Abdul Wahid Soomro
سينيئر رڪن
غزل
عادت جداجدا آ ۽ فطرت جداجدا۔
ھر ڪنھن جي ٿيندي آھي طبيعت جداجدا،
کولي نقاب ڪيو ھي غنيمت جداجدا،
ملندي رھي اسانکي سعادت جداجدا۔
ناڪام زندگي کي ٿو سزا بس ڀائيان،
اھڙي ڪئي تو مونسان عداوت جداجدا۔
ھاڻي رھيو نه آھي ڪو ھمدرد ڇا ڇوان،
دنيا وارن لڳائي آ تھمت جداجدا۔
ٿو بي قرار ھردم رھان تو سوا صنم،
اھڙي ڏني تو مونکي چاھت جداجدا۔
سڀ ڪجھ لٽايو مون جنھن جي ته پيار ۾،
ان پيار جي آھاڻي حقيقت جداجدا۔
رخسار تي سا زلفن جي ھلچل ياد آ،
سرعام جا ڪئي تن شرارت جداجدا۔
مجروح کي تو مجبور اھڙو ڪيو مٺا،
جيئڻ لا تنھن کي گھرجي شجاعت جداجدا۔
عادت جداجدا آ ۽ فطرت جداجدا۔
ھر ڪنھن جي ٿيندي آھي طبيعت جداجدا،
کولي نقاب ڪيو ھي غنيمت جداجدا،
ملندي رھي اسانکي سعادت جداجدا۔
ناڪام زندگي کي ٿو سزا بس ڀائيان،
اھڙي ڪئي تو مونسان عداوت جداجدا۔
ھاڻي رھيو نه آھي ڪو ھمدرد ڇا ڇوان،
دنيا وارن لڳائي آ تھمت جداجدا۔
ٿو بي قرار ھردم رھان تو سوا صنم،
اھڙي ڏني تو مونکي چاھت جداجدا۔
سڀ ڪجھ لٽايو مون جنھن جي ته پيار ۾،
ان پيار جي آھاڻي حقيقت جداجدا۔
رخسار تي سا زلفن جي ھلچل ياد آ،
سرعام جا ڪئي تن شرارت جداجدا۔
مجروح کي تو مجبور اھڙو ڪيو مٺا،
جيئڻ لا تنھن کي گھرجي شجاعت جداجدا۔