• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايئر بليو جو حادثو، بريڪنگ نيوز جو فيشن ۽ ڪي ٽي اين ڪاوش گروپ!

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
جڏنهن کان اليڪٽرانڪ ميڊيا جو زور هن مُلڪ ۾ وڌيو آهي تڏنهن کان بريڪنگ نيوز جو فيشن به زور پڪڙڻ لڳو آهي. ۽ انهي ڊوڙ ۾ ٿوري گهڻي فرق سان سڀ ٽي وي چئنل لڳي ويا آهن. انهي جا ڪڏنهن ڪڏنهن ته تمام دلچسپ ۽ کل جوڳا نتيجا به سامهون ايندا آهن جڏنهن ڪنهن چئنل پاران ڪا بريڪنگ نيوز ڪوڙي نڪري يا بلڪه اُها نيوز هوندي ئي ناهي ۽ پوءِ ڪڏنهن ترديدون ته ڪڏنهن وري انهي خبر کي ئي گول ڪيو ويندو آهي. ۽ خاص طور تي مسئلو انهن نيوز چئنلز سان ٿيندو اهي جن جون پنهنجون اخبارون به آهن ۽ هڪ ڏينهن بريڪنگ نيوز طور ڏِنل ڪا خبر ٻي ڏينهن يا ته سندن اخبار ۾ هوندي ئي ناهي يا وري انهي جي بلڪل اُبت خبر هُجي ٿي. انهي ڊوڙ ۾ اڄڪلهه سڀ کان وڏي اُردو چئنل جي دعوى ڪندڙ هڪ چئنل ته ايترو ته اڳتي نڪري ويو آهي جو هڪ لطيفو به ٺهيو آهي ته “ڪراچي ۾ جون مهيني ۾ برف ڪِري، تفصيل موجب هڪ همراه سائيڪل تي برف کنيو پئي ويو ته سائيڪل تان برف ڪِري پئي”.
انهي ڊوڙ ۾ سنڌي ميڊيا جو وڏو نالو يعني ڪي ٽي اين ڪافي پوئتي آهي. جنهن جو ثبوت ڪاوش سالگره 2011 جي ايڊيشن ۾ لاهور جي بيورو رپورٽر امداد سومرو جو هڪ آرٽيڪل به آهي جنهن ۾ هُن پاڻ اهو اعتراف ڪيو آهي ته اڪثر صحافي بريڪنگ نيوز جي چڪر ۾ غلط يا غير تصديق خبرون هلائي پوءِ پيا پشيمان ٿيندا آهن. ۽ هو اهو به چئي ٿو ته هُن پاڻ ڪافي دفعا اداري جي اسرار باوجود هو ڪجه خبرون رپورٽ نه ڪيون ۽ اداري کي به جهليو ته اهي خبرون بريڪنگ نيوز ۾ نه ڏجو ڇو ته انهن ۾ ڪا صداقت ناهي. نتيجو اهو نڪتو ته جنهن جنهن چئنل اها خبر بريڪنگ نيوز طور ڏني اُها غلط نِڪتي ۽ ڪي ٽي اين اها خواري کڻڻ کان بچي وئي. انهي ۾ نواز شريف جي هڪ پريس ڪانفرنس سرِفهرست آهي.

sndhdj.jpg

16c9qiv.jpg


پر ڪڏنهن ڪڏنهن ڪي نيوز چئنل (جِن ۾ وري ڪي ٽي اين سرِفهرست آهي) اهڙيون خبرون به بريڪ ڪندي آهي جيڪي بلڪل صحيح هُجن ٿيون يا وري اهڙا وڊيو ڪلپس ڏي ٿي جنهن کي ڏسي اچرج ٿيئي ٿي ته اهي هنن ڪيئن حاصل ڪيون. پر شايد اهو ئي سندن ڪاميابي جو راز آهي ته هو اهڙين خبرن کي بريڪ ڪرڻ تي به پاڻ پڏائڻ جي روايت نه ٿا ڪن. ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ مختلف وقتن تي ڏهارا ملهائي دليون کٽيون آهن ۽ سنڌين کي يڪتا جي مظاهري جو درس ڏنو آهي. جيڪا مٿي ذڪر ٿيل هڪ اُردو چئنل ۾ ڪُجهه سوائي آهي. ڪا خبر شل نه بريڪ ڪن ۽ اُها صحيح نڪري ته انهي ڪارنامي تي هفتو کن وڏي رپورٽ پيا هلائيندا ۽ حج کٽڻ جو جشن ملهائيندا.
ڪجه ڏينهن پهرين ڪي ٽي اين تي هڪ وڊيو ڪلپ هلي جنهن ۾ شهداد پور کان ايندڙ وين کي وائرنگ شارٽ ۽ پوءِ سي اين جي سئليندر ڦاٽڻ جي ڪري باه لڳي وئي، ڪي ٽي اين اها خبر ۽ انهي جي وڊيو به هلائي. مون سميت سڀني کي حيرت ٿي ته اها وڊيو انهن کي ڪيئن ملي هوندي پر منهنجي دوست گورڌن ولاسائي ٻڌايو ته هو نوابشاهه کان حيدرآباد پئي آيو ته انهي بدنصيب وين کيس اوور ٽيڪ ڪيو ۽ باهه لڳي وئي. هُن اهو منظر موبائيل ڪئميرا ۾ رڪارڊ ڪري ورتو ۽ ڪي ٽي اين کي موڪلي ڏني جتان اها نشر ٿي وئي.
ايئن ئي اڄ منهنجي سئوٽ محمد علي ٻُڌايو ته بي بي سي تي 28 جولاءِ 2010 تي ايئر بليو سان ٿيل حادثي جي خبر آئي آهي. بي بي سي جي ويب سائيٽ تي ڏٺم ته خبر پئي ته وزيرِدفاع تصديق ڪئي آهي ته ايئر بليو جي حادثي جي انڪوائري مُڪمل ٿي چُڪي آهي ۽ رپورٽ 15 ڊسمبر 2011 تي عوام آڏو پڌري ڪئي ويندي پر بي بي سي کي ڪنهن ساک رکندڙ ذريعي ٻُڌايو آهي ته پائليٽ جي غلطي سبب حادثو پيش آيو. ڇو ته جنهن ڏينهن اهو حادثو پيش آيو انهي ڏينهن اسلام آباد جي موسم تمام خراب هئي ۽ ڌنڌ سبب انهي کان پهرين به ٽي جهاز بنا ليندنگ پاس موتايا ويا. ۽ هن جهاز جي پائلٽ کي به اهو چيو ويو پر اهڙي صورتِحال ۾ اهو پائلٽ تي هوندو آهي هو ليندنگ ڪري يا نه؟ مطلب ته هو سمجهي ٿو ته لينڊنگ ٿي ويندي ته ڪري نه ته موتي وڃي. پر هن سينيئر (پي آئي اي جي رٽائرڊ 64 ساله پرويز اقبال چوڌري) پائليٽ سمجهيو ۽ چيو ته آئون لينڊنگ ڪري ويندس ۽ مون کي رن وي نظر اچي رهيو آهي. هيٺان گائيڊ ڪندڙ ڪنٽرول ٽاور کي ريڊار جي توسل سان جڏنهن اهو اطلاع مليو ته جهاز جو رخ صحيح ناهي ته انهن فورن پائيلٽ کي ٻڌايو. پر پائلٽ وري به چيو ته آئون رن وي ڏسان پيو. هاڻي هن رپورٽ ۾ ظاهر ٿيو آهي ته دراصل ڌنڌ سبب پائليٽ اسلام آباد جي هڪ مين شاهراه کي رن وي سمجهيو ۽ بضد رهيو ته لينڊنگ ممڪن آهي پر هو تيستائين ايترو اڳتي نڪري ويو جو مٿي وڃن يا رُخ مٽائڻ به ممڪن نه رهيو ۽ آخرڪار مارگلا پهاڙن سان ٽڪرئي پاڻ تباه ٿي 152 انساني جانين جو به زيان ڪري ويو.

2ui96z5.jpg


هتي وڪي ميپ وارن جي نقشي ذريعي سمجهايل آهي ته رن وي ڪهڙو هو ۽ پائليٽ ڪيئن هڪ هاءِ کي رن وي سجهيو ۽ سامهون مارگلا هِل طرف هليو ويو۔ تير سان اُهو هاءِ وي ڏيکاريل آهي جنهن کي پائليٽ رن وي سمجهيو۔

346ayoj.jpg


جڏنهن اهو سڀ پڙهيم ته لڳو ته اهو سڀ منهنجو ٻڌل آهي يا پڙهيل آهي. ٿورو ذهن تي زور ڏنم ته ياد آيو ته اها خبر ته ڪاوش حادثي جي ٻي ڏينهن ئي ڪاوش رپورٽ ڪئي هئي.

m8zs51.jpg


هتي اهو واضح ٿئي ٿو ته ڪاوش گروپ ڪيترو جلدي ايڏي اهم خبر ڪيڏو جلدي ڏني جيڪا عوام آڏو گورنمنٽ هاڻي ظاهر ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. پر پاڻ پڏائڻ جي روش کان پري هن اداري شايد رُڳو پنهنجي ڪم سان ڪم رکيو آهي. نه ته هن ڪارنامي تي ڪو ٻيو ادارو ته جشن ملهائي ها!
 
جواب: ايئر بليو جو حادثو، بريڪنگ نيوز جو فيشن ۽ ڪي ٽي اين ڪاوش گروپ!

بلڪل جڏهن کان هي بريڪنگ نيوز شروع ٿيون آهن ته آزار ٿي ويو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

مون کي به چينلن تي گهٽ يقين هوندو آهي تنهنڪري لاڳاپيل دوستن کي فون ڪري خبر جي تصديق ڪندو آهيان۔ منهنجي لنڊن ۾ رهندڙ دوست مونکي چيو هو ته فارين جا دوست مونکي Man from Breaking News Country سڏيندا آهن۔

اسان جي ميڊيا شايد پاڻ کي ايترو ته ڪيرائي ڇڏيوو آهي جو ڪوبه سندن خبرن تي يقين ڪونه ٿو ڪري جيستائين ٻاهريان ملڪ ۽ انهن جون خبر رسان ايجنسيون تصديق نه ڪن۔
 
جواب: ايئر بليو جو حادثو، بريڪنگ نيوز جو فيشن ۽ ڪي ٽي اين ڪاوش گروپ!

