جواب: منهنجو تعارف حسين جوڻيجي صاحب کي سنڌ سلامت ۾ شريڪ رڪن ٿيڻ تي دل جي گهراين سان واڌايون ۽ ڀليڪار ۔۔۔ جان عالم جا لک لائق جو هو هن اڱڻ تي سهڻن سهڻن دوستن جو اضافو ڪري رهيو آهي ۔۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔ سائين جوڻيجا صاحب، سنڌ سلامت اوهانجي اوطاق آهي، جت سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار ۽ سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پاڻ ڀري ڪرڻ جي مهم جاري ۽ ساري آهي، اميد ته اوهان به پنهنجو قومي فرض ۽ ٻوليءَ جو قرض نڀائيندي، اسانجو ساٿ نڀائيندا ۽ سنڌيت جا پرچارڪ ٿي اسان سان ڪلهو ملائي هلندا ۔۔۔۔ اوهان پنهنجي ڪجهه وڌيڪ تعريف ڪيو ها ته ممڪن دوستن کي اوهان سان وڌيڪ دوستي رکڻ ۾ مدد ملي ها ۔۔۔ اوهانجا قرب ۽ اميد ته ڀيرو نه ڀڃندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: منهنجو تعارف سائين جوڻيجو صاحب اسلام عليڪم۔ادا توهان کي اسان هن پيار ڀرئي اڳڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون۔ادا جان عالم جن پنهنجي لکڻن سان هن فورم جي زينت ۾ اضعافو ڪندا رهندا آهن ۔اسان اميد ٿا ڪيون ته اوهان به هنن جي نقش قدم تي هلي پنهنجا سهڻا ليک ونڍ ڪندا۔توهان کي هن فورم تي هر قسم جي معلومات مليندي جيڪا ڪنهن ٻئي فورم تي ايڏي آساني سان مهسير نه آهي۔توهان جي لکڻن جو انتظار رهندو۔
جواب: منهنجو تعارف ڀلي ڪري آيا سنڌ سلامت جي اڳڻ تي توهان کي لک لک واڌيون ٿو ڏيان۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: منهنجو تعارف توهان سڀني دوستن جي مهرباني جو ڀليڪار چئي اميد ته سنڌ سلامت سان ساٿ هلندو رهندو۔۔ ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي
جواب: منهنجو تعارف محترم حسن جوڻيجو صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ اميد ته سنڌ سلامت اوهان جي اعتماد تي پورو لهندي ۽ سنڌي ادب جي نماء سان گڏ سنڌ جي مسئلن کي نمايان ڪندي رهندي۔ اميد آهي ته اوهان به پنهنجي لکڻين، پنهنجي خيالن ۽ بهترين راين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت