• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسڪائيپ تي رهي ڪري فيس بوڪ دوست کي ڪال ڪيئن ڪجي۔۔۔؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڪجهه ڏينهن اڳ مون سنڌ سلامت جي دوستن کي ٻڌايو هيو ته فيس بوڪ ۽ اسڪائيپ پاڻ ۾ معاهدي ڪرڻ کانپوءِ هڪ ٻئي جي رڪنن کي وڊيو ڪال ڪرڻ جي سهولت ڏني آهي۔۔۔

facebook_skype_chat-180px-5192878.jpg

جنهن کان پوءِ هڪ دوست فون ڪري شڪريو ادا ڪيو ته توهان فيس بوڪ جي سمورن دوستن جا نمبر هڪ ئي ڪلڪ تي ڏيکارڻ جو طريقو به سيکاريو ته انهن کي وڊيو ڪال به سيکاري پر هڪ سوال اڃان آهي ته جيڪڏهن فيس بوڪ ۽ اسڪائيپ معاهدو ڪيو آهي ته پوءِ اسڪائيپ تي رهي ڪري فيس بوڪ دوست کي ڪال ڪيئن ڪجي۔۔۔؟ به سيکاريو۔۔۔

ان دوست ۽ سنڌ سلامت جي مڙني رڪنن لاءِ ٽيوٽرل حاضر آهي۔۔۔
سڀ کان پهريان ته توهان وٽ اسڪائيپ جو ڪو به تازو ورجن هجي۔۔۔ جتي لاگ ان ٿيو۔۔

skype-login.png

جنهن کان پوءِ اسڪائيپ تي توهان جي ڪانٽيڪٽس مٿان موجود فيس بوڪ ٽيب کوليو ۽ connect to facebook بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔ سامهون ئي ڊيٽيل ايريا ۾ توهان کان فيس بوڪ اي ميل ۽ پاسورڊ پڇيو ويندو۔۔۔ جيڪو لکي لاگ ان بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

skype-login-facebook.PNG

هتي ٿي سگهي ٿو توهان کان اسڪائيپ ذريعي لاگ ان ٿيڻ جي اجازت گهري وڃي ۔۔۔ ۽ اجازت ڏيڻ سان ٿوري ئي دير ۾ توهان اسڪائيپ تي رهي ڪري فيس بوڪ تي لاگ ان ٿي ويندو۔۔ ۽ اسڪائيپ تي ئي فيس بوڪ تي لاگ ان ٿيل دوست ۽ سمورن دوستن جا اپڊيٽس ڏسي سگهندو۔۔۔

facebook-skype-home.PNG

هاڻي چاهيو ته دوستن جي وال اپڊيٽس کي لائيڪ ڪريو، انهن تي ڪمينٽس ڪريو، پنهنجي وال تي اپڊيٽ ڪريو يا وري فيس بوڪ تي موجود دوست کي ڪال ڪريو۔۔۔ اهي سمورا عمل توهان اسڪائيپ تي رهي ڪري به ڪري وٺندو۔۔۔

facebook-skype-video-call.png


جيڪڏهن دوست اڃان مونجهاري جو شڪار هجن ته حاضر آهي ان ساڳئي عمل جي مڪمل وڊيو۔۔۔

 
جواب: اسڪائيپ تي رهي ڪري فيس بوڪ دوست کي ڪال ڪيئن ڪجي۔۔۔؟

ادا رشيد سنڌ سلامت جو ٺهيل آهي اسڪائپ تي؟
مهرباني اهڙي ونڊ ڪرڻ جي
 
جواب: اسڪائيپ تي رهي ڪري فيس بوڪ دوست کي ڪال ڪيئن ڪجي۔۔۔؟

تمام سولي نموني ڪارائتيون ڳالهيون سيکاريون آهن اوهان۔

اڄ ڪوشش ڪري دوستن کي ڪال ڪري ڏسبو۔ وڌيڪ ڪنهن مونجهاري جي صورت ۾ اوهان سان رابطو ڪبو۔
 
جواب: اسڪائيپ تي رهي ڪري فيس بوڪ دوست کي ڪال ڪيئن ڪجي۔۔۔؟

ادا تمام بهترين ء سهڻي نموني سان سمجهاڻي
تمام بهترين ادا
 
جواب: اسڪائيپ تي رهي ڪري فيس بوڪ دوست کي ڪال ڪيئن ڪجي۔۔۔؟

تمام سولي نموني ڪارائتيون ڳالهيون سيکاريون آهن اوهان۔
 
جواب: اسڪائيپ تي رهي ڪري فيس بوڪ دوست کي ڪال ڪيئن ڪجي۔۔۔؟

ڪجهه ڏينهن اڳ ئي مون جي هڪ دوست آهي ان اها ڳالهه مون سان ڪئي هئي پر اهو ايترو به هوشيار نه آهي مطلب مون سمجهيو ته ڪا ٻئي ڳالهه هوندي اهو دوست سمجهي نه سگهيو اهي پر توهان جي سمجهائڻ سان اصل حقيقت ئي ظاهر ٿئي پئي

لاجواب ونڊ اهي ادا

سدائين گڏ
 
Back
Top