بلڪل جڏهن کان هي بريڪنگ نيوز شروع ٿيون آهن ته آزار ٿي ويو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

مون کي به چينلن تي گهٽ يقين هوندو آهي تنهنڪري لاڳاپيل دوستن کي فون ڪري خبر جي تصديق ڪندو آهيان۔ منهنجي لنڊن ۾ رهندڙ دوست مونکي چيو هو ته فارين جا دوست مونکي Man from Breaking News Country سڏيندا آهن۔

اسان جي ميڊيا شايد پاڻ کي ايترو ته ڪيرائي ڇڏيوو آهي جو ڪوبه سندن خبرن تي يقين ڪونه ٿو ڪري جيستائين ٻاهريان ملڪ ۽ انهن جون خبر رسان ايجنسيون تصديق نه ڪن۔
 
جواب: ايئر بليو جو حادثو، بريڪنگ نيوز جو فيشن ۽ ڪي ٽي اين ڪاوش گروپ!

هر ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر جيڪڏهن خبرن جو چينل ائين نه ڪري ڊوڙ ۾ بلڪل پوئتي رهجي ويندو۔۔۔ گهڻا چينل ته پنهنجي ٽاڪ شوز ۾ جذباتي ۽ ڪاوڙ تي قابو نه رکندڙ سياسي پارٽين جي ميمبرن کي گهرائيندا آهن ۽ انهن کي هڪ ٻئي تي تنقيد ڪرڻ جو کليو موقعو به ڏيندا آهن پر جي ڪو سندن ور نه چڙهندو آهي ته مختلف جذباتي ماڻهن کي براه راست فون ڪري ٻئي جي ڳالهه ڪندي سندن جذباتي موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۔۔۔ ۽ اهڙي طرح سندس لاءِ بريڪنگ نيوز سان گڏو گڏ سندن جي اخبار جي هيڊ لائين سرخي پڻ ملي پوندي آهي۔۔۔

پر دوستو توهان ايترو به نه گهٻرايو جو ان معاملي ۾ اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪ انڊيا کان پوءِ به ڪئي درجا پوئتي آهيون۔۔۔ شڪر ڪريو جو ڪيبل وارا ان ملڪ جا نجي خبرن جا چينل ڏيکارڻ جو انتظام نه ٿا ڪن۔۔۔ نه ته هتي به بلڊ پريشر جي بيماري عام هجي۔۔۔
 
جواب: ايئر بليو جو حادثو، بريڪنگ نيوز جو فيشن ۽ ڪي ٽي اين ڪاوش گروپ!

چيو وڃي ٿو ته هي زمانو ميڊيا جو زمانو آهي ۔۔۔ اڄڪلهه اليڪٽرڪ يا اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ان سان گڏ انٽرنيٽ سڀني ملي دنيا ۾ هڪ انقلاب برپا ڪيو آهي ۔۔۔ تازو عرب دنيا ۾ ايندڙ سڀ انقلاب هن ميڊيا جو ئي ڪمال آهن ۽ ميڊيا جي بدولت ئي سموري دنيا هڪ گلوبل وليج سڏجڻ لڳو آهي ۔۔۔

تازو يمن جي هڪ نوجوان ڇوڪري ميڊيا جي مدد سان نه فقط انقلابي راهون همواري ڪيو بلڪ دنيا جو نوبل پرائيز ايوارڊ به ماڻي ورتو ۔۔۔۔

هن سٺي وٺ سٺ ۾ ڪٿي ميڊيا جو غلط استعمال ته ڪٿي انجو صحي استعمال ٿئي ٿو ۔۔۔ انسان جي فطرت ۾ آهي ته هو هر شئي کي ڪهڙي رويي سان استعمال ٿو ڪري، سٺو انسان هر شئي جو سٺو استعمال ڪندو ۽ برو برائي سان ۔۔۔

پر پو به ميڊيا جا شڪرانا جو هن انسان کي هڪ ٻئي جي ويجهو ڪري وڌو آهي ۔۔۔۔

دوست حفيظ جو سٺو ۽ پيرائتو ليک پڙهي تمام سٺو لڳو ۔۔۔ رهيو سوال بريڪنگ نيوز جو ته اسانجي ملڪ ۾ ڪجه وڌيڪ ئي آهي ۽ جيو جي پيروي ڪندي اسانجا سنڌي چينل به پاڻ ملهائي رهيا آهن ۔۔۔ پر پو به سي اين اين جهڙا چينل به بريڪنگ نيوز جي هٿيار کي استعمال ضرور ڪنٿا ۔۔۔۔ تازي خبر کي پيش ڪرڻ ۽ جلد جلد کان پيش ڪرڻ جو مقابلو جاري آهي ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top