جواب: توهان جي رت جو گروپ ڇا آهي۔۔۔؟
ادا رشيد سمون صاحب اسلام عليڪم۔سڀ کان پهريائين ته توهان کي شاباس ڏيڻ تي دل ٿي چوي جو رت جي گروپ ۽ ڪنهن کان رت وٺي ۽ ڏئي سگهجي ٿو جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ تي۔ادا سائين الله پاڪ ادا وحيد سمون کي صحت ڪامل عطا فرمائي۔هڪ ڳاله کي مڃڻ گهرجي ته هنن جي بيماري جي علاج جي دوران توهان ميڊيڪل جي فليڊ طرف تمام گهڻي توجه ڏئي سڀني ميمبرن کي هن قسم جون بيسڪ ڄاڻ ڏيندا رهيا آهيو ۔هن کان اڳ ۾ اوهان ليور سرويسس جي باري ۾ به مفيد معلومات ڏني هئي،الله پاڪ شل توهان جي ذهن کي زنگ لڳڻ کان بچائي ۽ اوهان جي محنتن کي ڪاميبيون عطا فرمائي۔توهان جون مهربانيون۔