معذوري مجبوري نه آهي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2011۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    معذوري مجبوري نه آهي
    خادم گھراڻو
    مشين جو آواز اچي رهيو هو هيءُ آرا مشين جي هلڻ جو آواز هو جي ڪاٺ کي چيريو ويو پيئي گرمي به اهڙي هئي جو ڪانءُ جي اک ٿي نڪتي اوچتو ڪارخاني جي مشيننن جو آواز بند ٿي ويو سمجهيم ته لوڊ شيڊنگ آهي چاڪاڻ هتي جيتري لوڊ شيڊنگ آهي اوتري ٻئي هنڌ نه آهي هڪڙي اعلان ڪيل ٻي غير اعلانيه آهي جنهن هڻي ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي ٻاهر دوست جيڪي رهن ٿا اهي چون ٿا ته اسان وٽ اهو مسئلو نه آهي هتي بجلي وڃڻ جو نالو ئي نه آهي پريان منهنجي نظر دوڪان تي پيئي جتي بلب ٻري رهيو هو هتي شايد ساهي ڪرڻ ماني کائڻ جي لاءِ مشين کي بند ڪيو ويو هو ڪارخاني ما ن هڪ وڏي عمر جو ماڻهو نڪتو جيڪو ٿڙي ٿاٻڙجي هلي رهيو هو هن جي چهري تي ڏک هو پريشاني هئي ميرا چتين لڳل ڪپڙا پاتل هئس هٿ هڪ ننڍڙو پوتڙو هوس هن جي زندگي ڄڻ ڏکن جي پيچرن تي گذري رهي هئي هن جو جسم ڪمزور هو پر هيءُ محنت ڪري رهيو هو هن جا جنهن عمر ۾ قدم هئا ان عمر ۾ هن کي آرام جي ضرورت هئي پر هيءُ محنت ڪري رهيو هو ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ هن جو ڪو سهارو نه آهي هيءُ اڪيلو هو هيءُ اچي وڻ جي ڀر ۾ لڳل نلڪي وٽ بيٺو جتان هٿ منهن ڌوئي وڻ جي هيٺيان پوتڙو وڇائي ويهي رهيو هن جي نظر سامهون رستي جي طرف هئي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ڪنهن جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي اتان ڪير ايندو جيڪو هن سان ملندو هن جا ڏک سور درد ونڊيندو آهستي آهستي آئون به هن جي ڀر ۾ اچي بيٺس مون ڏٺو ته هيءُ رستي طرف نهاري ڪنهن کي نه ايندو ڏسي پريشان ٿي ويو ٿي هيءُ اداس هو هن وٽ خوشي نه هئي اوچتو پريان رستي تان هڪ نوجوان اچي رهيو هو جيڪو معذور هو بيساکين جي سهاري تي اچي رهيو هن وٽ هڪ رومال هو شايد ان ۾ ڪجھه ٻڌل هو هيءُ ان پوڙهي وٽ پهتو ان کي ادب سان سلام ڪري ان جي ڀر ۾ ويهي رهيو رومال ان کي ڏنو جنهن تي هن چيو ته پٽ اڄ دير ڪير ڇڏي جنهن مان سمجھيم ته هيءُ پيءُ پٽ آهن نوجوان چيو ته امان کي بخار هو ان ڪري دير ٿي ويئي هن رومال کوليو جنهن ۾ بصر ۽ ساوا مرچ هئا هن انهن سان ماني کاڌي مون سوچيو ڪيئن نه هيءُ غريب بصر سان ماني کائي پنهنجو جيون گھاري رهيا آهن پيٽ جي بک اُجھائي رهيا آهن جڏهن پوڙهي ماني کائي بس ڪئي ته نوجوان چيس بابا سائين آئون سوچيان ٿو ته ڪو ڌنڌو ڪريان جيئن اوهان آرام ڪريو ۽ گھر جو گاڏو به هلندو رهي پوڙهي چيس ته پٽ تون ڪيئن ڌنڌو ڪندين نوجوان چيو ته بابا اوهان فڪر نه ڪريو مون وٽ ٽنگون نه آهن هٿ ته آهن دماغ ۽ هنر آهي آئون پڙهيل آهيان آئون ڌنڌو ڪري دنيا کي ٻڌائيندس ته معذوري مجبوري نه آهي زندگي