سنڌي ادب جو ماضي ۽ حال

'سنڌي ادب' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2009۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    استاد محمد رمضان سهتو

    سنڌي ادب جو ماضي ۽ حال​


    سنڌي زبان هڪ تمام قديم ۽ پراڻي زبان آهي ۽ ان جي تهذيب پنهنجي آهي، جنهن جي قدامت ۽ پراڻي تهذيبي هئڻ جي ثبوت لاءِ موهن جو دڙو ئي ڪافي آهي، جنهن جي کوٽائيءَ مان لڌل مُهرن تي لکيل اکر جيتوڻيڪ اڄ تائين ڪو به محقق چٽيءَ طرح پڙهي ۽ سمجهي نه سگهيو آهي، پر اهو ته چئي سگهجي ٿو ته موهن جو دڙو سنڌ ۾ موجود آهي، تنهن ڪري اتان جي رهاڪن جي زبان ۽ تهذيب جنهن ۾ ريتون، رسمون، اُٿڻ ۽ ويهڻ وغيره سنڌي ٻوليءَ ۽ تهذيب موجب هوندو ۽ سندن زبان ضرور سنڌي يا ان سان ڪنهن واسطو رکندڙ زبان جي بلڪل قريب هوندي. ماضيءَ جي ان بحث ۾ پوڻ جي بدران آئون ماضي قريب يعني اٽڪل چاليهه سالن جي اندر جنهن ۾ اسان جو شعور ۽ ٿورو ادبي ذوق شامل آهي. ان عرصي اندر سنڌي زبان ۽ ان جي وسعت ۽ واڌاري لاءِ جن سنڌ جي خبر خواهن ۽ پراڻن ليکڪن پاڻ پتوڙيو آهي، انهن ۾ ڊاڪٽر علامه دائودپوٽو جون لکيل تصنيفون، شيخ اياز، سراج، رشيد احمد لاشاري، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، رشيد ڀٽي، شيخ ”راز“، علي احمد بروهي، عثمان علي انصاري، استاد پير حسام الدين راشدي، سيد ميران محمد شاهه وغيره نمايان نظر ايندا، جن گذريل چاليهه سالن جي عرصي کان سنڌي ادب جي گڏجاڻين ۽ ويهڪن ۾ شريڪ ٿي، پنهنجن خيالن جو اظهار پئي ڪيو آهي ۽ ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌاري لاءِ نهايت چڱو پاڻ ملهايو آهي. عورتن ۾ ثميره زرين، بيگم زينت چنا، جمليه نرگس ۽ اڄ جي مهتاب محبوب جا نالا ادبي خدمتن لاءِ شمار ڪري سگهجن ٿا. شاعريءَ جي لحاظ کان شيخ اياز، مرتضيٰ ڏاڏاهي، اسحاق ”راهي“ ”وفا“ ناتن شاهي، حاجي محمود خادم، سيد ميران محمد شاهه، قمر شهباز وغيره جا نالا قابل ذڪر آهن. پروفيسر عطا محمد ”حامي“ جو نالو سنڌي ادب جي ميدان ۾ شامل نه ڪرڻ سندس ذات سان ناانصافي ٿيندي، جنهن پنهنجي دؤر ۾ ادب جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي، انهن سڀني جي لکڻين جو اوج 60 کان 70 واري ڏهاڪي ۾ پڙهي سگهجي ٿو، جنهن ۾ سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ ننڍا ننڍا ماهوار رسالا ادبي ڪاوشون اشاعت هيٺ آڻي سنڌي عوام ۽ پڙهندڙن تائين پهچائيندا هئا پر سڀ کان وڏو سهارو ۽ سنڌي زبان ۾ شايع ٿيندڙ ”ماهوار نئين زندگي“ رسالو هو، جيڪو محترم عبدالواحد سنڌي جي زيرنگراني پاڪستان پبليڪيشن طرفان ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ هو. اهو ئي واحد رسالو هو، جو گورنمينٽ طرفان شايع ڪرائي سنڌي ادب ۽ عوام تي احسان ڪيو ويندو هو، جنهن جي ذريعي سنڌ جا سمورا نوان ۽ پراڻا اديب پنهنجي پسند جي صنفن تي طبع آزمائي ڪري سنڌ جي ادبي ذوق رکندڙن ۽ پڙهندڙن لاءِ وندر ۽ معلومات جو سامان مهيا ڪندا هئا. سنڌي ادب جي مختلف صنفن ۾ جهڙوڪ افسانه، ناول، ناٽڪ، ڪهاڻي، ڊراما، نويسي تنقد نگاريءَ جون صنفون اچي وڃن ٿيون، جن تي ان دؤر ۾ لکندڙن طرفان ڪافي لکيو ويو ۽ ڇپائيءَ جي لحاظ کان مرزا قليچ بيگ جون تخليقون ۽ ترجما قابل ذڪر آهن. شاعريءَ جي صنفن ۾ بيت، ڏوهيڙو، چؤسٽو، نظم، آزاد نظم، غزل، ڪافي، مرثيه مولود ۽ منقبت وغيره تي وقت جي شاعرن گهڻو ڪجهه لکي عوام اڳيان آندو. مون کي ياد ٿو اچي ته سٺ کان ستر واري ڏهاڪي ۾ نئين زندگي رسالي جا ٻه ٽي لاڳيتا شمارا اهڙا شايع ٿيا، جن ۾ مرحوم رشيد احمد لاشاري ۽ سراج صاحب تنقيدي نقطئه نگاهه کان ڏاڍا هڪ ٻئي تي ڇوهه ڇنڊيا ۽ ڪاوڙ ۽ نفرت منجهان هڪ ٻئي لاءِ لکندا رهيا ۽ پڙهندڙن لاءِ گهڻيون ادبي خوبيون ۽ خاميون هڪٻئي لاءِ لکي چڪا هئا، مطلب ته ان ڏهاڪي ۾ سنڌي ادب جو پورو اوج نظر پئي آيو. ان ڏهاڪي يعني 60 کان 70 واري ڏهاڪي کي سنڌي ادب لاءِ ڪيل جدوجهد سبب ادبي اوج واري زماني جو نالو ڏجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، پر آئون جنهن زماني جو ذڪر ڪري چڪو آهيان ان وقت اڄ جو بنگلاديش جو اسان جي ئي ملڪ ۾ هڪ وڏو صوبو هو، منجهس درياهن جي گهڻائي سبب ان کي سڻيءَ جي پوک ۽ پيدائش گهڻي ٿيڻ سبب سوني تند وارو علائقو سڏبو هو، ان جو ذڪر پڻ معلومات ڏيڻ جي لحاظ کان رسالي ”نئين زندگي“ جي پرچن ۾ شايع ڪيو ويندو هو، مطلب ته مذڪوره رسالو پنهنجو پورو ادبي فرض ادا ڪري رهيو هو، پر جڏهن کان نئين زندگي ۽ پاڪستان پبليڪيشن کي هڪ ئي ڌڪ سان راولپنڊي ۽ اسلام آباد جا وڻ ڏيکاريا ويا، تنهن کان پوءِ رسالي جو اهو معيار نه رهيو ۽ سنڌ جا ادب نواز ماڻهو ۽ ليکڪ ڄڻ ته احتجاج طور ڪناره ڪش ٿي ويا ۽ رسالو ۽ ان جي انتظاميه شفٽ ڪري سنڌي ليکڪن کان سندن خيالن جي اظهار جو حق کسيو ويو ۽ نئين زندگي پڙهڻ لائق نه رهيو. 1980ع جي ڏهاڪي کان حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ عبرت مئگزين چڱي معيار سان شايع ٿيندو رهيو آهي، پر اڄ جي دؤر ۾ صرف ۽ صرف منافقاڻي سياست، واپاري اشتهارن، بالي ووڊ ۽ لالي ووڊ، روڊ حادثا، خودڪشيون ۽ آپگهات، قبائلي جهڳڙا، اغوا جون وارداتون، ڪارو ڪاريءَ جا قتل، مهانگائي وغيره بابت لکيو پيو وڃي، جن جو ادب ۽ ادبي ڳالهين سان ڪو به واسطو نه آهي، جيڪي پڙهندڙن ۽ ادبي ڄاڻ رکندڙ ماڻهن لاءِ بجاءِ وندر ۽ معلومات جي فڪرن ۽ خوف جو احساس ڏياريندڙ ثابت ٿين ٿا. ياد رهي ته اسان جي بزرگ اديب ۽ ليکڪ علي احمد بروهي، جنهن کي الله سائين جنت ۾ جاءِ ڏئي، جنهن ادب جي ٻين سڀني صنفن تي لکڻ کان سواءِ سنڌيءَ ۾ مزاحيه ادب لکي پڙهندڙن کي ڏاڍو متاثر ڪيو، جنهن مان سندس لکيل ٻه مزاحيه مضمون اڄ تائين مون کي ياد آهن، جيڪي ”عثمان حجم جو روزو رکڻ“ ۽ ”عدو موچيءَ جو ڏند ڪڍائڻ“ جي عنوان هيٺ هن صاحب لکيا، جن کي ان وقت نئين زندگيءَ جي صفحن ۾ جاءِ ڏني وئي ۽ انهن کي عوام ۽ پڙهندڙن کان ڏاڍي مڃتا ملي. آئون پڙهندڙن جي لاءِ واضح ڪندو، هلان ته مٿيان ٻئي ڪردار عثمان حجم ۽ عدو موچي ليکڪ جا تمام گهرا ۽ دل وارا دوست هئا ۽ جناب عدو موچي، پاڻ پنهنجي وقت جو وڏو اديب ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي، پر ادبي ڪنجوسائيءَ سبب ادب ۾ گهڻو نه لکيائين، پوءِ به سندس هڪ معياري ۽ شاهڪار مضمون نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيو، جنهن جو عنوان هو ”لوڪ ادب يا صاحب لوڪ ادب“ جنهن کي وقت جي پڙهندڙن ڏاڍو مانُ ڏنو. ان مضمون ۾ پاڻ شاهه عبداللطيف جي سورمين ۽ انهن جي ڪردارن جو ثبوتن سان بيان ڪري ثابت ڪيائين ته سُر مارئيءَ جو مرد ڪردار عمر، مومل جو مرد ڪردارر اڻو، نوريءَ جو مرد ڪردار ڄام تماچي، سهڻيءَ جو مرد ڪردار ميهار (عزت بيگ)، سسئيءَ جو مردار ڪردار پنهون، ليلان جو مرد ڪردار چنيسر وغيره. اهي سڀ بادشاهه ۽ شهزادا قسم جا ۽ طاقتور ماڻهو هئا ۽ سندن مزاج ۽ اُٿڻي ويهڻي بادشاهي قسم جي هئي، لوڪ ادب سان سندن ڏور جو به واسطو ڪو نه هو، تنهن ڪري اهي سڀ جا سڀ ڪردار لوڪ ادب جي زمري ۽ نٿا اچي سگهن ۽ انهن جي قصن ۽ عشقيه داستانن کي سنڌي لوڪ ادب ۾ شمار ڪرڻ بدران ڪنهن اهڙي ادب ۾ ڳڻيو وڃي، جنهن کي ”صاحب لوڪ ادب“ جو نالو ڏئي سگهجي. مطلب ته سنڌي ادب جي ان دؤر ۾ جن صاحبن پڙهيو هوندو اهي ئي ان کي ڄاڻن ٿا، اڄ جي دور ۾ ادب جو اهو حال آهي، جيڪي ليکڪ پنهنجي اثر رسوخ سبب ميڊيا جهڙوڪ؛ ريڊيو، ٽي وي ۽ ڪنهن اخبار، ٽي وي چئنل يا رسالي وغيره سان ويجها لاڳاپا رکندڙ آهن يا گهڻو ڪري اهي ئي ماڻهو جيڪي اهڙن ادارن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ انهن جا ملازم آهن، هن وقت اهي اديب، شاعر ۽ ليکڪ ڳڻيا وڃن ٿا. پوءِ سندن ڪا لکڻي. شعر يا ڪلام وغيره عوام جي پسند وٽان هجي يا نه يا ان کي سمجهي سگهي يا نه پر شايع يا نشر ضرور ٿيندو. اڄ ڪلهه ريڊيو جا ڊائريڪٽر، پروڊيوسر گهڻو ڪري شاعر ٿي سامهون اچن ٿا. حالانڪ سندن چيل يا ٺاهيل شعر جو مفهوم کين به سمجهه ۾ ڪو نه ايندو. اڄ جا فنڪار به ريڊيو ۽ ٽي وي تي پروگرامن ۾ چانس وٺن ٿا، جيڪي انهن ادارن اندر خاص طرح وجود رکن ٿا ۽ اهڙي ڪاميابيءَ بعد پنهنجا پنهنجا فوٽو اخبارن ۽ رسالن جي رنگين صفحن تي ڇپيل ڏسي خوشي محسوس ڪن ٿا، جتي لالي ووڊ، ڪرڪيٽ جا رانديگر، فلمي ۽ ٽي وي آرٽسٽ ۽ مٿي ذڪر ڪيل فنڪارن ۽ شاعرن جا فوٽو گڏ ڇپيل هوندا ۽ اهو ئي سڀ ڪجهه اڄ جي نئين نسل کي ادب طور سونپيو وڃي ٿو. خدا شال سنڌي ادب ۽ سنڌي ادارن تي رحم ڪري. آمين.

