غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
محترم شيخ اياز جي شاعري جو هڪ رنگ جيڪو اسان کي ڏاڍو پسند آهي اوهان جي خدمت ۾ پيش ٿا ڪيون۔ اميد ٿا ڪيون ته پسند ايندو۔۔
منهنجون لکڻيون رهجي وينديون،يادون سکڻيون رهجي وينديون،
اڏري ويندا بهنور گلن تان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خالي مکڙيون رهجي وينديون،
ماري ويندا مور شڪاري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هيڪل هرڻيون رهجي وينديون،
پنهنجو مقدر منزل دوري آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واپس گهڙيون رهجي وينديون،
روپوش رهي هر آس پرين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اليون اکڙيون رهجي وينديون۔