جاگيرداري ۽ پيري

'مختلف موضوع' فورم ۾ رسول بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏9 ڊسمبر 2011۔

  1. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    جاگيرداري ۽ پيري انهن ٻنهي ادارن کي آئون انسان دشمن ۽ مردود سمجهان ٿو. هڪ خاص سازش جي ماتحت، سنڌ جي ذهن کي منجهائي مفلوج ڪري، مصيبت ۾ آندو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ذهن آزاد هجي ها؛ ته پوءِ انهن کي ڪير ليکي به ڪونه ها. پير يا جاگيردار جي بقا تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جڏهن سنڌ جو ماڻهو منجهيل هجي، معزور هجي ۽ سندس هٿ هر وقت ٽنگيل هجي، تنهن ڪري هنن (پيرن ۽ جاگيردارن) هميشه ڪوشش ڪري سنڌ جي ذهن کي مفلوج رکيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو اسان اڄ ڏينهن تائين پيا ڀوڳيون ۽ سنڌ به ڏوجهرن ۾ آهي. سنڌ سڄي ذلت انهي سماجي نظام جي پيدا ڪيل آهي.
    سيد حسام الدين راشدي
    ڳالهون منهنجي سنڌ جون
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جاگيرداري ۽ پيري

    تمام سهڻي ۽ ڪم واري شيئرنگ ۔۔

    سيد حسام الدين راشدي سنڌ جي محب وطن دوستن مان هڪ هيو جنهن جي لکڻين ۽ ڳالهين ۾ سنڌ جي آجپي واري جهلڪ سان گڏ سنڌين جي ڀلائي واضح طور نطر ايندي آهي۔ سندس مٿيون سٽون ظاهري آهي ته تمام گهري معنى رکن ٿيون۔ جاگيرداري ۽ پيري سنڌ کي اڏوهيء جيان کائي تباهه ۽ برباد ڪيو آهي۔
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: جاگيرداري ۽ پيري

    سائين رسول بخش جوڻيجو صاحب اسلام عليڪم۔ادا سيد حسام الدين راشدي سنڌ جي انهن ڏاهن مان هئا جن جي اندر سنڌ جي محبت تمام گهڻي ڀريل هئي ۽ هو سنڌ کي ترقين جي اوچائي تي ڏسڻ پئي چاهيون۔اسان به سائين حسام الدين راشدي ۽ ادا سليمان وساڻ سان متفق آهيون ته جاگيرداري ۽ پيري سنڌ کي ناسور وانگر وچڙي خراب ڪري رهيون آهن۔انهن ناسورن جي ڪري اسان جي سنڌ جو گهڻي ڀاڳي حصو تعليم جهڙي نعمت کان محروم آهي۔گورنمنٽ اسڪول ته ٺاهيا آهن پر اهئي تعليمي درسگاه جي بجاء انهن وڏيرن جي اوطاقن جو ڪم ڏئي رهيا آهن۔توهان جون مهربانيون هڪ ڏاهي جون بامعنئ لکڻيون هن فورم تي ونڍ ڪري اسان کي ان مان مستفيد ڪرڻ تي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو