• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منھجو مسئلو حل ڪريو

RAM disable

  • maslo hal karyo

    ووٽَ: 0 0.0%
  • maslo hal karyo

    ووٽَ: 0 0.0%
  • Malso

    ووٽَ: 0 0.0%
  • Malso hal karyo

    ووٽَ: 0 0.0%

  • سمورا ووٽر
    0

زاھد مگسي

سينيئر رڪن
Alert:
Memory population mismatch .
DIMM slot 1 and 3 are disable and performance will be degraded please populate memory in pairs​
ادا مھرباني ڪري ٻڌائندا ته ھي مسئلو ڪئين حل ٿيندو۔۔۔۔۔۔۔منھجي پي سي Precision workstation 450 Dell computer جو آھي۔۔۔۔
 
جواب: منھجو مسئلو حل ڪريو

ادا زاهد لڳي ٿو توهان پنهنجي پي سي جي ميموري وڌائڻ لاءِ ڪا ٻي ميموري اسٽڪ پڻ اٽيچ ڪئي آهي۔۔
توهان جنهن ڪمپيوٽر جو ذڪر ڪيو آهي ۔۔ منهنجي اندازي موجب ان ۾ ميموري اسٽڪ لڳائڻ لاءِ 4 ساڪٽ ڪنيڪٽر هوندا۔۔ جي ائين آهي ته توهان کي ساڪٽ نمبر 1 ۽ ساڪٽ نمبر ٻه ۾ ميموري اسٽڪ هڪ جهڙيون (سائيز، ٽائيپ، اسپيڊ ۽ نمبر جي حساب سان) لڳائڻيون پونديون۔۔۔ ساڳي نموني ساڪٽ نمبر 3 ۽ 4 ۾ پڻ ميموري اسٽڪ هڪ جهڙيون (سائيز، ٽائيپ، اسپيڊ ۽ نمبر جي حساب سان) لڳائڻيون پونديون۔۔۔
مٿيئن ايرر مان لڳي ٿو ته توهان جي سسٽم ۾ ميموري اسٽڪ هڪ کان وڌيڪ لڳل آهن جيڪي هڪ جهڙيون (سائيز، ٽائيپ، اسپيڊ ۽ نمبر جي حساب سان) نه آهن۔۔
توهان کي گهرجي ته هر ساڪٽ ۾ هڪ جهڙيون ميموري اسٽڪس لڳايو يا وري ڪنهن هڪ ميموري اسٽڪ سان ڪمپيوٽر هلايو۔۔
ميموري جي سائيز، ٽائيپ، اسپيڊ ۽ نمبر ميموري جي ماڊيول ليبل تي لڳل هوندو آهي ۔۔۔ وضاحت لاءِ هيٺين تصوير ڏسو۔۔۔

memory2.jpg
 
جواب: منھجو مسئلو حل ڪريو

ادا رشيد توھان جي مھرباني۔۔۔۔۔۔۔ توھان جي ٻڌايل طريقي سان منھجو مسئلو حل ٿي ويو۔۔۔مھرباني ادا
 
Back
Top