روشنيءَ جي تلاش ۾ نڪتل سنڌ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    انعام شيخ
    [​IMG]


    نوٽ؛ انعام شيخ کي آءُ بزرگ نوجوان چوندو آهيان، ڇاڪاڻ ته انعام شيخ50 سالن جي عمر ۾ سنڌي ادب، سياست ۽ فڪري لڏي ۾ جيڪا جڳهه ولاري آهي سا ڪو بزرگ يا وڏي عمر وارو اديب ئي والاري سگهندو آهي ... پر هن ڏاهي شخص پنهنجي عمر جي وچئين بهار ۾ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي ... حيرت ته مونکي تڏهن ٿي جڏهن هي حب الوطن انسان سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو، مون سمجهيو ته سنڌ جي آفيسر شاهي شايد چري ٿي پئي آهي جو قومپرست ۽ ڏاهي بزرگ نوجوان کي سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري چونڊيو اٿن!!!! ... خئير هي ڏاهو نوجوان ان قابل آهي جو هو اهڙا ادارا هلائي سگهي پر افسوس سنڌ ۾ ڪنهن اداري کي ايمان ۽ ڄاڻ سان هلائڻ، ککر ۾ کڙو هڻڻ جي برابر آهي ... آءُ پنهنجي دوست انعام جو هي ليک سنگت سان ونڊ ٿو ڪريان ته جيئن سنڌ ۽ سنڌيت بابت سنڌ جي ڏاهن جي سوچ کان آگاهي ملي سگهي ...
    ++++++++++++++++++++++++++
    [JUSTIFY]روشنيءَ جي تلاش ۾ نڪتل سنڌ
    جيتوڻيڪ اها سنڌ جي وڏي بدقسمتي آهي، ته اُن جي دُرست ۽ سچي پچي تاريخ نه لکي ويئي آهي، البته ڪوڙي ۽ اڌ سچي لکيل تاريخ به وڏن وڏن اُهڃاڻن ۽ اشارن سان ڀرپور آهي. جن منجهان ڪو به سمجهدار شخص اصل حقيقتن ۽ سچائين کان واقف ٿي سگهي ٿو. مثال طور سنڌ جي تاريخ ۾ مقامي يا غير مقامي مورخن جن شخصن کي ”سورمو“ قرار ڏيئي اسان جي سامهون پيش ڪيو آهي، انهن تي غور ڪندي ۽ وڌيڪ تفصيلن تي نظر وجهندي محسوس ٿيندو ته کانئن وڏا سُورما ته ”ٻڌايل سُورمن“ جي آس پاس پئي ڦِريا، جن کي مورخن طرفان ڄاڻي واڻي يا معصوميت ۾ وساريندي ذڪر جوڳو ئي نه سمجهيو ويو. ساڳي طرح سنڌ جي جاگرافيءَ، سماجيات، سياست ۽ معيشت سميت مڙني شعبن کي جنهن طريقي سان هٿ ٺوڪين تاريخن ۾ پيش ڪيو ويو آهي، اهي شعبا تيئن هرگز نه آهن. بلڪه سنڌ جا ماڻهو به ائين نه آهن، جيئن ”تاريخِ معصومي“، ”بيگلار نامو“ يا ”چچ نامو“ اسان کي ڏسي ٿو. سنڌ جا ماڻهو ڪاٽڪن ۽ ڌاڙيلن جو ڌڻ يا باغي ۽ راڄ دروهي نه آهن. اُهي جيترو پنهنجي وطن سان پيار ڪن ٿا ۽ عظيم گُڻن (Higher values) جا شيدائي آهن، ايترا دنيا جا فقط آڱرين تي ڳڻجندڙ سماج ئي ممڪن ٿي سگهن ٿا...پر شرط اهو آهي ته کين آزاديءَ ۽ برابريءَ ذريعي پنهنجي ورثي جو مالڪ سمجهيو وڃي ۽ کين خودمختياري ڏيئي مرضيءَ موجب فيصلي ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي. جيڪي قومون، تاريخدان يا مستقل مفاد پرست حلقا، سنڌين جي ڪنڌ ۾ ٻانهپ جو رسو وجهي ۽ کين پنهنجي ڦُرلٽ جو سامان بڻائي، کانئن ”اشرافت“ جي تقاضا ڪن ٿا، تن لاءِ سنڌ واقعي ئي بي اعتبار، باغي ۽ اڻ گهڙيل قوم ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ جو بدترين حالتن ۾ رهندي به سنڌ ۽ اُن جي ماڻهن غلاميءَ ۽ ڏاڍ جي خلاف پنهنجي ضمير جو آواز نه رڳو ضرور، پر ايترو ته تکو ۽ واضح بلند ڪيو آهي، جو عربن کان ارغونن ۽ مغلن کان انگريزن ۽ اڄوڪن حاڪمن تائين هر ڪنهن کي هر دور ۾ پهريائين ڪاوڙ، پوءِ حيرت ۽ بعد ۾ پريشاني ۽ پشيماني محسوس ٿي آهي.

