• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽاسڪ مينيجر جي ذريعي پنهنجي سسٽم جي اسپِڊ وڌائنبا2

عبدالوهاب

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم۔
ادا فاروق سومرو جن جا ٿورائتو آهيان جنهن سنگت کي اهڙي معلوماتي ڄاڻ فراهم ڪئي۔
http://sindhsalamat.com/showthread.php?15193-پنهنجي-ڪمپيوٽر-جي-اسپيد-وڌايو
انهن ٽپ جي وڌيڪ تفصيل سنڌ سلامت جي سنگت جي لاءِ پيش ڪجي ٿي۔
ٽاسڪ مينيجر کي اسان انهي وقت استعمال ۾ آڻيندا آهيون جڏهن اسان کي اهو معلوم ڪرڻو هجي ته هن وقت اسان جي سسٽم ۾ ڪهڙا ڪهڙا پروگرام هلي رهيا آهن۔
Cc958260.fneb08%28en-us,TechNet.10%29.gif


سڀ کان پهريان توهان ڪيبورڊ مان ctrl+alt+del (ڪنٽرول + الٽرنيٽ + ڊليٽ) يا ctrl+shift+Esc (ڪنٽرول + شفٽ + اسڪيپ) بٽڻ دٻائيندا ته ٽاسڪ مينيجر جي اسڪرين کُلي ويندي۔ شايد ڪجهه دوستن کي خبر هوندي ته ctrl+shift+Esc (ڪنٽرول + شفٽ + اسڪيپ) بٽڻ دٻائڻ سان به ٽاسڪ مينجر اسٽارٽ ٿيندو آهي۔
ان کان بعد ۾ توهان View مينيو تي ڪلڪ ڪري update speed جي آپشن تي ايندا ته هيٺ ڏنل تصوير مطابق سائيڊ مينو کلندو۔
TSK_MNGR.png

مٿين تصوير ۾ چار آپشن ڏنل آهن

High: هن آپشن تي ڪلڪ ڪرڻ سان اوهان جو سسٽم اڌ سيڪنڊ ۾ پنهنجو پاڻ ريفريش ٿيندو رهندو۔ يعني هڪ سيڪند ۾ ٻه دفعا۔
Normal: هن آپشن تي ڪلڪ ڪرڻ سان اوهان جوسسٽم هر هڪ 1 سيڪنڊ کان بعد ۾ پنهنجو پاڻ ريفريش ٿيندو رهندو
Low: هن آپشن تي ڪلڪ ڪرڻ سان اوهان جو سسٽم چئن (4) سيڪنڊن کان بعد ۾ پنهنجو پاڻ ريفريش ٿيندو رهندو
Paused: هن آپشن تي ڪلڪ ڪرڻ سان اوهان جو سسٽم خودمختار طريقي سان ريفريش نه ٿيندو پر توهان کي پنهنج پاڻ ريفريش ڪرڻو پوندو ۔ F5 بٽڻ کي دٻائڻ سان سسٽم کي توهان ريفريش ڪري سگهو ٿا۔
 
جواب: ٽاسڪ مينيجر جي ذريعي پنهنجي سسٽم جي اسپِڊ وڌائنبا2

واه سائين تمام اهم معلومات اها به تصويرن جي مدد سان سائين عبدالوهاب جن جي مهرباني جو پاڻ وقت ڪڍي تمام اهم معلومات اسان تائين پهچايائون ليڪن پاڻ مشورو به ڏين ته ڪهڙي آپشن کي ڪلڪ ڪرڻ گهرجي نارمل کي يا هائي کي ته سندن تجربه مان فائدو حاصل ڪندي اسان به ان آپشن کي ڪلڪ ڪريون۔
 
جواب: ٽاسڪ مينيجر جي ذريعي پنهنجي سسٽم جي اسپِڊ وڌائنبا2

ادا عبد الوهاب مون کي تصويرون ٺاهڻ نه اينديون آهن
توهان جي مهرباني جو توهان جي ڳالھ تان سکي ويا هوندا دوست سنڌ سلامت جا
 
جواب: ٽاسڪ مينيجر جي ذريعي پنهنجي سسٽم جي اسپِڊ وڌائنبا2

مهرباني ادي وهاب قمبراڻي اسلام آباد واري جي جنهن قيمتي معلومات ونڊ ڪئي۔

اهو به ٻڌايو جيئن سائين رحيم بخش صاحب پڇيو آهي ته ڪهڙي آپشن تي ڊفالٽ سيٽنگ رکجي۔ نارمل تي يا هاء تي
 
جواب: ٽاسڪ مينيجر جي ذريعي پنهنجي سسٽم جي اسپِڊ وڌائنبا2

ادا عبد الوهاب مون کي تصويرون ٺاهڻ نه اينديون آهن
توهان جي مهرباني جو توهان جي ڳالھ تان سکي ويا هوندا دوست سنڌ سلامت جا

موضوع موڪلڻ وقت گوگل اميج سرچ کي استعمال ڪريو۔۔ توهان اڳيان انيڪ بنا بڻايل اميجز ايندا بس انهن کي وڏو ڪري يو آر ايل ڪاپي ڪري ۽ سنڌ سلامت تي موڪلي ڏيو۔۔ (هڪ ٽپ به ڏيندو هلان ته اميج ڳولا سان توهان کي کوڙ ساريون اهڙيون سائيٽون به نظر اينديون جيڪي کوڙ ساريون نيون ڳالهيون سيکارينديون رهنديون آهن ۔۔۔ انهن کي بوڪ مارڪ ڪريو ۽ اڪثر ڦيرو ڀري نيون شيون سنڌ سلامت جي دوستن سان به ونڊ ڪندا رهو۔۔۔

مهرباني ادي وهاب قمبراڻي اسلام آباد واري جي جنهن قيمتي معلومات ونڊ ڪئي۔

اهو به ٻڌايو جيئن سائين رحيم بخش صاحب پڇيو آهي ته ڪهڙي آپشن تي ڊفالٽ سيٽنگ رکجي۔ نارمل تي يا هاء تي

منهنجي خيال ۾ لو (4 نمبر وارو) آپيشن بهتر رهندو ۔۔ جو ان سان پروسيسر ۽ ميمري تي اثر گهٽ رهندو۔۔۔
 
جواب: ٽاسڪ مينيجر جي ذريعي پنهنجي سسٽم جي اسپِڊ وڌائنبا2

مهرباني سائين هي ٽپ واقعي وڏي ڪم جي لڳي ٿي۔۔۔
 
جواب: ٽاسڪ مينيجر جي ذريعي پنهنجي سسٽم جي اسپِڊ وڌائنبا2

ادا رشيد توهان ته مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو۔ سنگت جو۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ٽاسڪ مينيجر جي ذريعي پنهنجي سسٽم جي اسپِڊ وڌائنبا2

مهرباني سائين هي ٽپ واقعي وڏي ڪم جي آهي
 
Back
Top