استاد محمد رمضان سهتو پوسٽ گريجوئيٽ ٻن ٽن سالن کان وٺي آئون هن کي شهر جي مختلف رستن تي گهمندو ڏسي رهيو هوس. عمر ۾ اٽڪل چاليهن سالن جو لڳي رهيو هو. ڏاڙهي هميشه وڌيل، مٿي جا وار اڌڙڪ اڇا ۽ اڻڀا جن کي تيل ۽ ڦڻي ڏني ڪي ڏينهن ٿي ويا هئا. سدائين ٽڙيل پکڙيل، رنگ سانورو ۽ منهن ۾ ملول ليڪن ڳالهائڻ تمام گهٽ ۽ پنهنجي منهن ڪجهه چپن ۾ ڀُڻڪڻ سندس عادت پئي محسوس ٿي. ڪو به ماڻهو ڪڏهن کائڻ يا پيئڻ جي ڪا شيءِ ڏيندو هوس ته صبر سان وٺندو هو، ليڪن ڪنهن کي به ڪنهن شيءِ لاءِ سوال ڪرڻ سندس عادت نه هئي. گهمندي گهمندي ٿڪجي پوندو هو ته پوءِ مون واري دڪان جي سامهون ٺهيل هڪ سيمينٽ جي دڪي تي اچي ويهندو هو يا ڪڏهن ليٽي پوندو هو. ويهڻ يا ليٽڻ وقت سندس خاص عادت اها هئي ته پنهنجو کاٻو يا ساڄو هٿ ڪڏهن اڻڀن وارن ۾ ڦيرائيندو هو يا ڪڏهن ڇاتيءَ ۽ پيٽ تي پيو ڦيرائيندو هو. رات جي وقت خبر نه هئي ته هو ڪٿي رهندو هو ۽ رات جو وقت ڪٿي ۽ ڪيئن گذاريندو هو. ڏينهن جي وقت پنهنجي خيالن ۾ گم ۽ الوٽ، دنيا ۽ ان جي ڪمن ڪارين کان پري ۽ بي نياز رهندو هو، نه کائڻ جي لالچ ۽ نه وري ڪجهه گهرڻ جي عادت. هن جي خاص خوبي ڏسڻ ۾ ايندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن سيمينٽ جي دڪي تي ويٺي آئون ڏانهس گهوري ڏسندو هوس پر منهنجي ان چتائي ڏسڻ يا ساڻس اکيون اکين ۾ ملائي نهارڻ جو سندس صحت تي ڪو به اثر ڪو نه پوندو. هو پنهنجي ڌن ۾ مست ۽ هڪ هٿ جون پنج ئي آڱريون ۽ ڀنڊن نما وار هڪ ٻئي کي تحرڪ ۾ آڻڻ جو پورو ڪم پيا ڪندا هئا. اڌ ڦاٿل قميص مٿي ڪري اڳيان ڇاتيءَ ۽ پيٽ کي وائکو ڪري دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي ڪڏهن آرام لاءِ ليٽي پوندو هو پر ننڊ نصيب ۾ گهٽ هئس. مون کي هڪ ڏينهن اوچتو خيال اچي ستايو ته ڇو نه هن درويش جي ويجهو وڃي ويهي رهجي جيئن سندس وڌيڪ طبيعت جي حال ۽ برداشت کي معلوم ڪري سگهان. مون ڪولر مان ٿڌي پاڻيءَ جو جڳ اڌ ڪري ۽ گلاس ساڻ ڪري وڃي ڀرسان رکيو مانس ۽ سندس منهن جي سامهون ساڳي ٿلهي تي صبر ڪري ويهي رهيس. شايد گهڻو اُڃايل هو، هو سمورو پاڻي گلاس ۾ لاهيندو پيئندو ويو ۽ جڳ خالي ڪري ان ۾ گلاس وجهي رکي ڇڏيائين. ڳالهايائين ڪجهه به نه مون چڱي طرح سمجهيو ته مجزوب يا چريو نه هو. اها ڳالهه مون تڏهن تسليم ڪئي، جڏهن هن پاڻي پيئڻ ختم ڪري منهن جي منهن ۾ پنهنجون اکيون کپائي نهارڻ شروع ڪيون. مون کي پنهنجي دل وڌيڪ همت ڏياري ۽ سندس هڪ هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي ٿورو کيس زور ڏنم ته رڙ ڪري چيائين ته: ”ڏونگر مون نه ڏکوءِ، آءٌ اڳ ڏکوئي آهيان.“سندس واتان لطيف سائين جو بيت ٻڌي مون پڪ سان صحيح ڪيو ته هي شخصيت تعليم يافته ۽ پڙهيل، قابل آهي، ڇاڪاڻ ته ٿورو عذاب اچڻ سان هيڏو سارو ۽ معنيٰ خيز بيت سندس زبان مان نڪرڻ سندس تعليم يافته هجڻ لاءِ ثبوت طور ڪافي هو. منهجي دلچسپي وڌي مون کيس پٺيءَ ۽ ڪلهن تي ٿڪ لاهڻ لاءِ هٿن سان دٻائڻ شروع ڪيو ڏٺم ۽ محسوس ڪيم ته منهنجي اهڙي ڪيل حرڪت کيس پسند هئي ۽ آرام سان ليٽي ان حرڪت جو مزو وٺندو رهيو. شايد سالن جي ٿڪل جسم کي آٿت اچي رهيو هو. پنهنجي منهن وري ڀڻڪيو. ”سرجيس تان سور، سامايس تان پڻ سک ويا.“مون کي هيڪاري ٿي ته هي انسان واقع زماني جي ستم ۽ ظلم جو ستايل آهي، پر عام ماڻهو ته هن کي الائي ڇا سمجهي رهيا هئا. مون ڀر واري هوٽل جي بيري کي چانهه ۽ بسڪوٽ کڻي اچڻ جو آرڊر ڏنو ۽ اهي گهرائي مون صرف سندس اڳيان رکيا، جيڪي هن تمام فضيلت ۽ هڪ مهذب ماڻهو وانگر کائڻ شروع ڪيا. ان وچ ۾ هن لفظ به نه ڳالهايو ۽ پنهنجو ڪم پورو ڪري وري ليٽي پيو. ائين ٻه چار ڏينهن لاڳيتو سندس خدمت ڪندو رهيس پر هن ڪڏهن به پاڻ مون سان ڳالهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. اوچتو هڪ ڏينهن هن پنهنجي قميص جي سامهون ڇاتي واري کيسي مان جيڪو ان جي اندرئين پاسي چڱي طرح سبيل پئي ڏسڻ ۾ آيو، ان مان ان ڪجهه ڪاغذ ڪڍي منهنجي اڳيان رکيا. نهايت احتياط سان مون اهي ڪاغذ کنيا ۽ هڪ هڪ ڪري لفظ به لفظ پڙهڻ لڳس پر سندس اصل نسل جي خبر ڪنهن به ڪاغذ مان ڪا نه پئجي سگهي ته هو ڪير آهي يا سندس نالو ڇا آهي ۽ ڪٿان جو رهندڙ آهي، ليڪن سندس گذاريل زندگيءَ ۽ تعليم جو تفصيل انهن ڪاغذن مان چڱي ريت ملي پئي سگهيو ۽ اهو تفصيل شايد سندس ئي هٿ سان لکيل هو، جنهن ۾ پهريائين هن ترجيحي طور پنهنجي ننڍپڻ جي پاڪ محبت ۾ نصيب ٿيل ناڪامي بابت لکيو هو ۽ اها پاڪ محبت پنهنجي پڦاٽ زبيده سان ڪئي هئي. جيڪا عمر ۾ هن کان ٻه اڍائي سال ننڍي هئي ۽ زبيده جي ڄمڻ وقت پاڻ ان جاءِ تي ٻاراڻي اوسطاً موجب راند روند لاءِ موجود هو، اتي زبيده کي جنم وٺندو ڏٺو هئائين ۽ اها ڳالهه کيس چڱي طرح ياد هئي. جنهن جو ذڪر پنهنجي هٿ سان لکي چڪو هو. زبيده جا والدين ڪجهه مڇي ماني وارا هئا، ليڪن انهن جي ڀيٽ ۾ هن جو تعلق غريب ڪٽنب سان هو. البت فرق اهو هو ته زبيده جي والدين وٽ ٻني ٻارو ۽ چار پئسا هئا، ليڪن تعليم ڏانهن سندن ذرو به خيال ڪو نه هو، اهو ئي سبب هو جو زبيده کي تعليم جي زيور کان محروم رکيو ويو هو. ان جي ڀيٽ ۾ هن جي خاندان جو لاڙو غربت هوندي به علم ڏانهن تمام گهڻو هو. اهو ئي سبب هو جو هيءَ پوسٽ گريجوئيٽ هو، ليڪن در در ڀٽڪڻ باوجود کيس ڪٿي به روزگار ملي نه سگهيو هو ۽ اڄ به بيروزگار هو، زبيده سان ننڍپڻ ۾ گڏ کيڏندي ڪڏندي سندن پاڻ ۾ معصوم گلن جهڙن ٻارڙن واري پاڪ محبت اهڙي ته ٿي ويئي هئي جو جڏهن به زبيده کي والدين پنهنجي گهر وٺي وڃي رهائيندا هئا ته هڪ ٻئي کان اهي چند ڏينهن وڇڙڻ ڪري ٻئي پنهنجي منهن پيا روئيندا هئا ۽ سندن دلين تي ان پاڪ محبت جو نشو ايترو ته ڇانئجي چڪو هو، جو هو هڪ ٻئي کي هڪ جسم ۽ جان سمجهندا هئا. بلوغت کي پهچڻ بعد زبيده جي والدين سندس پنهنجي ماماڻي گهر به اچڻ وڃڻ گهڻو ڪري بند ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪنهن خاص موقعي کان سواءِ. هن جو پاڻ ۾ ملڻ هڪ مشڪل مسئلو هو، ليڪن ننڍپڻ جي پاڪ محبت هئڻ ڪري ٻئي پنهنجي دل ۾ اڄ به هڪ ٻئي لاءِ اها محبت ۽ سڪ سانڍيو پئي آيا ۽ هڪ ٻئي کي پنهنجو جيون ساٿي بنائڻ لاءِ پڪو پهه ڪري چڪا هئا. ليڪن زبيده جي والدين جي سخت ۽ ناروا سلوڪ سبب اها ڳالهه ٻنهي لاءِ اڻ ٿيڻي نظر پئي آئي وري به هن رزوگار خاطر وقت جي عملدارن، وڏيرن ۽ سياستدانن وٽ ليلائڻ شروع ڪيو ۽ لطيف جي هن بيت جي تقليد ڪندي ته: ”جي ليلائي نه لهين، تان پڻ ليلائيج“گهڻي جاکوڙ ڪئي پر ڪٿي به کيس روزگار نصيب نه ٿيو، ان بعد غربت ۽ مسڪيني جو عنصر سندس دل ۽ دماغ تي هميشه حاوي رهندو پئي آيو، جنهن ڪري پاڪ محبت ۾ ڪاميابي ماڻڻ واري جنگ ظالم سماج ۽ انڌي رسم رواج اڳيان هارائي ويٺو. آخر دل شڪستو ٿي خودڪشي ڪرڻ لاءِ سوچيائين پر سندس علم ۽ اٽل ارادي کيس اهڙي ڪريل حرڪت ڪرڻ کان روڪيو، سندس ضمير کيس ملامت ڪندو رهيو، ڇاڪاڻ ته هو پوسٽ گريجوئيٽ هو، زماني جي ستم ظريفين، انڌين رسمن ۽ رواجن جي ستايل انسانن بابت هو ڪافي مواد ڪتابن ۾ پڙهي چڪو هو، تنهن ڪري هن وري به دل شڪستو ٿيڻ بدران زماني جي انهن سڀني مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو پڪو پهه ڪيو هو. هڪ ڏينهن سندس ڳوٺ ۾ اها ڳالهه هُلي ويئي ته هن جي من جي مراد ۽ دل جي تمنا زبيده وفات ڪري ويئي آهي ۽ سندس لاش اباڻي مقام تي دفن ڪرڻ لاءِ آندو پيو وڃي خبر ٻڌڻ سان هن جي من جو ماڻڪ ٽٽي پيو هو. آواز ڳرو ۽ گهگهو ٿي چڪو هوس، ڄڻ ڪا شيءِ گلي ۾ اٽڪي پئي هيس ۽ ان ڏينهن کان ئي هن گهڻو ڳالهائڻ ڇڏي لکڻ شروع ڪيو هو، جنهن ۾ پنهنجي محبت ۽ روزگار جي معاملي ۾ ناڪامي تي لکڻ بعد هن پنهنجي سر تي آيل تڪليفن جي ذڪر ۽ دل تي پيل بار جي سموري ڪٿا، هنن ئي ڪاغذن ۾ قلمبند ڪئي هئي ۽ صبر ئي صبر سان سنڌ جي ماضيءَ متعلق لکيو هو، جنهن ۾ پراڻي زماني ۾ سنڌ جي مهمان نوازي، تهذيب، ماڻهن جو پاڻ ۾ قرب، محبت ۽ همدردي، انتظاميه جو عوام ڏانهن رويو، ان ئي معاملي سان امن امان جو ذڪر، عدل ۽ انصاف ۽ تعليم ۾ ادب، اخلاق، علم ادب، اديبن، مفڪرن ۽ تعليمي ماهرن جي ڪردار تي لکي چڪو هو. ان بعد موجوده دور جي سڀني ساڳين مسئلن سان گڏ موجوده ڪاپي ڪلچر، بدامني، بدعنواني، بيروزگاري، لاپرواهي، رشوت خوري، پاڻي جي کوٽ، ڌاڙيل ڪلچر ۽ پوليس جي ڪردار، وڏيرا شاهي ۽ سياست تي ماٺ ميٺ ۾ هنن ڪاغذن ۾ ذڪر ڪري چڪو هو، پر سندس ان سڀ ڪجهه لکڻ باوجود انهن سڀني مسئلن جو کيس جواب اهو ڏسڻ ۾ آيو هو ته ”رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورهيه ٿيا.“ آخر لکڻ کي تياڳ ڏيئي، هٿيار ڦٽا ڪرڻ به سندس ضمير ۽ علمي ڄاڻ گوارا نه ڪيو هو، پاڻ ايتري علم هوندي به پڇاڙيءَ تائين معاشري ۾ بي پهچ ۽ مفلس رهيو هو ۽ بيروزگار هئڻ سبب سواءِ هن لکڻ جي ڪڏهن به ڪنهن سان دل کولي زباني طور شڪايت نه ڪئي هئي ۽ سنڌ ۽ سنڌي عوام جي تهذيب ۽ تمدن جو شان رکندي پنهنجي دل ۾ سمورن سانڍيل جذبن جي پڄاڻي، سنڌ جي سدا حيات شاعر لطيف سائين جي هن دعا سان ڪئي هئي ”سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار، دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“مون سڀ ڪاغذ پڙهڻ بعد واپس ڪري سندس اڳيان رکيا، جيڪي هن کڻي پنهنجي ساڳئي کيسي ۾ اندر وڌا ۽ معنيٰ خيز نگاهن سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳو. پنهنجي زبان مان آهستگي سان سندس کان ڀڻڪندي هي لفظ نڪري ويا ته: ”صبر جنين جو ساڻ، تير نه گسي تن جو.“ (ڪتاب ”آخري ديدار“ تان کنيل)