دوستو سلام
محترم قمر شهباز جي شاعري پيش خدمت آهي جنهن جو عنوان آهي التجا۔ هي شاعري سندس شاعريء جي ڪتاب چنڊ رهين ٿو دور تان ورتل آهي۔ اميد ته هي چونڊ شاعري ۽ ڊزائن دوستن کي پسند ايندي۔
التجا
جڏهن تنهنجي رنگين محفل ۾ سائين،
اداسيءَ جي تصوير بنجي مان آيس،
ڌڪاري ڇڏين ها – ڌڪاري ڇڏين ها!
خاموش راتين ۾ هڪ سوال بنجي،
خوابن ۾ تنهنجي، ٽپي جي مان آيس،
تون ماري ڇڏين ها – تون ماري ڇڏين ها!
يادن کان منهنجي جي ڇرڪي اٿين ٿو،
تصور جي تهه ۾، لڪي جي مان آيس،
وساري ڇڏين ها – وساري ڇڏين ها!
جوان تنهنجي محفل سدائين آ سائين،
فقط سُرڪڙيءَ لئه، سِڪي جي مان آيس،
پياري ڇڏين ها – پياري ڇڏين ها!
جڏهن تنهنجي رنگين محفل ۾ سائين،
اداسيءَ جي تصوير بنجي مان آيس،
ڌڪاري ڇڏين ها – ڌڪاري ڇڏين ها!
خاموش راتين ۾ هڪ سوال بنجي،
خوابن ۾ تنهنجي، ٽپي جي مان آيس،
تون ماري ڇڏين ها – تون ماري ڇڏين ها!
يادن کان منهنجي جي ڇرڪي اٿين ٿو،
تصور جي تهه ۾، لڪي جي مان آيس،
وساري ڇڏين ها – وساري ڇڏين ها!
جوان تنهنجي محفل سدائين آ سائين،
فقط سُرڪڙيءَ لئه، سِڪي جي مان آيس،
پياري ڇڏين ها – پياري ڇڏين ها!
