سنڌڙي مـــنهنجي سانئــڻ! توســان ناتــو شــال نڀايـان
ناتـــو شــال نڀـــايان، الا، جهوليءَ چنــــڊ جهـــلايــــان
ساههُ به تو ۾، شاهُه به تو ۾، تو ۾ سڀ ڪجهه پايان
تنهنجي مٽيءَ منجهه ملان جي، ڀاڳ ڀليرا ڀــــايـــان
ڪينجهر ۽ ڪارونجهر جا، سنـــڌوءَ کي سُور سڻايان
مٺڙي تنهنجو کير پياريل، مُرڪي شـــالَ ملـــهايـــان
انڌ نگـــرَ ۾ آهُـــون ڀريـــان، ٿـــر بـــر باهـــه لـــڳايـــان
وايـــن جـــا ورلاپ اُٿـــــاري، ڏاڍن کي ڏهـــڪايــــان
دارَ ڏســــان ديـــوانو بــڻــــجان، ”اَنــــاالــــحق“ الايـــــان
مون ۾ تون موجود ازل کان، بيوس ڪيئن سڏايان
سنڌ سلامت سٿ پاران سنڌي ٻوليء جي وڏي شاعر ۽ ليکڪ محترم تاجل بيوس جي ٽين ورسيء جي موقعي تي کيس سلام پيش ڪجي ٿو۔ تاجل بيوس سنڌ جي انهن شاعرن مان آهي جن وائي، گيت، هائڪي، ٽيڙو، چئو سٽن ،نظم ۽ نثري نظمن ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام ٺاهيو۔
تاجل بيوس تي مڪمل مضمون پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪيو۔
محترم شمشير الحيدري ، تاجل جي آخري آرامگاه کي حسرت سان ڏسندي
ناليوارو شاعر شمشير الحيدري ، هدايت بلوچ ، تاج محمد وساڻ ۽ ٻيا تاجل جي پهرين ورسيء جي موقعي تي سندس آخري آرامگاه چوڪنڊيء ۾ سندس مغفرت لاء دعا گهرندي
مان ناچيز تاجل جي آخري آرامگاه چوڪنڊيء تي