نثارابڙو
نائب منتظم

هونءَ ته انسان جو علم ڪائنات بابت ايترو ئي آهي جيترو منڊي ماڪوڙي جو کوهه جي تري مان ڪائنات کي جاچڻ ... هن ڪائنات جي وسعت جو ڪاٿو ڪرڻ انسان جي علم کان تمام مٿاهون آهي ...
ٽي سال اڳ ايجاد ڪيل هڪ خوردبينيءَ ذريعي آمريڪا جي شهر ڪيليفورنيا مان هڪ خبر شايع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪائناتي وايو منڊل ۾ هڪ ڌرتيءَ نما ننڍڙو سيارو موجود آهي جت ممڪن پاڻي پڻ موجود هجي، ڇاڪاڻ ته ڌرتي سان مشابهت سبب پاڻيءَ جو هجڻ ضروري آهي ۽ جيڪڏهن پاڻي هوندو ته ضرور جيوت به هجڻ جا امڪان ٿي سگهنٿا ...
انسان جي هميشه کان اها ڪوشش ۽ کوجنا رهي آهي ته ڇا هن ڌرتيءَ کان علاوه به ڪا ڌرتي آهي ۽ ان تي جيوت موجود آهي يا نه ...؟؟؟ پر اهو سوال اڃان حل طلب آهي ...
هن ٻڌايل سياري جو نالو Kepler-22b ڪيپلر 22 ب. رکيو ويو آهي. هي سيارو ڌرتيءَ کان 600 نوري سال جي فاصلي تي آهي، هڪ نوري سال جو ڪاٿو روشنيءَ جي رفتار آهي جيڪا هڪ سال ۾ 10 ٽرلين ڪلوميٽر ڪندي آهي.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: