• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مضبوط ٿيءَ!

رسول بخش جوڻيجو

سينيئر رڪن
مضبوط ٿيءَ!

شاعر. ڊيون پورٽ بيبڪاڪ

سنڌيڪار.محترم رسول بخش پليجو صاحب

مضبوط ٿيءَ!
پاڻ هتي رڳو کيل تماشا ڪرڻ، رڳو خواب لهڻ ۽ رڳورلڻ، پنڻ لاءِ ڪونه آيا آهيون.
پاڻ کي سخت پورهيا ڪرڻا آهن ۽ بار کڻڻا آهن.
مضبوط ٿيء!َ
جدوجهد کان پاسو نه ڪر! ان کي منهن ڏي!
اها خدا جو بخشيل تحفو آهي.
مضبوط ٿيءَ!
ائين نه چئو زمانو خراب آهي، ڪنهن کي ڏوه نه ڏجي؟
۽ ائين هٿ ٻڌي هرڪا ڳاله نه مڃ،
مضبوط ٿيءَ!
اٿي بهي! جيڪو چوڻو آهي سو چئي ڏي!
۽ خدا جي واسطي دلير ٿيءَ!
مضبوط ٿيءَ
جي لڙائي سخت آهي، جي ڏينهن اجايو ڊگهو آهي،
پرواه ناهي ،
مضبوط ٿيءَ!
دل ننڍي نه ڪر
وڙهڻ جاري رک
مضبوط ٿيءَ!
سڀاڻي فتح جي نغمن جو ڏينهن اچڻو آ،
مضبوط ٿيءَ!
سڀاڻي فتح جي نغمن جو ڏينهن اچڻو آ!
مضبوط ٿيءَ!
 
جواب: مضبوط ٿيءَ!

سڀاڻي فتح جي نغمن جو ڏينهن اچڻو آ!
مضبوط ٿيءَ!

فتح ضرور ٿيندي پر اسانکي پاڻ کي مضبوط ڪرڻ گهرجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مضبوطي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان ۾ ايڪو ۽ اتحاد هجي ۔۔۔۔۔۔ ڪاش اسان ان ڳالهه کي سمجهي سگهون۔

تمام سهڻي شيئرنگ آهي ادا
 
جواب: مضبوط ٿيءَ!

شاعر. ڊيون پورٽ بيبڪاڪ جو هي نظم، انفرادي ۽ مجموعي طور تي ڪارائتو آهي، جيڪڏهن ڪو انسان انفرادي طور تي پاڻ ڏانهن اشارو ڪري پڙهڻ شروع ڪندو ته هي نظم کيس اتساهيندو ته هي دنيا جدوجهد جي آهي ۔۔۔ اتساهه ۽ محنت سان فتح ۽ ڪاميابي يقيني ٿئي ٿي ۔۔۔ اهو ساڳيو اصول قومن تي مجموعي طور تي به لاڳو ٿئي ٿو ۔۔۔

ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي۔

مطلب هلندي هوت پنهل ڏي کهجن کي کوٽيون، هي ڪائنات بهادرن جي آهي جيڪي هر مشڪل سان مهاڏو اٽڪائن ٿا ۽ فتحياب ٿين ٿا ۔۔۔ گيدي ۽ بزدل هميشه هارائيندو آهي ۔۔۔

سهڻا رسول بخش، اوهانجي چونڊ لاجواب ۽ ٿورائتا هن ونڊ جا ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت


 
جواب: مضبوط ٿيءَ!

پاڻ هتي رڳو کيل تماشا ڪرڻ، رڳو خواب لهڻ ۽ رڳورلڻ، پنڻ لاءِ ڪونه آيا آهيون
سورت المومنون آيت 115
115. اوھين ڀانيو ٿا ڇا ته اوھان کي اجايو بڻايو اٿئون ۽ اوھين اسان ڏانھن وري نه موٽايا ويندؤ؟
 
Back
Top