    سنڌ تي هر قابض ڌر جڏهن سڀ بندوبست ڪري بي فڪري ٿي صدين تائين مٿس حڪمرانيءَ جا خواب ڏسڻ شروع ڪندي آهي، تڏهن غير محسوساتي طرح سنڌ پنهنجا ڪَرَ موڙڻ لڳندي آهي...۽ اها جاڳرتا ڏسندي ئي ڏسندي اهڙي شدت کي پهچندي آهي، جو قابض ڌرين سميت سنڌ جا پنهنجا ”ڄاڻو حلقا“ پڻ حيرتن جي ڪُنن ۾ لڙهڻ لڳندا آهن. اهڙي تصديق سڪندر کي سنڌو ماٿريءَ ۾ لڳل ڪاري زخم، ايرانين کي راءِ سهاسيءَ سان ٿيل مقابلي، عربن کي جئه سينا سان ٿيل معرڪن کان وٺي ايم آر ڊيءَ جي جدوجهد ۾ محترمه جي شهادت ۽ تازو ٻه رُخي انتظامي سرشتي جي قيام سان موجوده حاڪمن کي ٿيل تجربن منجهان آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿي. ممڪن آهي ته ٻئي ڪنهن جي راءِ مٽيل هجي، پر مان ائين ٿو سمجهان ته ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ، اندازن کي غلط ثابت ڪرڻ ۽ هڪ مرحلي تي پهچي ”نه“ ڪرڻ واري اها شڪتي، سنڌين کي سندس شاندار ثقافت ۽ تهذيبي ورثي واري ملڪيت منجهان مليل آهي. سنڌ جي تاريخ جڏهن به زندگيءَ ۽ موت جي ٻه واٽي تي اچي بيهندي آهي، جڏهن به ويڙهه ۽ مزاحمت جا روايتي طريقا مُڏا ٿي ويندا آهن ۽ جڏهن به سندس مهاڏو اٽڪائيندڙ حلقو فراريت جي راهه اختيار ڪندو آهي، تڏهن سنڌ جا عظيم ثقافتي قدر، سورهائپ جا اهي شاندار معيار تخليق ڪري وٺندا آهن، جن جي سحر ۾ سڄي قوم لُڙهندي، پنهنجي عوامي يا لوڪ ڏاهپ کي سُجاڳ ڪندي، تصور ۾ نه اچڻ جوڳي حاصلات کي ممڪن بڻائيندا آهن. ان جو هڪ تازو مثال گذريل چند سالن کان سنڌ ۾ ملهائجندڙ ثقافتي ڏهاڙا آهن، جن نه رڳو مايوس سياسي قيادت ۽ ڪاٽو واڌو انگن ۾ ڦاٿل عالمن، اديبن کي ڏندي آڱريون ڏياري ڇڏيون آهن، پر سنڌ جي دشمنن تي به خوف جي هڪ نه کٽندڙ ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي آهي. ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر جا اڪثر حڪمت عملين جا ماهر حيران آهن ته هيءَ ڪهڙي قوم آهي، جيڪا ٽوپين، اجرڪن ۽ پٽڪن جو سهارو وٺندي، هڪ گولي فائر ڪرڻ بنا اُهي سياسي ۽ نفسياتي ۽ اسٽريٽجڪ فتحون ماڻي وٺي ٿي، جيڪي ڪيترين قومن کي ڊگهين جدوجهدن کان پوءِ به ملي نه سگهنديون آهن.

    اهي سڀ ماهر ان ڪري حيران ٿي سگهن ٿا، جو کين سنڌ جي تهذيبي ورثي ۾ سنڌ واسين جي هزارين سالن جي پورهيي ۽ ان پورهيي سان سندن اٿاهه پيار بابت مڪمل آگاهي ناهي. اُهي جن شين کي ڪپڙي جو ٽڪر يا مٽيءَ جو دڙو سمجهن ٿا، انهن شين کي اهم اُهڃاڻ سمجهي سنڌ پنهنجي ساهه سان سانڍي ويڙهه ۽ مزاحمت جا نوان نوان دڳ ۽ داستان جوڙي ٿي ۽ دنيا کي ٻڌائي ٿي ته مهذب قومون پنهنجي فيصلائتي جدوجهد ڪيئن تشدد بنا سگهاري سوڀاري بڻائينديون آهن. ماهر حضرات کي اها خبر به ناهي ته نه رڳو هزارين سالن جي پسمنظر ۾ رهندي، ڪڏهن راءِ گهراڻي جي امر ڪردارن، ته ڪڏهن سومرن ۽ سمن جي اعليٰ روايتن ۽ ڪلهوڙا حاڪمن جي تدبر منجهان روشني ورتي آهي، پر سنڌ ته پنهنجن رازن، واڍن، سُگهڙن ۽ هارين نارين منجهان به اتساهه حاصل ڪيو آهي. سڀ کان اهم ڳالهه ته انٽرنيٽي عالم ان حقيقت کان به اڻ واقف آهن ته جڏهن يورپ ۾ ”قومي رياست“ جو وجود پئجي چڪو هو، صنعتي سرگرمي پختن بنيادن تي اُسري چڪي هئي ۽ اسپينوزا،ڪانٽ ۽ ٽامس مور خيالي دنيا اڏي رهيا هئا، تڏهن سنڌ جي واهڻي ڀِٽ تي واجبي تعليم وٺي ويٺل هڪ سدورو ذهن چين، استنبول، هندستان ۽ عربستان کي تصور جي اکين سان ڏسندي، پنهنجي وطن جي خوشحالي آسندي سڄي دنيا لاءِ خير جون دعائون گهرندي چئي رهيو هو،

    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

    جيتوڻيڪ ان صدا کي ڳچ عرصو گذري چڪو آهي، پر ان جو پڙاڏو اڄ به ايترو ئي اهم آهي، جيترو اڳ هو. ان ڪري جديد سنڌ، اُن جي سياست ثقافت، بلڪه سنڌي عوام جي مزاج کي تيستائين سُچيتائيءَ سان سمجهي نٿو سگهجي، جيستائين سنڌ جي آسائيتن اکين جي صدين تي ٻڌل سپنن جي ساڀيا، يعني ڀٽ ڌڻي بادشاهه جي من ۾ موجزن وطني محبت جي اڌمن ۽ اميدن جي ڪَٿَ ۽ ڪَڇَ نٿي ڪجي! سنڌ جي لکيل تاريخ جي طويل سفر ۾ اُن جي سڀ کان ذهين، سُچيت ۽ سمجهدار انسان عبداللطيف جي فن ۽ فڪر ۾ جهاتي پائڻ ۽ اُن منجهان هيرا لال ونڊڻ کانسواءِ سنڌ کي سمجهڻ جي دعويدار شخص جي حيثيت اهڙن ”اکين کان سڄن“ انسانن واري آهي، جيڪي پنهنجي منهن اندازا ويٺا هڻن ۽ انهن انڌن اونڌن اندازن جي بنياد تي اڻ پورا علاج ويٺا تجويز ڪن. ڇاڪاڻ جو کين خبر ئي ناهي ته گذريل ٽن سئو سالن کان هن درد وندي ديس جي بقا ۽ وجود جو ڪو واحد وڏو سبب آهي، ته اُهو شاهه حبيب جو سڪي ۽ پني ورتل پُٽ ئي آهي، جنهن کي دنيا جا سڀ ساڃاهه وند انسان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي نالي سان سُڃاڻندي پنهنجو اندر اُجارين ۽ آخرت سنوارين ٿا. هي جيڪي فيس بوڪ کان وٺي فقيرن جي اوتاري تائين سنڌي ٻوليءَ جا واڄٽ وڄندي ٿا ڏسو، اخبارن کان وٺي ادبي حلقن تائين سُرپر ٿا پسو، ٽوپين، لونگين، اجرڪن ۽ کيسن ۾ کٿوري ٿا محسوس ڪيو ۽ سنڌ سان جند کي جڙيل ٿا ڏسو، تنهن جو اڪيلو وڏو سبب ڀٽ جو شاهه ۽ سندس فن ۽ فڪر آهي.

