اچ رات اڌوري آ پيارا، ڇڏ هاڻ کڻي ڇاڇا پيارا۔ جا ڪين وساري وسري ٿي، ها ياد اچي ٿي سا پيارا۔ تصوير لڳائي سيني سان، تو پاڻ مڪي هي جا پيارا۔ تون وار ورائي مرڪين ٿو، ٿو چنڊ لڄائين ڇا پيارا۔۔؟ وڌ ماکئ کان گفتار مٺي، ڄڻ ڪوئل ڪوڪي ڪا پيارا۔ ناياب، سمورو آ تنهجو، ڏس پاڻ چوي ٿو ها پيارا۔ شاعر۔۔ احمد ناياب
جواب: اچ رات اڌوري آ پيارا ۔۔۔۔۔۔ غزل ادي ناياب کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ۔۔۔ ناياب صاحب جو غزل سادن لفظن ۾ محبوب جي اپٽار ۽ التجا سان ٽمٽار آهي ۔۔۔ بس ڙي ادا ناياب اسانجون دعائون اوهان سان گڏ جو پيار جي مرض ۾ مبتلا ٿا لڳو ۔۔۔ جي بچي ويا ته غازي جي مئا ته شهيد ۔۔۔ اميد ته پنهنجي شاعري سان اسان جا سور به پيا تازا ڪندا ۔۔۔ جڙيا هجو شال
جواب: اچ رات اڌوري آ پيارا ۔۔۔۔۔۔ غزل بس ادا الله سڀ جو بلو ڪندو عاشق جو خون ٿي ويو محبوب جي گهٽيءَ ۾
جواب: اچ رات اڌوري آ پيارا ۔۔۔۔۔۔ غزل لک ٿورا ادا، ڏاڍي خوشي ٿي اوهان سجڻن جا رايا ڏسي۔۔۔! سدا مرڪندا شال جڳ ۾ وتو۔
جواب: اچ رات اڌوري آ پيارا ۔۔۔۔۔۔ غزل دوست ناياب پنهنجي پهرين ئي موضوع ۾ ناياب شاعري پيش ڪري سچي به ته حيران ڪري ڇڏيو۔۔۔ اميد ته پنهنجي ليکن کي سنڌ سلامت جي زينت بڻائيندا رهندا۔۔
جواب: اچ رات اڌوري آ پيارا ۔۔۔۔۔۔ غزل تون وار ورائي مرڪين ٿو، ٿو چنڊ لڄائين ڇا پيارا۔۔؟ دوست ناياب جي ناياب پسند بهترين ڀلي ڪري آيا سنڌ سلامت فورم تي
جواب: اچ رات اڌوري آ پيارا ۔۔۔۔۔۔ غزل بهترين ادا ناياب سنڌ سلامت جي اّڱڻ تي ڀليڪار توهان جي شاعري دل کي وڻي وئي
جواب: اچ رات اڌوري آ پيارا ۔۔۔۔۔۔ غزل بس اداڇا لکي ڇا لکجي، سجڻن جي سونهن مٿان، وڏي مهرباني ۽ قرب اوهان سجڻن جا ادا۔
جواب: اچ رات اڌوري آ پيارا ۔۔۔۔۔۔ غزل ناياب، سمورو آ تنهجو، ڏس پاڻ چوي ٿو ها پيارا۔ خوبصورت شاعريء سان شروعات ڪندڙ دوست محترم احمد ناياب کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار۔ اوهان جي هي تخليق بهترين ، سٺي لڳي ۔۔۔ اميد ته اوهان اهڙي شيئرنگ ڪندا رهندا ۽ سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀريندا رهندا۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اچ رات اڌوري آ پيارا ۔۔۔۔۔۔ غزل اسلام عليڪم! ادا ناياب ڪمال جي شاعري ڪئي اٿو جهري تعريف، تهڙيون وري يادگيرون سٺو خيال پيش ڪيو اٿو۔ الله اوهان کي ائين آباد رکي۔ دعائن ۾ ياد! اوهان جو خيرخواھ! سنڌ جو خيرخواھ! منصور ميراڻي
جواب: اچ رات اڌوري آ پيارا ۔۔۔۔۔۔ غزل سائين ناياب سومرو کي اسان جي طرفان هن محبت ڀريل اڱڻ تي خوش آمديد اوهان جي پهرين شاعري پڙهي سکڻ جي ڪوشش ڪنداسين ادا۔ وسلام