khadim ghirano
سينيئر رڪن
واقعي جي جانچ ڪرايو
خادم گھراڻو
اربع جي ڏينهن هڪ اهڙو واقعو ٿيو آهي جنهن به چينلن تي ڏٺو هوندو يا اخبارن ۾ پڙهيو هوندو ان جي دل مان توبهه جا لفظ ضرور نڪتا هوندا هي هڪ واقعو نه آهي اسان ماضي جي جھروڪن ۾ ڏسنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته ٽنڊو ڄام ويجھو راهوڪي وٽ هڪ مسافر ڪوچ کي باهه اي سي مان لڳي هئي جنهن ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي ويون هنيون بس جي حالت جن به ڏٺي هوندي انهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون هونديون . خيرپور ضلعي ۾ هڪ مسافر ويگن کي گيس سيلنڊر مان باهه لڳي جنهن ۾ به ڪافي جاني نقصان ٿيو هو اهي واقعا ۽ ٻيا واقعا اڄ به ماضي جي اخبارن جي صفحن تي محفوظ آهن هي واقعو جيڪو ضلعي مٽياري ۾ ٿيو آهي هڪ بد نضيب مسافر ويگن جيڪا شهداد پور کان هالا اتان حيدرآباد وڃي رهي هئي ان کي نور پيٽرول پمپ وٽ گيس سيلنڊر مان باهه لڳي جنهن ۾ موقعي تي ست هاڻي اخباري خبر موجب يارهن انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن ڪيتررن ئي جي حالت نازڪ چئي وڃي ٿي اها ڪنهن کي ڪل ڪانه هئي ته جنهن ويگن ۾ اهي سفر ڪري رهيا آهن اهو انهن جو آخري سفر آهي جيڪو انهن کي اهڙي هنڌ وٺي ويندو جتان ڪوبه واپس نه ايندو آهي موت برحق آهي اهو هڪ نه هڪ ڏينهن اچڻو آهي . هن واقعي ۾ جيڪي مسافر فوت ٿيا آهن انهن جي خبر ڪانه پئي آهي ته اهي ڪٿان جا آهن ويگن مان اخباري خبر موجب عضوا به مليا آهن لاش تمام گھڻو سڙي ويا آهن اسان پنهنجي دل تي هٿ رکون ته جن کان سندن مائٽ جدا ٿي ويا آهن انهن سان ڪهڙي حالت هوندي اسان انهن ڏکويل خاندانن سان غم ۾ شريڪ آهيون ڪنهن کي اها خبر نه هئي ته جيڪي هنن کان موڪلائي سفر سنباهي رهيا آهن اهو انهن جو آخري سفر آهي . هي هڪ وڏو واقعو آهي جنهن جي تحقيقات ٿيڻ گھرجي ان ويگن ۾ سيلنڊر مان باهه ڇو ۽ ڪيئن لڳي اڄ جي دور ۾ تيل مهانگو ٿيڻ کان پوءِ سي اين جي جو واهپو وڌي ويو آهي جتي هنن جو واهپو وڌيو آهي اتي انهن جي نقصانن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ اسٽيشن تي هدايت نامون لڳل هوندو آهي جنهن ۾ سگريٽ نه پيئڻ موبائل کي آف رکڻ ۽ گيس سيلنڊر جي چڪاس وغيره بابت هدايتون درج ٿيل هونديون آهن هاڻي اسان سوچيون ڇا اسان انهن تي عمل ڪريون ٿا جڏهن سي اين جي ڀرايون ٿا اسان موبائل کي آف نه ڪندا آهيون گيس سيلنڊر جي چڪاس ڪرايون ٿا يا نه جيتري قدر منهنجي ننڍڙي معلومات ۾ آهي ته هر ٽي چوٿين سال اهو سيلنڊر چيڪ ڪرائڻو آهي ان کي تبديل ڪرائڻو آهي . هاڻي اسان ان ويگن جي طرف وڃون ته ڇا ان جي سيلنڊر جي چيڪنگ ڪرايل هئي يا اهو پنهنجو مدو پورو ڪري چڪو هو پوءِ به ان ويگن ۾ لڳل آهي جنهن جي مڪمل طور تي جانچ ٿيڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته هن واقعي ۾ يارهن انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن انهن ۾ ٻه معصوم ٻار به شامل آهن جيڪي گل وانگر هر ڪنهن کي خوشي ڏيندا آهن . جن جا مائٽ هنن کان جدا ٿيا هوندا انهن جي هن وقت ڇا حالت هوندي انهن کا لڙڪ جيڪي لارون ڪري سڏڪن سان گڏ وهي رهيا اهي ڪيئن بند ٿيندا جيڪي انهن جي دلين تي ڏکن جا پهاڙ ڪريا اهي ڪيئن لهندا . تنهن ڪري هن واقعي جي جانچ ڪرائي وڃي جيئن هن باهه جو ڪارڻ معلوم ٿي سگھي جيڪو ان ۾ ڏوهاري نڪري ان کي قانون موجب سزا ڏني وڃي جن جو جاني نقصان ٿيو آهي انهن جي سهاتا ڪئي وڃي . اهڙي سختي ڪيئي وڃي جيئن گيس سيلنڊر هرڪو چڪاس ڪرائي اڳتي جيئن اهڙو ڪو واقعو نه ٿئي جنهن سان انساني جانيون ضايع ٿينديون رهن . هن واقعي تي جيترو به افسوس ڪجي اهو ٿورو اسان صرف اهو مطالبو ٿا ڪريون ته هن واقعي ۽ ويگن جي سيلنڊر جي جانچ ڪرائي وڃي جيڪي هن جا ذميوار آهن انهن کي سزا ڏني وڃي جيئن اڳتي ڪوبه اهڙي غفللت نه ڪري ۽ انساني جانين جو نقصان نه ٿئي