    (ڪتاب ”آخري ديدار“ تان کنيل)​
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب ادا پر توهان ڪتاب شيئر ڪيو آهي اتان ئي پڙهي وٺون ها
    بهرحال لاجواب محنت آهي توهان جي
    اهڙي محنت جاري رکو
     
  3. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    فقير سائين توهان جي پڙهڻ جي رفتار تيز ترين آهي.... :d
    منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن ڪو ڪتاب پڙهڻ تي اچو ته 10 منٽن ۾ ڪتاب پڙهي پورو ڪري ويندؤ.... : :dd
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    واه ادا واه اصل هاڻي فقير سائين کي صحيح سڃاتو اٿئي۔۔۔۔ اوهان ته 10 منٽن جي ڳالهه ڪئي آهي پر ادو اصل منٽن پڄاڻان اهڙا ڪم ڪندو آهي۔ ائين نه ڪري ته پوءِ فقير ڇاجو؟ باقي اد لڳي ٿو ته فقير سائين ڪو ڪشفڙو اٿئي۔۔۔۔

    ادا ابو زين يار معاف ڪجو ۽ فقير عبدالوحيد صاحب اوهان به معاف ڪجو۔۔۔ مڙوئي مذاقڙي پيا ڪيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    shal judy hujeen
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    ادا زاهد

    asul mattasul mattasul mattasul mattasul matt



    hatt-parehatt-parehatt-pare


    suhnan saan


    sindhsalamatsaathsal
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,921
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ادا ابو زين اهو ڪتاب ڪهڙي لنڪ تان ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو مهرباني ڪري لنڪ ڏيندا ته احسان ٿيندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    ڪتاب جو اگر لنڪ ڏيندا ته قرب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو