گذريل مهينو مان ڳوٺ موڪلن تي اهڙي طرح گذاريو جو نيٽ تي ويهڻ جو موقعو نه هئڻ جي برابر مليو۔۔۔ ان دوران پاڻ کي دنيا کان ڪجهه ڪٽيل ڪٽيل ٿي محسوس ڪيم ۔۔ جڏهن ٻيهر واپسي ٿي ۽ سنگت سان رابطا ٿيا ته افسوس ٿيڻ لڳو ته منهنجي غير موجودگي ۾ ڇا ڇا ٿيو۔۔۔ ؟ مون کي ڪا ڄاڻ نه ملي سگهي۔۔۔
ٿورو گوگلنگ ڪيم ته خبر پئي ته تازو تازو فيس بوڪ پنهنجي رڪنن لاءِ فيس بوڪ ٽائيم لائين پروفائيل جو اعلان ڪيو آهي۔۔ تفصيل پڙهڻ سان خبر پئي ته هاڻي بجاءِ فيس بوڪ اسٽريمنگ کي ڏسڻ جي يا وري فيس بوڪ ٽِڪر تي نظر رکڻ جي توهان پنهنجي پروفائيل تي ئي پنهنجيون ۽ پنهنجي سموري سنگت جون سرگرميون ڏسي سگهو ٿا اهو به نئين ۽ اخباري انداز سان۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر جي گذريل مهينو، تنهن کان گذريل مهينو، هلندڙ سال يا ان کان اڳ جي سال جو سرگرميون به بس هڪ ڪلڪ سان ساڳي ئي انداز سان حاصل ڪري سگهندو۔۔
بلڪل جيئن توهان تڪڙ ڪري پڙهي رهيا آهيو ته اهو وري ڪيئن ۔۔؟ مون به ڪوشش ڪئي پر هي ڇا ۔۔۔ اهڙو پروفائيل ته صرف ڊويلپرس کي ڏنو ويو آهي۔۔۔ جوش جي هوا نڪرڻ تي ئي هئي ته سوچيم ائين وري ڪيئن پاڻ ڪو انگريز ڊويلپرس کان گهٽ آهيون ڇا۔۔۔ ڪوشش ڪئي ۽ نتيجو حاضر۔۔۔۔
هاڻي پاڻ ۾ ته اها عادت آهي ئي ڪونه ته ڪا ڄاڻ ملي ۽ سنگت کي نه ٻڌائجي ته پوءِ سندرو ٻڌو ۽ اک ۽ ڪن کولي ويهو ۔۔۔۔ ڇو ته مان توهان کي بنائڻ وارو آهيان فيس بوڪ ڊويلپر۔۔۔
سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري ڊويلپر پني جو دروازو کڙڪايو۔۔۔ جتي اجازت وٺڻ لاءِ بس allow بٽڻ دٻايو۔۔۔
هي ڇا ڪيترو ته آساني سان توهان ڊيولپر پني تي اچي ويو۔۔۔ هاڻي ساڄي پاسي کان مٿي create new app تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔
مٿيئن ٻنهي خانن ۾ 7 اکرن جا نالا ڏيو ۽ continue بٽڻ دٻايو۔۔۔
دوستو هتي فيس بوڪ توهان کي آزمائيندو ته توهان ڊويلپر جي لائق به آهيو يا هرو ڀرو ڳياڙي پيا هڻو۔۔ ان ڪري تصوير نما لفاظي کي درست لکي submit تي ڪلڪ ڪجو۔۔۔
ٺهي ويو ڇا ۔۔۔؟ نه ادا نه۔۔۔ بس ٿورو ئي ته رهيو آهي ۔۔ هاڻي واري پني مان Open Graph تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
هاڻي توهان جي اڳيان اچي ويندي هيٺين تصوير جتي people can جي اڳيان موجود ٻنهي خانن ۾ ڪجهه به لکو جيئن مون لکيو آهي۔۔۔ ۽ get started تي ڪلڪ ڪري ڇڏيو....
هاڻي توهان ٻيهر Open Graph پني تي اچي ويندو۔۔ پر تيسين ته توهان اهو ڪم ڪري ڇڏيو جو فيس بوڪ به توهان کي ڏندن ۾ آڱريون وجهي ڏسندو هوندو۔۔۔ جي ها دوستو توهان بڻجي چڪا آهيو ”فيس بوڪ ڊيولپر۔۔۔“
هاڻي پنهنجي فيس بوڪ پروفائيل کوليو۔۔۔ اڙي اهو وري ڪيئن توهان سوچيندو ته ”ڪيترو ڳالهائي ٿو۔۔۔ پر ڪم ٽڪو به نه۔۔۔“ توهان جو پروفائيل ته مٽيو ئي نه۔۔۔۔
نه دوستو استاد۔۔ استاد ئي هوندو آهي ان ڪري توهان جي پروفائيل مٿان هڪ تبديلي ضرور آئي هوندي جو هاڻي توهان فيس بوڪ ڊويلپر جو آهيو۔۔۔ ان ڪري ئي توهان جي پروفائيل مٿان فيس بوڪ ٽائيم لائين پروفائيل جو تعارف ٻڌايو ويو هوندو بس هاڻي ته توهان سياڻا ٿي چڪا هوندو ۽ منهنجي ٻڌائڻ کان سواءِ ئي فٽا فٽ get it now تي ڪلڪ ڪري پنهنجي پروفائيل جو منظر ئي مٽائي ڇڏيندو۔۔۔ هاڻي ته توهان کي پروفائيل مٿان ڪور تبديل ڪرڻ لاءِ به مون کان پڇڻو نه پوندو۔۔۔
ان جي باوجود جو ڪافي دوست منهنجي هن بهترين موضوع کي مان ڏيندي ۔۔۔ منهنجي تعريف ڪندا پر متان ادا عبدالواحد سومرو چوي ته ”ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي۔۔۔ “ ان ڪري حاضر آهي هن سموري ڪاروائي جي وڊيو۔۔۔
ان باوجود جو هي نئون پروفائيل ڪافي دوستن کي وڻندڙ ۽ ڀلو لڳندو پر ٿي سگهي ٿو ڪجهه موڊي دوست به هجن ۽ انهن کي هي نئون پروفائيل ٽڪو نه وڻي۔۔ اهي چاهين ته ست ڏينهن انتظار ڪن باقي دوست فٽا فٽ publish now تي ڪلڪ ڪري ڇڏين۔۔۔
ڪيئن لڳو توهان کي هي ٽيوٽرل ۔۔۔ ؟ توهان جا رايا وڌيڪ لکڻ تي مجبور ڪري سگهن ٿا ان ڪري انتظار رهندو۔۔۔