100 تي 100 منٽ فري جي آفر کان پوءِ هاڻي يوفون وارن هڪ نئين آفر متعارف ڪرائي آهي ۔۔۔ سا آهي ”100 تي 200 منٽ مفت۔۔۔“
هن آفر تحت 100 جي ڪارڊ ريچارج ڪرڻ کان اڳ توهان #36* ملايو ۔۔ ڪاميابي سان سبسڪرائيب ڪرڻ کان پوءِ ڪارڊ لوڊ ڪيو ته توهان حاصل ڪري وٺندو بيلنس سان گڏ 200 مفت جا منٽ ۔۔ جن جي ويليڊٽي هوندي 3 ڏينهن۔۔
مفت منٽ ۾ 190 منٽ هوندا يوفون لاءِ جڏهن ته 10 منٽ هوندا ٻئي نيٽ ورڪ لاءِ ۔۔ پر ٿيندو اڪثر ائين آهي ته عرس پريو مفت جا منٽ پورا ڪري بي خيالي ۾ مون کي ڪال ڪندو آهي ۔۔ ۽ منهنجي مختصر ڳالهائڻ تي ڇڙٻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته هن ڪال جي چارجز مان نه پر هو پيو ادا ڪري ان ڪري مختصر ڇو ٿو ڳالهايان۔۔۔ پر همراه جا وڻ ئي وڄي ويندا آهن جڏهن مون کي ڪال ڪرڻ کان پوءِ بيلينس چيڪ ڪندو آهي۔۔
عرس ته ڪونه سمجهندو پر جي توهان مفت ۾ مليل منٽن جي جانچ رکڻ گهرندا هجو ته بس موبائيل تان #707* ڊائيل ڪريو۔۔