ڊرون ٽيڪنالاجي –اسرائيلي فوجي انجنيئر ابراهم ڪريم جي ذهن جي پئداوار.........!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڊرون ٽيڪنالاجي – اسرائيلي فوجي انجنيئر ابراهم ڪريم جي ذهن جي پئداوار.........!

    [JUSTIFY]جنرل ايٽامڪس ايم ڪيو-1 پريڊيٽر، جنهن کي عام طور تي بنا ماڻهو جي هوائي گاڏي سڏيو ويندو آهي، ان جو استعمال گهڻو ڪري آمريڪي ايئر فورس ۽ آمريڪي سي آئي اي استعمال ڪري ٿي.هي ٽيڪنالاجي 1990 جي شروع ڌاري متعارف ڪرائي وئي.پريڊيٽر ۾ عام طور تي ڪيمرائون لڳل هونديون آهن ۽ ان کانسواءِ ٻيا جاسو سي جا اوزار به لڳل هوندا آهن.هن ٽيڪنالاجي کي اپ ڊيٽ ڪرڻ لاءِ اي جي ايم-114 هيلفائر ميزائلن جو استعمال ڪيو ويو آهي.هوائي جهاز به هن ٽيڪنلاجي جو حصو آهن، انهن جو استعمال وري 1995 کان استعمال هيٺ اچي رهي آهي.اها ٽيڪنالاجي افغانستان، پاڪستان، بوسينا، سربيا، عراق يمن، لبيا ۽ صوماليا ۾ حملن لاءِ استعمال ڪئي وئي.يوايس اي ايف عام طور تي اهڙو پريڊيٽر آهي،جنهن کي ٽائير ٽو ، چيو وڃي ٿو.آمريڪا هن ٽيڪنالاجي جي ذريعي هوا ۾ چار جهاز استعمال ڪندو آهي.هي ڊرون جهاز يا بنا پائيليٽ جي پريڊيٽر 740 ڪلوميٽرن تائين ٽارگيٽ کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هي جهاز 14 ڪلاڪن تائين پولار ۾ رهي سگهن ٿا، ان دوران اهي زمين تي واپس ورڻ جي صلاحيت به رکن ٿا.2001 کان پوءِ آمريڪي ايئر فورس ۽ سي آئي اي آر ڪيو-1 پريڊيٽر جو استعمال عام ڪيو ويو آهي.آمريڪي سي آئي اي هنن بنا پائليٽ جي جهازن جو استعمال افغانستان ۽ پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ شروع ڪيو ويو.انهن جهازن جو استعمال ٻين هنڌن تي به ٿي رهيو آهي. هي جهاز گهڻو ڪري 5 ڊسمبر 1995 تي ڏکڻ ڪيليفورنيا مان استعمال ڪيو ويو.آمريڪي دفاع واري کاتي 1980 جي ڏهاڪي کان هن ٽيڪنالاجي بابت تجربا ڪرڻ شروع ڪيا هئا.سي آئي اي عام طور تي ننڍي ۽ گهٽ وزن وارا جهاز استعمال ڪرڻ کي اوليت ڏني.1990 جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ سي ائي اي امبر نالي سسٽم ڪمپني ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي هئي، ان ڪمپني جو مالڪ ابراهم ڪريم هو، جيڪو اسرائيلي ايئر فورس جو اڳوڻو چيف ڊزائينر رهي چڪو هو، هو 1970 جي ڏهاڪي آمريڪا ۾ لڏي اچي آباد ٿيو.ڪريم جي ڪمپني اڳتي هلي ڏيوالي جو شڪار ٿي وئي.هن کي آمريڪا ۾ ڊفينس ٺيڪيدار طور رجسٽرڊ ڪيو ويو.آمريڪي سي آئي اي هن جي ڪمپني کان ڳجهه ڳوهه ۾ پنج ڊرون جهاز خريد ڪيا.ڪريم انهن جهازن جون انجڻيون تيار ڪرڻ جو وعدو ڪيو، انهن ئي انجڻين کي بعد ۾ پريڊيٽر جو نالو ڏنو ويو.

    سي آئي اي جي پريڊيٽر گهڻو ڪري ڇهن جزن تي ٻڌل آهي ۽ ان سان گڏ ڪافن جي نقلي نالي سان هڪ ڪنٽينر به لڳل آهي، ان جو اهم جز گرائونڊ ڪنٽرول اسٽيشن آهي.پريڊيٽر اصل ۾ سيٽلائيٽ تي ٻڌل 6.1 ميٽر يا ويهه فوٽن تي ٻڌل اوزار آهي.سيٽلائيٽ جو لنڪ وري گرائونڊ اسٽيشن ۽ ايئر ڪرافت جي وچ ۾ مواصلات جو ڪم ڏئي ٿو.
    آمريڪا جيڪا ڊرون ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي، ان ۾ 2004 کان هيلفائر ميزائل جو استعمال ڪيو وڃي ٿو.2009 دوران امريڪي ايئر فورس جا 70 پريڊيٽرس تباهه ٿيا، اها امريڪي آپريشنل تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏو نقصان آهي.انهن مان 55 پريڊيٽر فني خرابي جي ڪري تباهه ٿي ويا.انهن مان چار جاسوسي جهاز بوسينا يا عراق ۾ تباهه ٿيا،جڏهن جنگ دوران يارهن کان وڌيڪ جهاز غائب ٿيا.مارچ 2011 تي آمريڪي ايئر فورس آخري جاسوسي جهازن جي کيپ حاصل ڪئي.اهي اهڙا جهاز آهن، جن جا نوي سيڪڙو نشانا درست ٽارگيٽ تي لڳا.

    هن ٽيڪنالاجي جو اهم هدف 2000 ۾ مقرر ٿيو، ان تحت سي آئي اي –پينٽاگون افغانستان ۾ اساما بن لادن کي پڪڙڻ لاءِ ان ٽيڪنالاجي جي استعمال کي عام ڪيو ويو.هن جاسوسي جهاز جي استعمال لاءِ 60 ڏينهن تائين مشق ڪئي وئي.ان حوالي سان پهرين اڏام ست سيپٽمبر 2000 ڪئي وئي.وائيٽ هائوس جي سيڪيورٽي چيف رچرڊ اي ڪلارڪ ان جي نتيجن کي انتهائي شاندار قرار ڏنو.هن اميد ظاهر ڪئي ته اهي حملا اساما بن لادن کي مارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.هن سموري ڪاميابي جو سهرو سي آئي اي جي ڪائونٽر ٽيررسٽ سينٽر جي سربراهه ڪوفر ڪلاڪ تي سر تي آهي.افغانستان م پندرهن جاسوسي جهازن جا حملا ڪامياب قرار ڏنا ويا، انهن مان ٻه جاسوسي جهازن جا حملا اساما بن لادن جي قنڌار واري اڏي تي ڪيا ويا.

    پاڪستان ۾ آمريڪي سي آئي اي 2004 کان ڊرون حملا شروع ڪيا.اهي سمورا حملا شمسي ايئر فيلڊ تان ڪيا ويا، هي اهو اڏو آهي، جنهن کي تازو ئي خالي ڪرڻ لاءِ حڪم ناما جاري ڪيا ويا ،اهي به اطلاع آهن ته آمريڪا جا فوجي اهو اڏو خالي ڪرڻ لاءِ تياريون ڪري رهيو آهي.شمسي ايئر فيلڊ مان اڪثر حملا پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ ڪيا ويا.مئي 2005 کان هيلفائر ميزائل حملن ۾ ڪيترائي القاعدا ۽ طالبان جا اهم اڳواڻ مارياويا.انهن حملن جي نتيجي ۾ ڪيترائي سويلين به ماريا ويا، 13 جنوري 2006 ۾ اهڙي هڪ حملي ۾ 18 عام شهري ماريا ويا.پاڪستان جو چوڻ هو ته آمريڪا غلط اطلاعن جي بنياد تي اهڙا حملا ڪندو رهيو آهي.نيو آمريڪا فائونڊيشن جي رپورٽ مطابق 2004 کان هينئر تائين 1286 کان 1981 تائين ماڻهو ماريا ويا.جن ۾ 32 القاعدا جا اهم اڳواڻ ماريا ويا.

    عراق ۾ جولائي 2008 کان علي بيس تان ڊرون حملا ڪياويا.پر حملن جي شروعات 2002 کان ٿي، انهن حملن جي شروعات نو فلائي زون کان ڪيا ويا.عراق ۾ شروع ۾ ڪيل انهن حملن دوران پراڻا جاسوسي جا جهاز استعمال ڪيا ويا.انهن حملن عراق جي سموري ايئر ڊفينس کي لوڏي ڇڏيو.2005 کان جون 2006 دوران 242 جاسوسي جهازن جا حملا ڪيا ويا.جڏهن ته انهن حملن ۾ سوين عراقي شهري به ماريا ويا.يمن ۾ آمريڪي سي آئي اي جولائي 2005 کان جون 2006 تائين ڊرون حملاڪيا.انهن جاسوسي جهازن ۾ هيلفائر ميزائلن جو استعمال ڪيو ويو،انهن حملن ۾ هڪ ڪار تي فائر ڪرڻ دوران القاعدا جو اهم اڳواڻ سعيد سالم کي نشانو بڻايو ويو.لبيا ۾ آمريڪي ايئر فورس ايم ڪيو-1 بي پريڊيٽرز جو استعمال ڪيو ويو.قذافي کي ختم ڪرڻ لاءِ به ڊرون ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويو.هي ٽيڪنالاجي صرف آمريڪا وٽ ئي نه آهي ، پر ان جو استعمال اٽالين ايئر فورس به ڪري ٿي. تاريخ جا پيرا کنيا وڃن ته سڀ کان اڳ ۾ ان ٽيڪنالاجي جو استعمال آسٽريليا ڪيو هو،22 آگسٽ 1849 ۾ آسٽريليا ، اٽلي جي شهرن کي نشانو بڻايو هو.انهن ڏينهن ۾ بيلون يا ڦوڪڻي جو استعمال ٿيندو هو.ڪجهه عرصو اڳ ۾ انهن ڦوڪڻن جي ذريعي افغانستان تي به حملو ڪيو ويو،اهي ڦوڪڻا 23 فوٽ ڊگها هئا.هونئن ته بنا پائيليٽ جهاز جو استعمال پهرين عالمي جنگ کان ڪيو ويو، ان ذريعي 1961 هوائي حملا ڪيا ويا .هي بنا پائيليٽ جهازن واري ٽيڪنالاجي جو استعمال مختلف مقصدن لاءِ ٿيندي رهي آهي ۽ ان ۾ جدت به پئدا ٿيندي رهي آهي.هي ٽيڪنالاجي اڃان تائين عام نه ٿي آهي.پاڪستان ، جيڪو آمريڪا جو اهم اتحادي سمجهو ويندو آهي، ان به اها ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ لاءِ جتن ڪيا، پر ان کي اها ٽيڪنالاجي فراهم نه ڪئي وئي.آمريڪي انتظاميا جي ڪيترن ئي عملدارن جو چوڻ هو ته ممڪن آهي ته پاڪستان جا حڪمران ان ٽيڪنالاجي جو استعمال انهن قومن جي خلاف ڪن جيڪي حڪمرانن جي خلاف جدوجهد ۾ مصروف آهن.ان ٽيڪنالاجي جي منتقلي نه ڪرڻ جو هڪ سبب بلوچستان ۾ هلندڙ ويڙهه به آهي.آمريڪا کي خطرو هو ته پاڪستان جي اسٽيبلشمنٽ اها ٽيڪنالاجي بلوچن جي خلاف استعمال ڪري سگهي ٿي.[/JUSTIFY]

    عوامي آواز سنڊي ميگزين جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو