• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي ڪوڙي ڊوميسائيل تي ڪامياب ٿيندڙ پنجاب جا اميدوار

شبير جتوئي

سينيئر رڪن
ناانصافيون ته سنڌين سان ٿينديون پيواچن، پرتازي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ هيٺيان پنجابي اميدوارسنڌجي ڊوميسائيل تي حصووٺي ڪامياب ٿياآهن۔

1۔ مس فرح افضل الاهي
2۔ مس ثانيه همايون
3۔ مسعود همايون
4۔ خضر افضل

اسانجي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سربرا ه راڻا ڀڳوانداس ۽ چيف جسٽس پاڪستان کي اپيل ٿا ڪيون ته انهن خلاف انڪوائري ڪري سخت سزا سان گڏ سندس چٽا ڀيٽي جي امتحان ۾ ويهڻ تي هميشه جي لاء پائبندي هنئين وڃي ۽ انهن جي جاء تي سنڌ ي اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو وڃي۔
 
جواب: سنڌ جي ڪوڙي ڊوميسائيل تي ڪامياب ٿيندڙ پنجاب جا اميدوار

اوهانجي اپيل سان گڏ اسان سنڌ سلامت جي سڀني دوستن جا هٿ مٿي آهن ۔۔۔ وس وارن کي اها اپيل ٿي ڪجي ته ان معاملي کي جلد ڏٺو وڃي ته جيئن حقدارن کي حق ملي ۔۔۔ ۽ سنڌ جي خيرخواهه تنظيمن کي پڻ ان سلسلي ۾ اڳتي اچي ڪي قدم کڻڻ گهرجن ۔۔۔

سنڌ اڳي ئي بي روزگاري ۽ ناانصافين مان گذري پئي مٿان وري ڌارين جو ارهه زورايون پڻ اسانکي تباه و برباد پيون ڪن ۔۔۔ اسانکي اکيون کولي هر معاملي تي نظر رکڻي پوندي ۔۔

لک ٿورا دوست
 
جواب: سنڌ جي ڪوڙي ڊوميسائيل تي ڪامياب ٿيندڙ پنجاب جا اميدوار

اوهان هڪ اهم معاملي طرف ڌيان ڇڪايو آهي ۔۔۔۔۔ مهربانيون

اسان وس وارن، راڻا ڀڳوانداس ۽ ٻين اختيارين کان اهو مطالبو ٿا ڪيون ته هن ڳالهه جي مڪمل ۽ غير جانبدار تحقيقات ڪرائي معاملي جي پاڙ تائين پهچي ان ۾ شامل سڀني ماڻهن کي سزا ڏياري وڃي۔
 
Back
Top