    سنڌ جي ان والي وارث جي در تي علي قاضي صاحب جو ڏنل سڏ هڪ پسمنظر ۽ معنيٰ رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته هڪ روشن خيال شخص جي حيثيت ۾ کيس پتو آهي ته، جڏهن سماج جا درد وڌي وڻ ڪندا آهن ۽ انهن تي روايتي علاج اثر نه ڏيکاريندا آهن، ته پوءِ قومون Go back to the roots واري نعري تي عمل ڪندي تاريخ جي گودڙيءَ ۾ پيل ان ورثي کي سنڀالينديون آهن، جيڪو انتهائي اُگرين حالتن ۾ به اڪسير نسخي جو ڪم ڪندو آهي. سنڌ ۽ ان جي مصيبت زده ماڻهن لاءِ ڀٽائيءَ جو چائنٺ کان وڌيڪ اثرائتي ۽ اڪسير جڳهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ڪا به نه! تنهن ڪري ان سڏ جي پسمنظر کي سمجهندي سڏيندڙ ۽ سڏيل مخلوق کي پنهنجو پنهنجو ڪردار سُچيتائيءَ ۽ سمجهداريءَ سان ادا ڪرڻ کپي. سڏيندڙ کي احساس هجڻ کپي ته جنهن دَرَ جي چائنٺ تي هو ڪنڊ ڪڙڇ کان قوم کي ڪٺو ڪري رهيو آهي، اُن دَرَ جي دربانن جي به سنڌ وٽ ڪهڙي اهميت آهي؟ ۽ ان دَرَ تي بيهي سڏڻ جي لاءِ ڪهڙي ڪشادگي، ايمانداري ۽ خود فراموشيءَ جي ضرورت آهي. ساڳئي وقت سڏ ورنائيندڙ کي به اهو ڏسڻو آهي ته هو سڏ جي وراڻي ڪهڙي هنڌ ۽ جاءِ تي ڏيئي رهيو آهي ۽ ان ماڳ جو مقام ڪهڙو آهي. مان سمجهان ٿو ته هن دور ۾ جڏهن سنڌ لاوارثيءَ ۽ يتيميءَ جي ڪيفيت کي ڀوڳي رهي آهي، تڏهن علي قاضي ماڻهن کي ميڙي مُٺ ڪرڻ وارو ڪم ڪري سنڌ لاءِ اميد جي هڪ نئين ڳڙکي کولي آهي، جنهن منجهان ڪنهن شاندار منظر جي توقع ڪري سگهجي ٿي. پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان اميد ڀريي منظر جي جلوي کان مختلف خيال رکندڙ حتاڪه مخالف خيال رکندڙ کي به شامل ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو وڏن ڪمن جي تڪميل لاءِ ننڍڙين ڳالهين کي نظرانداز ڪرڻو پوندو آهي. سنڌ هاڻي ننڍن ننڍن ستارن کي گڏ ڪري هڪ اهڙو وڏو چنڊ ڏسڻ ٿي گهري، جنهن سان چوڏس چٽاڻو ٿي سگهي. ڇاڪاڻ جو سنڌ کي جيتري اڄ روشنيءَ جي ضرورت آهي، اوتري شايد ئي ڪڏهن اڳ رهي هجي! پر اهڙو چٽاڻو، جنهن جي منظر نگاري ڪندي ڀٽائي بادشاهه چيو هو:

    ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چٽاڻو چوڌار
    منجهين ڪاڪ ڪڪوري، منجهين باغ بهار
    ڪانهي ٻي تنوار، ٿيو مڙوئي مينڌرو
    [/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو