڙ شاهه محمود قريشيءَ جي، جيڪي هر آئي ڏينهن سنڌ جو دورو ڪري رهيا آهن ... ۽ اسين سنڌي ماڻهون سٻاجهڙا پنهنجن کي برو ڀلو ضرور چونداسون پر ٻاهران آيلن جو اهڙو ته آڌرڀاءُ ڪنداسون جو وڃي ٿين خئير، ڀل سنڌ جي ڀيل ٿئي ته ٿئي، ڀل سنڌ جو مال مڪڙ کائن ته کائن پر پنهنجن کي ڪون سهنداسون ... هي ڏسو ڪجهه ڏينهن اڳ شاهه محمود قريشيءَ جي ڪيل تقرير ۽ انجا ڪجهه حوالا؛ پاڻ انصاف ڪيو ته ٻاهران جا ماڻهون رومال ۾ موچڙا ويڙهي سنڌين جي منهن تي وهائي ڪڍن ٿا پر اسين آهيون جو انهن ئي ماڻهن جي حمايت ۾ پاڻ ملهائڻ ۾ اڳ کان اڳرا ... باقي ڪو سنڌي قومپرست اڳتي اچڻ جي ڪندو ته اسان ئي کيس پيرن هيٺان زمين کسڪائي وٺندا آهيون ... هيٺ ڏنل ليک به پڙهي ڏسو؛ ۽ قوي اميد آهي ته اهي ماڻهون به سنڌ مان ڪامياب ٿي سنڌ جو خانو خراب ڪرڻ ۾ پاڻ ملهائيندا ...

    شاهه محمود قريشي جا ڪجهه انوکا تاريخي حوالا
    فاروق بجاراڻي/تنگواڻي (ڪنڌڪوٽ)
    حوالو؛ ورلڊ سنڌي نيٽ ... ياهو گروپ
    27 نومبر 2011ع تي گهوٽڪيءَ واري جلسي ۾ مخدوم شاهه محمود قريشي ڪجهه اهڙا تاريخي مثال ۽ تشبيهون ڏنيون، جن تي حيرت ئي ڪري سگهجي ٿي. قريشي صاحب پنهنجي خطاب ۾ پاڻ کي محمود غزنوي سان تشبيهه ڏيندي چيو ته هو سنڌ ۾ سومناٿ مندر ٽوڙڻ آيو آهي. جڏهن تاريخ تي نظر وجهون ٿا ته محمود غزنوي جيڪو افغانستان جي علائقي غزني جو بادشاهه هو ۽ هن هندوستان تي سترنهن حملا ڪيا هئا. گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي حوالي سان محمود غزنوي جو ڪردار سٺو ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته جڏهن هو ڪڇ ۽ گجرات ۾ سومناٿ مندر ڊاهي واپس پنهنجي ملڪ وڃي رهيو هو ته واپسيءَ دوران سن 1026ع ۾ محمود غزنوي سنڌ تي حملو ڪيو هو ۽ ان وقت سنڌ جي تاريخي شهر ۽ گاديءَ جي هنڌ منصوره يا برهمڻ آباد ۾ ڦرلٽ ڪري سڄي شهر کي باهه ڏيئي ساڙيو هو، جنهن جا کنڊر اڄ به سانگهڙ ضلعي ۾ دلورموريءَ ويجهو جمڙائو ڪينال جي اڀرندي ڪپ تي موجود آهن. جيتوڻيڪ ان وقت سنڌ ۾ عرب نسل جي مسلمانن جي حڪومت هئي پر پوءِ به محمود غزنوي کي رحم ڪونه آيو هو. حالانڪه هبارين جو دور سنڌ ۾ خوشحالي وارو دور هو، جن سنڌ ۾ زراعت کي وڌائڻ لاءِ نوان واهه کوٽائي هڪ سٺو آبپاشي نظام قائم ڪيو هو ۽ سندن ڪامياب حڪومت جو مکيه ڪارڻ اهو هو ته انهن جي 200 سالن جي حڪمراني دوران سنڌو درياهه پنهنجو رخ يا وهڪرو تبديل نه ڪيو هو ۽ هبارين عرب هجڻ باوجود سنڌ کي بعد جي عباسي خلافت کان آزاد ڪرائي، سنڌي سماج ۾ ضم ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. قريشي صاحب چيو ته سنڌ ۾ هڪ فرعون رهندو آهي، جنهن سان هو مقابلو ڪرڻ آيو آهي. جيڪڏهن تاريخ تي نظر وجهنداسين ته فرعون مصر جو بادشاهه هو، جنهن بني اسرائيل قوم کي پنهنجو غلام بڻايو هو.هاڻي گهڙيءَ لاءِ فرض ڪريون ته واقعي جيڪڏهن سنڌ ڪنهن فرعون جي غلاميءَ ۾ آهي ته ڇا اسان سنڌي ماڻهو ايترا ”بيوس، اٻوجهه ۽ لاچار“ آهيون، جو اسان کي ان غلاميءَ کان ڇڏائڻ ۽ جاڳائڻ لاءِ به ڪو ملتان يا ميانوالي کان ايندو؟ ڪنهن سان اختلاف هجڻ جو مقصد اهو ناهي ته ان کي فرعون سان تشبيهه ڏني وڃي ۽ اسان سنڌي ايترا به غلام ۽ ستل ناهيون جو ڪو فرعون اچي اسان تي حاوي ٿي سگهي ۽ اڃا سنڌ گدڙن ناهي کاڌي. سياست ڪرڻ ۽ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ هرڪنهن جو حق آهي پر ڪنهن به مسئلي تي ڳالهائڻ ۽ حوالا ڏيڻ مهل ان جي تاريخي پسمنظر کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي.
    رب العالمين اسان سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ... آمين
    [/JUSTIFY]
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: هل ڙي پڇ ڪاري

    سائين توهان جي ڳالهه درست آهي سنڌ کي پي پي هميشه نقصان ڏنو آهي ، سنڌين کي پيرن ميرن ء وڏيرن اڳم ئي پنهنجو يرغمال ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔۔ ڏٺو وڃي ته ته پي پي ۾ ڪيترا پير ء شاهه صاحب آهن هر دفعي ووٽ وٺڻ وقت اهئي پير ڳوٺن ۾ ويندا آهن ء سنڌي چوندا آهن ادا سيد ذات سان وٽ هلي آئي آهي بس اسان ان کي ووٽ ڏيندا سين ء پوء وري اهو پير صاحب اليڪشن ۾ ئي نظر ايندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سنڌي درويش قوم آهي جيڪا ٻاهران آيل هر قوم کي جيء ۾ جايون ڏنيون ء اڄ اهي قومون اسان تي مسلط آهن، ڪوبه مهاجر يا پٺاڻ سنڌيء کي ووٽ ڪون ڏيندو ء اسان پنهنجي قومپرستن کي اهميت ڪون ٿا ڏيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    هن وقت به جي سنڌين قوم قومپرستي نه ڪئي ته ڌاريون قومون جن کي سنڌين پنهنجي جيء ۾ جايون ڏنيون اهي مسلط ٿي ويندون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    رب العالمين اسان سنڌي قوم جو حامي ۽ ناصر هجي ... آمين
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هل ڙي پڇ ڪاري

    سهڻا ساٿي عرس پريا صاحب ؛ لک لائق هن موضوع سان متفق ٿيڻ جا ۔۔۔ اصل ۾ اهو ساڳيو راڳ يا وري رباب ڪيترائي ڀيرا وڄائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن قوم جي ستل رڍ جاڳي پوي ۔۔۔

    سنڌي هاري ناري ته اڳ ئي سنڌ جي ميرن پيرن، ڀوتارن جا ٻانهن ٻڌا غلام آهن، پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي شهرن ۾ رهندڙ سنڌي ۽ پاڻ کي پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل سڏائيندڙ سنڌي ئي جاڳي پون ته سنڌ ۾ تبديليءَ جا ڪي آثار ظاهر ٿين ۔۔۔

    اسان سڀني سنڌ دوستن کي پنهنجي سمجهه ۽ سگهه کي قومي جاڳرتا کي اڀارڻ جا جتن ڪرڻا پوندا،

    هي ٿو وڃي هوت، آئون ڪي اڳڀري ٿيان،
    متان چوي بلوچ، ”ڪميڻيءَ منجهان ڪين ٿيو!“

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو