• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نظمٌ

سنڌي نور

سينيئر رڪن
اڃايل روح


رات آڪاش جي ارمانن تي
ڪاڪ مٿي
ڪي ماڪ ڦڙا پيا ها
۽ هن روئي ڏنو هو
پنهنجي قسمت تي
ڪنهن مومل۔۔۔
من ته هيو
صدين کان
اڃايو ڪاڪ جو
پر نه ٿي آس پوري
ڀل کڻي ٿي آڪاش
ڀڄايو ڪاڪ کي
روح هيو
هيو اڃايل ۽ اڃايل ئي
رهجي ويو​


سنڌي نور

منهنجي هي نظم هڪ طرح سان اهڙي پس منظر کي ظاهر ڪري ٿي ته اسان پاڻ جنهن ڪفيت ۾ هجون ٿا ته پورو عالم اسان کي ان ڪفيت ۾ نظر اچي ٿو، اسان خوش ته سڄو جهان خوش۔
هن نظم ۾ اگر ڪا غلطي هجي ته پنهنجي قيمتي راء سان منهنجي حمت افزائي ڪندا ته جيئن مان اڳتي اڃان وڌيڪ بهتر لکي سًگهان۔ نور
 
جواب: نظمٌٌٌ

ڀيڻ نور جا احساس ته سمجهه ۾ اچن ٿا ۽ سندس اها ڳاله به دل سان لڳي ٿي ته جي ماڻهونءَ جو پنهنجو جيءَ ڏکاريو يا تنگ ته دنيا به کيس ڏکياري يا تنگ نظر اچي ٿي ۔۔۔ احساس ۽ ڀوڳنائون انسان جي اکين تي قبضو ڪري وٺن ٿا ۽ پوءِ ساڳيو رنگ چڙهي وڃي ٿو سموري ڪائنات تي ۔۔

نثري نظم جي جوڙجڪ تي ته اسانجا شاعر دوست ڳالهائي سگهن ٿا ۔۔۔ باقي لفظن ۾ لڪل احساس اسانکي پنهنجي سحر ۾ وٺڻ لئه ڪافي آهن ۔۔


لک ٿورا محترم نور صاحبه ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: نظمٌٌٌ

رات آڪاش جي ارمانن تي
ڪاڪ مٿي
ڪي ماڪ ڦڙا پيا ها
۽ هن روئي ڏنو هو
پنهنجي قسمت تي
ڪنهن مومل۔۔۔
من ته هيو
صدين کان
اڃايو ڪاڪ جو
پر نه ٿي آس پوري
ڀل کڻي ٿي آڪاش
ڀڄايو ڪاڪ کي
روح هيو
هيو اڃايل ۽ اڃايل ئي
رهجي ويو

احساس ۽ وري انهن اهساسن ۽ جذبن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ به هڪ هنر آهي، جيڪو ادي نور خوب ڄاڻي۔ بهترين سٽون آهن باقي نظم جي ڇنڊ ڇاڻ ته ڪو شاعر دوست ئي ڪري سگهي ٿو خاص ڪري سائين نثار ناز جيڪو پنهنجي صنم کي پرچائڻ ۾ پورو آهي ۽ اڄڪلهه سنڌ سلامت تي گهٽ ڀيرو پيو ڀري۔
 
جواب: نظمٌٌٌ

رات آڪاش جي ارمانن تي
ڪاڪ مٿي
ڪي ماڪ ڦڙا پيا ها
۽ هن روئي ڏنو هو
پنهنجي قسمت تي
ڪنهن مومل۔۔۔
من ته هيو
صدين کان
اڃايو ڪاڪ جو
پر نه ٿي آس پوري
ڀل کڻي ٿي آڪاش
ڀڄايو ڪاڪ کي
روح هيو
هيو اڃايل ۽ اڃايل ئي
رهجي ويو

احساس ۽ وري انهن اهساسن ۽ جذبن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ به هڪ هنر آهي، جيڪو ادي نور خوب ڄاڻي۔ بهترين سٽون آهن باقي نظم جي ڇنڊ ڇاڻ ته ڪو شاعر دوست ئي ڪري سگهي ٿو خاص ڪري سائين نثار ناز جيڪو پنهنجي صنم کي پرچائڻ ۾ پورو آهي ۽ اڄڪلهه سنڌ سلامت تي گهٽ ڀيرو پيو ڀري۔
 
جواب: نظمٌ

مهرباني ڀاء واحد سومرو، نثار ابڙو، عاشق سولنگي ۽ ڀاء سليمان وساڻ ٿورا توهان جا جو منهنجي هن عام لفظن جي ميڙ کي بهتر سمجهو
 
Back
Top