گذارڻ جي لاءِ پنڻ کان بهتر آهي ماڻهو ڪو ڌنڌو ڪري جنهن تي پوڙهي چيس پٽ پيسا ڪٿان ايندا هن نوجوان چيس ته بابا مون کي هڪ دوست ڪمپيوٽر اوڌر تي ڏي ٿو آئون گھر جي اڳيان دوڪان کوليندس آئون ڌنڌو ڪندس توهان آرام ڪجو جنهن تي پوڙهي چيس پٽ تنهنجي مرضي نوجوان چيس بابا توهان سڄي عمر اسان کي پاليو آهي هاڻي اسان جو وارو آهي آئون ڪمائيندس توهان آرام ڪجو پوڙهو هاڻي اٿي ڪارخاني طرف هلڻ لڳو نوجوان وري واپس جنهن رستي تان آيو هو ان طرف وڃڻ لڳو آئون هن نوجوان ۽ هن جي پوڙهي پيءُ جي باري ۾ سوچيندو رهيس ته هن جو پٽ ڪيئن ڌنڌو ڪندو پوڙهي کي ڏک آهي ته منهنجي وڃڻ بعد هن جو ڇا ٿيندو هن جو سهارو ڪير ٿيندو ڪجھه ڏينهن بعد جڏهن آئون هن رستي تان لنگھيس ته ان پوڙهي کي ڏسڻ لاءِ بيٺس پر اهو ڪونه آيو پڇا ڪيم ته معلوم ٿيو ته هن اهو ڌنڌو ڇڏي ڏنو آهي پار پتا وٺي هنن کي ڏسڻ جي لاءِ هن ڳوٺ پهتس مون ڏٺو ته هن جو معذور پٽ دوڪان کوليو هو جنهن تي موبائل ڊائون لوڊنگ ۽ ڪمپيوٽر رپيئرس لکيل هو دوڪان تي رش به تمام گھڻي هئي هن جو پوڙهو پيءُ جنهن کي ڪجھه وقت اڳ ميرا ۽ ڦاٽل ڪپڙا پاتل هئا اهو نون ڪپڙن ۾ هو جنهن جي چهري تي ڏک هو هن وقت ان جي چهري تي خوشي هئي مرڪ هئي هيءُ دوستن سان ڪچهري ڪري رهيو هو هن جا اهي لفظ منهنجي ڪنن تي پيا مون کي منهنجي پٽ تي فخر آهي رب هر ڪنهن کي اهڙو اولاد نصيب ڪري منهنجون آسون جيڪي نراس بنجي ويون هنيون اهي هن پوريون ڪري ڇڏيون آهن هن اهو ثابت ڪيو آهي ته معذوري مجبوري نه آهي جيڪي اسان جا معذور ڪم ڪن ٿا مون کي انهن تي فخر آهي جيڪي معذوري کي مجبوري سمجھن ٿا انهن کي همت ڪرڻ گھرجي ۽ معذوري کي مجبوري نه سمجھڻ گھرجي مون کي هنن کي ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿي ۽ سوچيم هن همت واري نوجوان تي آئون ضرورو لکندس ۽ اهو دنيا کي ٻڌائيندس ته معذور جيڪي همت وارا آهن انهن جي اڳيان معذوري مجبوري نه آهي
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: معذوري مجبوري نه آهي

    ادا خادم بهترين شيئرنگ آهي، جاري رکندا۔۔۔۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: معذوري مجبوري نه آهي

    ادا تمام بهترين شيئرنگ آهي ۔
     
  4. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    جواب: معذوري مجبوري نه آهي

    ادا لک ٿورا
     
  5. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    جواب: معذوري مجبوري نه آهي

    واقعي ادا معذوري مجبوري نه آهي۔ توهان جي محنت کي جس هجي سٺي ڪهاڻي لکي آهي
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: معذوري مجبوري نه آهي

    سلام آهي اهڙن ماڻهن کي جيڪي معذوري کي مجبوري نه ٿا بڻائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام بهترين ليک
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو