سمير پنهنجي دوست فريد کي ٻڌائي رهيو هو ته ۔۔۔ ”سندس لک پتي ٿيڻ جو سبب سندس زال آهي۔۔۔!“ ”واؤ ۔۔۔ زبردست ۔۔۔! ڪيڏي نه ڀاڳ واري زال آهي تنهنجي ۔۔ پر ٻڌا ته سهي ۔۔۔ اهو آخر ٿيو ڪيئن۔۔۔؟“ فريد خوشگوار حيرت ۾ پڇيو۔۔۔ سمير وراڻيو۔۔۔ ”دوست ۔۔۔ شادي کان اڳ مان ڪروڙ پتي هيس۔۔۔۔۔۔۔۔۔!“ گذريل مهيني منهنجا ڪئي دوست شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا۔۔ هي موضوع مان سندن نانء ڪريان ٿو۔۔۔ خاص طور هي موضوع پڙهندڙ جي نانء :biggrin:
جواب: منهنجي زال مون کي لک پتي بڻائي ڇڏيو۔۔۔! يعني ته ڪروڙ پتي مان لک پتي ته ڪک پتي ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي واه سائين واه اهڙي سڀاڳي شل۔۔۔۔۔۔
جواب: منهنجي زال مون کي لک پتي بڻائي ڇڏيو۔۔۔! پر هن طرف ڳالهه ڪجهه ابتڙ آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته آ شادي کان اڳ مست ملنگ قومپرست هيس، ڪڏهن نه پئسن باري ۾ سوچيم ۽ نه گڏ ڪيم، جڏهن ٿي شادي ۽ زال ۽ گهر جا خرچ نظر آيا ته رڙ نڪري وئي ۔۔۔ ” هل ته سهي “ ۽ پو زال جي صلاحن، غضب ۽ پيار ۔۔۔ ان سوچڻ تي مجبور ڪيو ته پيار کان اڳتي آهي دنيا ٻي به ۔۔۔ هاڻ جيڪڏهن لکپتي نه ئي سهي پر پنهنجي رزق حلال جي قابل ضرور ٿياسون ۔۔۔ اهي اٿوَ زال جا ڪارنامه ۔۔۔ ها! جيڪي مڙس شادي کان اڳ ڪروڙپتي هجن اهي هن لطيفي کي پاڻ ڏي سمجهن ۔۔۔۔ باقي سنڌ سلامت جا دوست سڀ سلڇڻا، فرمانبردار ۽ مون جيئان هيٺئين وچولي طبقي جا مالڪ آهن، انڪري اسانجون زالون به سٻاجهڙيون ۽ حال تي حاضر آهن ۔۔۔ سٻاجهڙي زال الله جي نعمت ۽ بخيل زال الله جو عذاب سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: منهنجي زال مون کي لک پتي بڻائي ڇڏيو۔۔۔! خبر ناهي هي موضوع پڙهندڙن مان ڪير ڪروڙ پتي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ؟؟؟؟ باقي اشارو سمجهي وياسين ۔۔۔۔۔ اهڙا موضوع موڪلي اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري سنڌ سلامت لاء مسئلا پيدا نه ڪجو ۔۔۔۔۔۔
جواب: منهنجي زال مون کي لک پتي بڻائي ڇڏيو۔۔۔! ادا سليمان جي لاءِ ته بهترين سمجهاڻي آهي۔ پر لڳي ٿو ادو رشيد اڳ ۾ دلبر جي ديس جا ڌڪ کاڌيون ويٺو آهي تڏهن اهڙيون آهون ٿو ڀري سي به پيار منهنجهان۔۔۔۔۔۔۔ اهو اهڙو مقام آهي جتي انسان نه ڪجه ڪڇڻ جهڙو نه ڀڄڻ جهڙو
جواب: منهنجي زال مون کي لک پتي بڻائي ڇڏيو۔۔۔! ها ادا اها ڳالهه مڙئي ڪجهه پلئه پئي پئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